سوچ ويچار ۽ راءِ جي معاملي ۾ سنڌ اندر ”جٿائي سوچ“ وڌي رهي آهي. سوچ ۽ خيال جي آزاديءَ جون ڳالهيون ڪندڙ پاڻ به ”سوچ ۽ راءِ“ ۾ جٿائي طرز تي هلن ٿا. جٿي مان جيڪڏهن ڪنھن هڪڙي فرد جي راءِ ظاهر ٿئي ته پڪ سمجهو باقي سڄي جٿي جي راءِ ۽ سوچ به اها ئي هوندي. سوچ ۽ راءِ جو اهو انداز طالباني آهي. سماجي نفسيات دان سوچ ۽ راءِ جي ان انداز کي ”گروپ ٿنڪنگ“ چوندا آهن. اهڙا فرد ساڳين ٺوس حقيقتن تي تـ متفق هوندا ئي آهن، پر مفروضن تي به سندن وچ ۾ ڪوئي اختلاف ۽ فرق ناهي هوندو. هو ايترا ته هڪٻئي سان متفق ۽ يڪراءِ هوندا آهن جو کين معاملن جا هڪٻئي کان تفصيل پڇڻ جي به ضرورت ناهي پوندي.
سنڌ ۾ راءِ عامــ جوڙيندڙ ۽ راءِ عامـ تي اثر انداز ٿيندڙ اهڙا ننڍا ۽ وڏا جٿا پنھجي راءِ ۽ موقف سان آسانيءَ سان سڃاڻي سگهجن ٿا. خيال ۽ نظرئي جي هڪجھڙائي ۽ هم آهنگي فطري هوندي آهي، پر اڪثر معاملن تي متفق ۽ يڪراءِ هجڻ ان ڳالهه جو چٽو ثبوت آهي ته اها فرد جي نـ پر جٿي جي سوچ آهي. سنڌ مان سوشل ميڊيا تي اهڙن جٿن جو اندازو لڳائڻ ڪو گهڻو مشڪل ڪم ناهي. شعر جي پسند ناپسند کان وٺي ڪنھن نثري تحرير جي پسند ناپسند ۽ تشھير جٿائي انداز ۾ ٿئي ٿي. ڪھڙي معاملي تي ڪھڙو موقف آهي، اهو به فرد جي آزاديءَ سان نـ جٿي جي صورت ۾ سامهون اچڻو آهي.
فڪري آزادي ۽ اظھار جي آزادي سٺا ميوا آهن، انهن جو ذائقو هر نفس کي انفرادي چکڻو آهي، پر سنڌ ۾ اهو ڪم جٿائي انداز ۾ ٿئي ٿو. اهڙن جٿن وٽ خيال پوءِ ايندو آهي، سوچيندا پوءِ آهن، متفق پھرين ٿيندا آهن ايتري قدر جو ان سوچ جو اظھار به پوءِ ڪندا آهن، پر متفق ان کان اڳ ڏسبا آهن. جي متفق نه به هوندا آهن ته پنھنجي مختلف هجڻ جو کليل اظهار ناهن ڪندا. جٿائي سوچ جي زور وٺڻ ڪري راءِ عامـ گدلاڻ جو شڪار ٿي رهي آهي. فرد جي وجود کان انڪار زور وٺي رهيو آهي. فرد جي دانش، سمجهه ۽ راءِ کي اهميت ملڻ بجاءِ جٿي جي اهميت وڌي رهي آهي. جٿي جو شور ئي حقيقت طئـ ڪري رهيو آهي ته هيءَ حقيقت آهي، هيءَ ناهي. حقيقت کي ڌنڌلو ڪرڻ، لڪائڻ ۽ ڊاهڻ جو ڪم به جٿو ئي ڪري رهيو آهي.
جٿا ايترا منظم آهن جو جيڪڏهن مختلف جٿي مان ڪو ئي توهان سان متفق ٿيو ته ٻئي جٿي واري جو پاڻمرادو اختلاف ٿي ويندو. اختلاف ايترو شديد ٿي ويندو جو توهان پريشان هوندا ته مون ته اهڙي ڪا مخالف ۽ مختلف ڳالهه ڪئي ناهي، فقط اها ڳالهه چئي ۽ لکي آهي جيڪا شديد اختلاف ڪندڙ ڪئين موقعن تي پاڻ به ڪري چڪو/چڪي آهي، پر پوءِ به هن جو توهان سان اهو اختلاف ٿي چڪو ھوندو، جو توهان جي راءِ سان مخالف جٿي وارا متفق ٿي پيا آهن. سنڌ اندر اهڙا ڪئين ادبي ۽ نظرياتي جهيڙا ويجهڙ ۾ ويجهي کان ڏسڻ جو موقعو مليو آهي. ھتي لفظ جهيڙا هتي استعال ٿي ويو آهي ان کي توهان فڪري ۽ نظرياتي اختلاف به چئي سگهو ٿا.
تقريبن، پروگرامن ۽ ميلن ۾ اچبو وڃبو به جٿي سان، جيڪڏهن ڪنھن ٻئي سوچ ۽ فڪر جي جٿي وارو اتي اچڻو هوندو ته اتي نه وڃبو. خيال، سوچ ۽ راءِ جا جيڪي مختلف رنگ آهن، جيڪا گوناگونيت آهي، ان جو چڱن هٿن هٿان قتل عام ٿي رهيو آهي. سوشل ميڊيا سوچ ۽ راءِ جي انهي انداز کي هٿي وٺرائي آهي. دوستي ياري ۾ به هاڻي اهو شرط ٿي پيو آهي ته جي پوسٽ نٿا رکو، ريشيئر ڪريو، جي ريشئر نٿا ڪريو ته گهٽ ۾ گهٽ لائڪ ڪريو. جي ٽي ئي نٿا ڪري سگهو ته پوءِ اسان سان ۽ اسان مان ناهيو. قصو مختصر، مطلب ڳالهه اها ئي ڪبي جيڪا سڄي سنگت ڪري پئي يا جيڪا جٿي جي آهي.
سنڌ ڪابينا جي هڪڙي وزير تہ جٿائي سوچ کي ايڏي ھٿي وٺائي آهي جو سواءِ سندس ذات جي هن سان ڪوئي اختلاف به نٿو ڪري. هاڻي هو پاڻ وڏ ظرفيءٓ جو مظاهرو ڪندي پاڻ تي پاڻ راءِ ڏئي ويندو آهي.
مختلف سوچڻ، مختلف راءِ رکڻ ۽ تنقيد ڪرڻ لاءِ ڪئين در پيا آهن. هروڀرو سنگت کي ناراض ڇو ڪجي، هاڻي سوشل ميڊيا تي راءِ ائين ٿي هلي. راءِ جي ايمانداري ناهي ته پوءِ اها دانش، سمجهه ۽ ڏاهپ بدعنوانن جي حڪمراني کان وڌيڪ خطرناڪ آهي. دانش جو ڪم آهي حقيقي سچ تائين پھچائڻ، جي سچ نه مليو ته باقي سڀ وندر آهي. سوشل ميڊيائي جٿا شور سان طئـ ٿا ڪن ته حقيقت ۽ سچ ڇا آهي. باقي خلق انهي طئـ ٿيل کي حقيقت ۽ سچ سمجهي اڳتي وڌائيندي ٿي رهي.
