Homeسنڌسماجسنڌ جو صوفي مزاج عورتن کي قتل ٿيڻ کان ڇو نٿو بچائي؟

سنڌ جو صوفي مزاج عورتن کي قتل ٿيڻ کان ڇو نٿو بچائي؟

اصغر سومرو
اصغر سومرو
اصغر سومرو ھڪ نامور نوجوان ليکڪ آھي، جيڪو ھڪ ئي وقت انگريزي ۽ سنڌي ٻولين ۾ تعليم، سماج ۽ ادارن جي ڪارڪردگيءَ توڙي حڪومتي پاليسين تي لاڀائتا مضمون ۽ بلاگ لکندو رھي ٿو.

توهان جو ردعمل ڇا هو، جڏهن اوھان ٽنڊو مستيءَ ۾ خالده عرف روبينا چانڊيو جي ڪارپ جي الزام هيٺ قتل جي خبر ٻڌي؟ يقيناً افسوس ٿيو هوندو، ڪاوڙ به آئي هوندي، ۽ شايد اهو به سوچيو هوندو ته اهڙا واقعا سنڌ جي “صوفي ڌرتي” واري تصور تي داغ آهن، ڀٽائيءَ جي پيغام جي سڌي ترديد۔
پر اصل ڳالهه جيڪا سمجهڻي آهي، اها آهي ته ڇا اسان جو ردعمل رڳو وقتي جذباتي اظھار تائين محدود رهي ٿو؟ جيڪڏهن ها، ته پوءِ هي صدين پراڻو سماجي ناسور ڪيئن ختم ٿيندو؟
“ڪاري ڪارو” ڪو نئون مسئلو ناهي. برطانوي دور ۾ به جنسي حدون اورانگهڻ يا رڳو تھمت هيٺ عورتن ۽ مردن کي قتل ڪيو ويندو هو. اڄ، ايڪويھين صديءَ ۾ به، اهو ئي سلسلو جاري آهي. يعني جديديت هن مسئلي کي بنيادي طور ڇھي به ناهي سگهي۔
مون کي ياد آهي ته جڏهن سنڌي ميڊيا ڪارو ڪاريءَ جا ڪيس رپورٽ ڪندي هئي، ته ڪجهه قومپرست دانشور اهو چوندا هئا ته سنڌ کي بدنام ڪرڻ جي سازش آهي۔ پر حقيقت کان اکيون ٻوٽڻ مسئلي جو حل ناهي۔ ڪارو ڪاريءَ جا واقعا رڳو سنڌ ۾ نٿا ٿين۔ عالمي سطح تي هر سال پنج هزار کان وڌيڪ عورتون ۽ ڇوڪريون نام نھاد عزت جي نالي تي قتل ٿين ٿيون، جن مان گهڻا واقعا ڏکڻ ايشيا ۽ نار جي ملڪن ۾ ٿين ٿا۔ پاڪستان ۾ 2024ع دوران لڳ ڀڳ 500 ڪيس رپورٽ ٿيا، جن مان 152 سنڌ جا هئا. انهن مان 124 عورتون ۽ 29 مرد ماريا ويا۔
اهي انگ ٻڌائن ٿا ته “ڪارپ” جي سزا گهڻي ڀاڱي عورت کي حياتي وڃائڻ جي صورت ۾ ملي ٿي، جڏهن ته مرد اڪثر ڏنڊ چٽي ڏئي بچي وڃي ٿو۔ ڇو⁠تہ فيصلا مردن جا، جرڳا مردن جا… ۽ انهن جرڳن ۾ عورت جي ڪا به نمائندگي ناهي. تنهنڪري عورت جي آواز ۽ تڪليف کي فيصلي ۾ جاءِ ئي نٿي ملي۔
خالده چانڊيو جي قتل ۾ به ساڳيو ظلم نظر اچي ٿو۔ اڪثر اهڙن ڪيسن ۾ شادي شده عورتون نشانو بڻجن ٿيون، جتي ازدواجي ناخوشي هڪ وڏو ڪارڻ هوندو آهي۔ هن ڪيس ۾ هڪ اهم پھلو اهو به آهي ته خالده جو مڙس ڪجهه مھينن کان گم ٿيل (مسنگ پرسن) هو۔ اهڙيءَ صورتحال ۾ هڪ اڪيلي نوجوان عورت جي جسماني، معاشي ۽ جذباتي ضرورتن کي سماج سمجهڻ بدران سزا ڏئي ٿو۔ پوءِ خبر ناهي انهن ڳالهين مان ڪھڙين حالتن سبب کيس ان مرد جو سھارو وٺڻو پيو، جنھن سان تعلق جي الزام هيٺ کيس قتل ڪيو ويو۔
قانوني طور ڪجهه سڌارا ضرور آيا آهن، ۽ هن ڪيس ۾ سرڪار طرفان ايف آءِ آر داخل ٿيڻ هڪ مثبت قدم آهي. ڇو⁠تہ ان سان “ولي قصاص” تحت معافيءَ جو رستو محدود ٿئي ٿو۔ پر ڪمزور جاچ، فني خاميون ۽ عدالتي تشريحون وري به قاتلن لاءِ رستو کولي ڇڏين ٿيون۔ مشھور قنديل بلوچ واري ڪيس ۾ به ائين ٿيو۔ قنديل کي قتل ڀاءُ ڪيو۔ ايف آءِ آر سرڪار پاران داخل ٿي۔ آخر ۾ قنديل جي ماءُ قاتل پٽ کي معاف ڪيو! ڏسون، هن ڪيس ۾ اڳتي هلي ڇا ٿو ٿئي.
اصل مسئلو قانون کان وڌيڪ طاقت جي ڍانچي جو آهي. ٻھراڙين ۾ جرڳا اڄ به اثرائتا آهن، ساڳيا سردار ۽ وڏيرا سياست ۾ به ويٺا آهن، غربت ۽ اڻپڙهيائي گهڻي آهي، ۽ سڀ کان اهم—عورت معاشي طور مرد تي دارومدار رکي ٿي۔ اهڙيءَ صورتحال ۾ “صوفي مزاج” رڳو شاعريءَ ۾ رهجي وڃي ٿو، عملي زندگيءَ ۾ داخل ٿيڻ کان محروم رھجي وڃي ٿو۔
شھري عورت تنظيمن جو مقتوله جي ڳوٺ وڃي همدرديءَ جو اظھار ساراھ جوڳو عمل آهي، پر هي علامتي قدم ڪافي ناهي۔ ڪارو ڪاريءَ جھڙو ناسور ڊگهي مدي واري محنت سان ختم ٿيندو. ڳوٺن ۾ موجودگي، شعور، ۽ مقامي سطح تي تحفظ جا نظام ٺاهڻ سان۔
جرڳن خلاف قانون تي عملدرآمد ڪرڻ، گواهن جي تحفظ جو مضبوط نظام ٺاهڻ، پوليس کي سياسي اثر کان آزاد ڪرڻ، ۽ عورتن جي معاشي خودمختياريءَ کي يقيني بڻائڻ کان سواءِ ڪا به حقيقي تبديلي ممڪن ناهي. ڇوڪرين جي تعليم ۽ ڳوٺن ۾ شعور جي مسلسل مھم به ان جو لازمي حصو آهي.
آخر ۾ اهو ته:
ڇا اسان جو صوفي سماج واقعي انسان دوست آهي، يا رڳو شاعري تائين محدود آهي؟
جيستائين ان سوال جو ايمانداريءَ سان جواب نٿا ڏيون، تيستائين هر نئين خالده اسان جي اجتماعي ضمير لاءِ هڪ نئون سوال بڻجي اڀرندي۔

1 COMMENT

  1. اصغر صاحب ڪو وقت هو وڏن کان ٻڌندا هءاسين ته وڍي ۽ ڪڍي ساڳي ڳالھ آھي پوء جڏهن هن ڪڌي عمل ڪاروبار جو جو رخ ورتو ته صرف عورت کي ماري عيوضي ۾ زر زمين ڦٻاءڻ جو سلسلو شروع ٿيو هن قتلام واري ڪڌي عمل ۾ پوء ڏاڍا مڙس به شامل ٿي ويا مون کي ياد آهي ته اڳ ۾ ڪاري ۽ ڪاري ٿيل مرد ٻنهي کي اکين سان برو عمل ڪندي ماريو ويندو هو پوء ڪي به راڄوڻا فيصلا نه ٿيندا هءا ان گندي عمل کي روڪڻ لاء سخت قانون ٺاهڻا پوندا ۽ان سان گڏ ان تي سختي سان عمل ڪيو ويندو ٻيو شهرن جي وڏن هوٽلن بجاء ڳوٺ ليول تي ماڻهن سان ڊاءيلاگ ڪيا وڃن ان جي ڪاميابي جا مثال اسان وٽ موجود آھن اڳ ڳوٺاڻا پنهنجي نياڻين کي تعليم ڏيڻ عيب سمجهندا هءا پر پوء اوهان ڏٺو ته نياڻين کي فخر سان پڙهايو ويو ان جو نتيجو اهو نڪتو ته هن وقت هر ڳوٺ مان اوهان کي اعلي مقام تي عورتون ڪم ڪن ٿيون ۽ انهن جا والدين انهن تي فخر ڪن ٿا

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا