ٽي 3 ۽ 4 نومبر 2026ع تي ڪراچيءَ جي بيچ لگزري ھوٽل ۾ سنڌ جي پھرين وڏي ماحولياتي ڪانفرنس ۾ شرڪت جو موقعو مليو. ھن ٻن ڏينھن واري ڪانفرنس جو اھتمام Indus Consortium ، CSSP ۽ پنجن ٻين تنظيمن گڏجي ڪيو، جنھن ۾ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻھن کي ھڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو ويو.
هن ڪانفرنس جي خاص ڳالهه اها هئي ته هتي صرف ماحوليات تي ڪم ڪندڙ ادارا ئي نه هئا، پر سياست، قانون، صحافت، ادب، ميڊيا، يونيورسٽين، ڪاروباري ادارن، سول سوسائٽي، نوجوانن ۽ مختلف برادرين جا نمائندا پڻ موجود هئا. سنڌ جي مختلف ضلعن، خاص طور ڄامشوري ۽ ٿرپارڪر سميت ملڪ جي ٻين حصن مان لڳ ڀڳ 200 ماڻهن شرڪت ڪئي.
گورنر سنڌ نهال هاشمي، ايم پي اي قاسم سومرو، سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد مري، ضمير گهمرو، ڊاڪٽر اسماعيل ڪنڀر ۽ ٻين اهم شخصيتن جي شرڪت هن ڪانفرنس کي وڌيڪ اهم بڻايو.
ڪانفرنس دوران مختلف سيشنن ۽ پينل بحثن ۾ ماحولياتي تبديلي، فوسل فيول، توانائي، پاڻي، آبھوا، ماحولياتي انصاف ۽ مقامي ماڻهن جي حقن تي تفصيلي ڳالهيون ٿيون.
هڪ پينل بحث دوران بدين جي سامونڊي پٽيءَ جي نمائندگي ڪندي هڪ مقامي سماجي اڳواڻ تيل ۽ فوسل فيول وارن علائقن جي ڳوٺن بابت هڪ اهم مسئلو سامهون آندو. هن ٻڌايو ته سمنڊ جي اڳتي وڌڻ، زمين جي ڪٽائي ۽ کارو پاڻي مٺي زمينن ۽ پاڻيءَ جي وسيلن کي متاثر ڪري رهيو آهي، جنھن سبب ڪيترن ئي ساحلي آبادين کي لڏپلاڻ ڪرڻي پئجي رهي آهي. وقت سان گڏ ڪجهه ڳوٺن جا نالا ۽ سڃاڻپون به تبديل ٿي رهيون آهن.
جڏهن ماڻهو پنھنجا اباڻا ڳوٺ ڇڏي لڏپلاڻ ڪن ٿا ته صرف گهر ۽ زمين نه ٿا وڃائين، پر پنھنجي سڃاڻپ، روزگار ۽ سماجي لاڳاپن جا مسئلا پڻ کڻي هلن ٿا. خاص طور عورتون ۽ ٻار لڏپلاڻ دوران ڪيترين ئي مشڪلاتن کي منھن ڏين ٿا. اهو صرف ماحولياتي مسئلو ناهي، پر انساني حقن ۽ سماجي انصاف جو مسئلو پڻ آهي.
ساڳيءَ ريت ماحول دوست ري سائيڪلنگ تي ڪم ڪندڙ ادارن جي ڪوششن جو ذڪر پڻ ٿيو، جيڪي ٽيڪنيڪل ادارن سان گڏجي ري سائيڪل ٿيل مواد مان نيون شيون ٺاهڻ ۽ انهن جي مارڪيٽنگ کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. اهڙيون ڪوششون نه صرف ماحولياتي گندگي گهٽائي سگهن ٿيون، پر مقامي ماڻهن لاءِ روزگار ۽ نوان معاشي موقعا پڻ پيدا ڪري سگهن ٿيون.
ٻئي طرف سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد مري پاڻيءَ جي وڌندڙ کوٽ ۽ زرعي فصلن جي چونڊ بابت هڪ اهم ڳالهه ڪئي. هن ڌيان ڇڪايو ته جڏهن دنيا ۾ پاڻيءَ جي کوٽ وڌي رهي آهي ته اسان کي پنھنجي زرعي پاليسين ۽ پاڻيءَ جي استعمال تي پڻ نظرثاني ڪرڻ گهرجي. خاص طور اهڙن فصلن بابت سوچڻ ضروري آهي، جن جي پوک لاءِ وڌيڪ پاڻي گهربل هجي.

هڪ بين الاقوامي طور سرٽيفائيڊ ٽرينر جي سيشن دوران اليڪٽرڪ گاڏين (EVs) جي بيٽرين بابت پڻ هڪ اهم نقطو سامهون آيو. ٻڌايو ويو ته انهن بيٽرين جي پيداوار، استعمال، محفوظ سنڀال ۽ ري سائيڪلنگ جا مسئلا صرف ماحول لاءِ نه، پر انساني صحت ۽ زندگيءَ لاءِ پڻ خطرا پيدا ڪري سگهن ٿا.
ڊاڪٽر اسماعيل ڪنڀر پاران پينلسٽن کان اهو اهم سوال پڻ ڪيو ويو ته انرجي منصوبن مان پيدا ٿيندڙ ويسٽ (Waste) جي محفوظ نيڪال ۽ ري سائيڪلنگ لاءِ ڪھڙي قسم جي اسٽريٽجڪ پلاننگ موجود آهي؟ افسوس جو ان سوال جو ڪو واضح ۽ اطمينان بخش جواب سامهون نه اچي سگهيو. منھنجي نظر ۾ ترقيءَ جي ڪنھن به منصوبي ۾ صرف توانائيءَ جي پيداوار نه، پر ان سان پيدا ٿيندڙ فضلي جي ذميوارانه انتظام کي به اهميت ڏيڻ ضروري آهي.
ڪانفرنس جو هڪ ٻيو اهم ۽ سوچڻ جھڙو لمحو اهو هو، جڏهن قانوندان ضمير گهمرو صاحب کان سوال ڪيو ويو ته جيڪڏهن اسان جا ماحولياتي حق متاثر ٿين ٿا ته اسان پنھنجو ڪيس ڪنھن وٽ کڻي وڃون؟ پنجنجي حقن ۽ ماحولياتي تحفظ لاءِ قانوني طور ڪنھن کان جوابدهي طلب ڪريون؟
اهو سوال پنجنجي جاءِ تي تمام اهم هو، ڇاڪاڻ ته عام ماڻهوءَ لاءِ اڃا تائين اهو واضح ناهي ته ماحولياتي نقصان جي صورت ۾ ڪهڙو ادارو ذميوار آهي ۽ انصاف حاصل ڪرڻ جو رستو ڪھڙو آهي.
پر منھنجي ذهن ۾ ان کان پوءِ به ڪجهه سوال پيدا ٿيندا رهيا.
ڇا پنھنجي ئي ڌرتيءَ، پاڻي ۽ هوا جي تحفظ لاءِ به عام ماڻهوءَ کي در در وڃڻو پوندو؟ ڇا حڪومت پنھنجي عوام کي اهو ٻڌائڻ جي ذميوار ناهي ته ماحولياتي نقصان جي صورت ۾ ڪھڙو ادارو جوابده آهي ۽ متاثر ماڻهن کي انصاف ڪٿان ملندو؟
ڪانفرنس ۾ هڪ ڳالهه اها به سامهون آئي ته جيڪو ڪم ڪريون، ان کي ميڊيا ۽ عوام آڏو ضرور آڻيون. پنھنجون ڪوششون، مسئلا، حل، ڪاميابيون ۽ تنقيد سڀ ڪجهه شيئر ڪريو، ڇو ته جڏهن توهان جو ڪم نظر ايندو ته توهان جو آواز به ٻڌو ويندو.
هن ڪانفرنس ذريعي سنڌ جي مختلف شعبن ۽ لاڳاپيل ادارن آڏو ماحولياتي مسئلا، پنھنجون ڪوششون ۽ عوامي خدشا رکيا ويا. اهو سندن سماجي ۽ عوامي ذميواريءَ جو هڪ اهم حصو هو، جنھن کي اڳتي به جاري رهڻ گهرجي.
ان ڳالهه مون کي هڪ پراڻو سنڌي پھاڪو ياد آيو ته،
جهنگ ۾ مور نچيو، ڪنھن ڏٺو؟
اسان جي سنڌ ۾ ڪيترائي ادارا پنھنجي پنھنجي محدود وسيلن ۽ صلاحيتن مطابق توانائي، فوسل فيول، موسمياتي تبديلي، پاڻي، ماحولياتي تحفظ ۽ مقامي ماڻهن جي حقن لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. پر سوال اهو آهي ته انهن جي ڪوششن جو آواز ڪيتري حد تائين ماڻهن، پاليسي ٺاهيندڙن، حڪومتن ۽ دنيا تائين پھچي ٿو؟
منهنجي نظر ۾ هن ڪانفرنس جي وڏي ڪاميابي اها هئي ته ستن ادارن جي گڏيل ڪوشش سان لڳ ڀڳ 200 ماڻهن کي هڪ ئي پليٽ فارم تي گڏ ڪيو ويو، جتي مختلف سوچن، شعبن ۽ تجربن جا ماڻهو هڪ ٻئي کي ٻڌي ۽ سمجهي سگهيا.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اهڙيون گڏجاڻيون صرف ٻن ڏينھن جي ڪانفرنس تائين محدود نه رهن، پر گڏيل حڪمت عملي، ادارن جي وچ ۾ سھڪار، مقامي غير سرڪاري تنظيمن جيڪي لوڪل هجن ۽ برادرين جي شموليت ۽ عملي قدمن شامل ڪيو وڃي.
ڄامشوري جي ٿرمل پاور پلانٽس مان پيدا ٿيندڙ گدلاڻ هجي يا ٿرپارڪر جي ڪول ۾ پاڻيءَ جا مسئلا هجن، بدين ۽ ٺٽي ۾ سمنڊ جي اڳتي وڌڻ جو خطرو هجي يا جهمپير ۽ لوڻي ڪوٽ ۾ ونڊ ٽربائنز ۽ جسٽ انرجي ٽرانزيشن (Just Energy Transition) جي منصوبن سبب مقامي ماڻهن جي زمينن، پاڻيءَ جي وسيلن ۽ گهرن تي پوندڙ اثر هجن، انهن سڀني معاملن ۾ مقامي ماڻهن جي حقن کي اوليت ڏيڻ ضروري آهي.
خاص طور عورتن ۽ معذور ماڻهن جي روزگار، تحفظ، شموليت ۽ ماحولياتي حقن کي ترقيءَ جي منصوبابنديءَ جو حصو بڻائڻو پوندو. ترقيءَ جو مطلب صرف وڏا منصوبا ۽ توانائيءَ جي پيداوار نه هجڻ گهرجي، پر ان جو فائدو مقامي ماڻهن تائين پهچڻ ۽ انهن جي زندگيءَ ۾ بھتري آڻڻ پڻ ضروري آهي.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جي ڳوٺن، ساحلي آبادين، عورتن، نوجوانن ۽ ماحول لاءِ ڪم ڪندڙ ننڍن ادارن جو آواز صرف سنڌ تائين محدود نه رهي، پر پاڪستان کان ٿيندو دنيا تائين پھچي.
سوال وري به ساڳيو آهي ته،
جهنگ ۾ هاڻي سوين مور نچي رهيا آهن، پر ڇا عوام جي ٽيڪس تي سرڪاري عھدن تي ويٺل ذميوارن کي انهن جو آواز ۽ سندن محنت نظر اچي ٿي؟ ڇا اهي سنڌ جي ماحولياتي مسئلن ۽ عوام جي دانھن ٻڌڻ لاءِ تيار آهن؟
هي سوال صرف ڏسڻ يا ٻڌڻ جو ناهي، پر جوابدهيءَ جو آهي. ڇو ته ماحولياتي تحفظ ڪنھن هڪ اداري يا فرد جي ذميواري ناهي، اها حڪومت، ادارن، ڪمپنين ۽ پوري سماج جي گڏيل ذميواري آهي.
سنڌ جي ماحولياتي تحفظ لاءِ گڏيل آواز، گڏيل ذميواري ۽ گڏيل عمل وقت جي اهم ضرورت آهي.
