سڄو جسم ننڍڙن ننڍڙن جيوَ گهرڙن ( (Cellsمان ٺھيل آهي. انساني جسم ۾ اٽڪل 37 ٽِرلين جيوَ گهرڙا ٿيندا آهن. هر عضوي جا جيوَ گهرڙا الڳ الڳ وقتن تي تبديل ٿيندا رهن ٿا. جيوَ گهرڙن جي ڀڃ ڊاهه جو عمل سڄي زندگي جاري رهندو آهي. مثال آنڊن جا جيوَ گهرڙا ٻن کان پنجن هفتن ۾ مڪمل تبديل ٿي ويندا آهن. کلَ جا جيوَ گهرڙا به چئن هفتن ۾ تبديل ٿي ويندا آهن. هَڏن جا جيوَ گهرڙا 10سالن تائين مڪمل تبديل ٿي ويندا آهن. رَت جا جيوَگهرڙا ڪجهه ڪلاڪن کان وٺي ٽن مھينن ۾ تبديل ٿيندا آهن. اهڙيءَ طرح جَيري جا جيوَ گهرڙا ٻن مھينن کان هڪ سال ۾ تبديل ٿيندا آهن، پر دماغ جا جيوَ گهرڙا جيڪي نِيورون آهن، ڄمڻ کان مرڻ تائين تبديل نه ٿيندا آهن. ها البته ڪجهه دماغ جي حصن جا نوان جيوَگهرڙا پيدا ٿيندا آهن. پر اڳتي هلي 60 سالن کان پوءِ ان جو عمل سست ٿي ويندو آهي. دماغ ۾ مددگار جيوَگهرڙا تبديل ٿيندا رهن ٿا. دماغ جي نِيورون کان علاوه ڪجهه جيوَگهرڙا (Glial Cells) آهن، جيڪي تبديل ٿيندا آهن. دل جا جيوَ گهرڙا تمام آهستي تبديل ٿيندا آهن. سڄي زندگيءَ ۾ چاليھه کان پنجاهه سيڪڙو جيوَگهرڙا تبديل ٿيندا آهن. تنھن ڪري دماغ يا دل کي نقصان ٿيندو آهي ته وري اهو واپس نوبنو نه ٿيندو آهي. هاڻي جڏهن به جيوَ گهرڙن جي ڀڃ ڊاهه ٿيندي آهي ته ان جي اندر ڪجهه رَتوبت ۾ به تبديلي ٿيندي آهي. مثال انسان جي هر جيوَ گهرڙي ۾ 23 جوڙا ڪروموسومز جا ٿيندا آهن، جيڪي ڪل 46 آهن. هر ڪروموسومز جي ڇيڙي تي هڪ هڪ ٽيلومرز (Telomeres) ٿيندو آهي. جيوَگهرڙي جي اندر ڪروموسومز کان علاوه ڊي اين اي به ٿيندو آهي، جنھن جو ڪم جسم جي ڀڃ ڊاهه آهي. منجهس تعمير جون هدايتون لکيل به هونديون آهن، جنھن کي جينز چوندا آهن.
ڪروموسومز وري ڊي اين اي جو پروٽين سان ويڙهيل هڪ پئڪيج آهي، جيڪو جيوَ گهرڙي جي مرڪز ۾ هوندو آهي.
هر ڪروموسومز جي ڇيڙي تي هڪ ٽيلومر ٿيندو آهي. 46 ڪروموسومز ۾ 92 ٽيلومرز ٿيندا آهن. جيوَ گهڙي ۾ ڪروموسومز جي ڇيڙي تي موجود ٽيلومرز هڪ اهڙي رَتوبت (Enzymes) آهي، جيڪا جيوَگهرڙي ۾ پيدائشي آهي ۽ هر جيوَ گهرڙي جي ڀڃ ڊاهه ۽ نئين جيوَ گهرڙي جي پيدائش سان ٽيلومر جو مواد ڪجهه گهٽجي ويندو آهي. ڀڃ ڍاهه دوران ٽيلومرز گهٽجي ننڍو ٿيندو آهي، جنھن سان ماڻهوءَ جي عمر وڌڻ سان تبديلي ايندي رهندي آهي، تان جو ٽيلومرز گهٽجي ايترو ننڍو ٿي ويندو آهي، جو وڌيڪ نه گهٽجي سگهندو آهي.
ٽيلومرز گهٽجڻ جي عمل ۾ ڪجهه خاص عنصر آهن، جيڪي اثر انداز ٿيندا رهندا آهن. مثال هر نسل جي، هر ذات جي ٽيلومرز جي گهٽجڻ وارو عمل الڳ الڳ آهي. تنھن کان پوءِ ٽيلومرز نفسياتي عمل سان گهڻو تعلق رکي ٿو. سنڌيءَ ۾ چوندا آهن:”ڳڻتيءَ جھڙو مرض ڪونهي، خوشيءَ جھڙي خوراڪ ڪونهي.“
هنديءَ ۾ تلسيءَ جو بيت آهي ته:
چنتا سي چتورائي جائي، دُک سي گهٽي سَرير،
تُلسي يي اچرج هي، مَن نه ڌري ڌري .
ٽيلومرز سک سان، پيار سان، امن ۽ سادگيءَ سان پاڻ کي بچائي ٿو. جيڪڏهن توهان کي ڏک مليا، سختيون عذاب مليا يا اوهان سخت محنت ۽ مشقت ڪئي، ته ٽيلومر جلدي پاڻ کي ختم ڪري ڇڏيندو.
ٽيلومرز جي گهٽجڻ جا هيٺيان سبب آهن:
-عمر وڌڻ
-تماڪ پيئڻ
-دائمي سوڄ يا زخم
-ڊپريشن يا پريشاني
-غذا سٺي نه کائڻ / غربت
-جسماني سرگرمين جي گهٽتائي.
ٽيلومرز گهٽجندو ويندو، توهان جي عمر تي پوڙهائپ جا اثر ظاهر ٿيندا ويندا، تان جو هڪ ٽيلومرز ايترو گهٽجي ويندو، جو وڌيڪ گهٽجڻ جي لائق نه رهندو. ان وقت ماڻهوءَ جا جيوَ گهرڙا ٺھڻ بند ٿي ويندا. پوءِ جيوَگهرڙا ڀڃ ڊاهه کان پوءِ نوان نه ٺھندا. جيڪي ڪجهه توهان وٽ آهي، بس ان تي گذارو ڪرڻو پوندو. ماڻهوءَ جا وکا لڙڪي پوندا، گوشت ختم ٿي پوندو، اکيون ڏرا ڏئي وينديون. ڪمزور ٿي ويندو. قرآن شريف جي سوره ياسين، آيت 68 ۾ آيل آهي ته ”اسان جنھن کي وڏي عمر ڏيندا آهيون، ان جي جسماني ساخت کي ڪمزور ڪري ڇڏيندا آهيون.“
عام طور تي اسان جي ڳوٺن جي ماڻهن جي عمر وڏي هوندي هئي، جنھن جو سبب ٽيلومرز جو تيزيءَ سان گهٽجڻ وارو عمل نه هو. ڇو ته ٽيلومرز جي گهٽجڻ جو سبب ماحولياتي گدلاڻ به آهي. آڪسيجن جي گهٽتائيءَ سبب جيوَ گهرڙا جسم کي صحيح نموني آڪيسيجن نه پھچائي سگهندا آهن، جنھن سبب جيوَگهرڙن جي ڀڃ ڊاهه جو عمل وڌي ويندو آهي.
اڄ جي دور ۾ ڳڻتي جسماني تباهيءَ جو وڏي ۾ وڏو ڪارڻ آهي. پريشاني، بي وسي، غيرمحفوظ ماحول، غربت، کاڌي ۾ ڪيميڪل جي ملاوت سڀ زندگيءَ جي عمل کي صحتمنديءَ جي بجاءِ تباهيءَ ڏانھن وٺي ويندا آهن.
خوشي پيدا ٿيڻ جو سبب دماغ ۾ هيٺيان چار ڪميڪل جو موجود هئڻ آهي:
-ائنڊروفن ( Endorphin)
-سيروٽنن (Serotonin )
-ڊوپامائن (Dopamine)
-آڪسيوٽن (Oxytocin)
انهن چئن ڪيميڪلن جي پيدا ٿيڻ جا سبب هيٺيان آهن:
قدرتي ماحول ۾ رهڻ، تخليق ڪرڻ، فن لطيف، موسيقي، ناچ، متوازن کاڌا کائڻ، ورزش ڪرڻ، محبت پيار جي رشتن جو ميل ميلاپ، ڪچھري، جدوجھد ڪرڻ، ٻين جي خدمت ڪرڻ، سير سفر ڪرڻ، جنسي عمل ۽ دلي طور مطمعن هئڻ. اڄڪلهه جي دنيا ۾ انهن چئن ڪيميڪلن کي هٿرادو نموني وڌائڻ جا ذريعا استعمال ڪيا وڃن ٿا. مثال نشي آور شيون استعمال ڪرڻ، عياشي ڪرڻ، ڪيميڪل جا مصالي دار کاڌا کائڻ، فلمون ڏسڻ وغيره. جن سان آهستي آهستي خوشيءَ جا ڪيميڪل اثر ختم ڪري ڇڏين ٿا. ڪنھن به جسم ۾ هٿرادو ڪيمڪل پيدا ڪرڻ جو عمل ماڻهوءَ کي بيمار ڪري ڇڏي ٿو. نشي جو عادي ٿيڻ کان پوءِ انهن ڪيميڪلز جي ڪري هٿرادو خوشي پيدا ڪرڻ لاءِ اڃا به وڌيڪ ڪيميڪلز جي ضرورت پوي ٿي. اهڙيءَ ريت ماڻهو زندگيءَ کان فراريت حاصل ڪرڻ لڳي وڃي ٿو. عام طور تي شھرن ۾ آرام واري زندگي ماڻهوءَ کي بي روح لذت ڏئي ٿي. ماڻهو هَٻڇ ۽ حوَس ۾ مبتلا ٿي پوي ٿو. کيس ڪٿي به سڪون نٿو ملي. بي منزل، بغير نظريي يا آدرش جي زندگي صرف هٿرادو چَسڪي پٺيان لڳل رهي ٿي. ڪي ماڻهو سمجهن ٿا ته شھرت، دولت، عياشي شايد خوشي ڏئي ٿي، پر حقيقت ۾ اها صرف آٿٿ آهي، فراريت آهي. حقيقي خوشيءَ جو تصور نج کاڌن وانگر انسان کان موڪلائي رهيو آهي، ۽ خوشيون به فارمي ٿي رهيون آهن. جھڙيءَ طرح انسان هن سماج ۾ جيئي ٿو، چئي سگهجي ٿو ته انسان پنھنجي ڪلچر، تھذيب، ٻوليءَ، تاريخ کان وڇڙي رهيو آهي. جنھن جو نتيجو ڏاڍو خطرناڪ نڪري رهيو آهي. انهيءَ سڄي عمل ۾ ٽيلومرز جي گهٽجڻ جو عمل وڌي رهيو آهي، جنھن ڪري ماڻهو جلدي بيمارين جي ور چڙهيو وڃي.
اسان جنھن سماج ۾ رهون ٿا، اهو ڪو آدرشي سماج ناهي. نه وري انسانن جي رهڻ جي لائق سماج آهي. هن سماج ۾ نفسياتي مسئلن کان جسماني مسئلا وڌي رهيا آهن.
ڪجهه سوچيو، هيءَ جيڪا ڏاڙهي پَٽ اسان ڪري رهيا آهيون، ان مان اسان کي ملي ڇا ٿو.؟ اسان جي نفسيات مھذب عمل کان پري ٿي وحشياڻي عمل ڏانھن وڃي ٿي.
وقتي طور توهان مارڪيٽ ۾ مکي چکي پاڻ کي ڪموڊٽِي بنايو ٿا، پر توهان زندگيءَ کان پري ٿيندا وڃو. سوچيو؟ ڇا هي زندگيءَ جو طرز عمل ٺيڪ آهي؟ جي نه ته پوءِ ڇا هئڻ گهرجي؟ هڪ سوال آهي، جيڪو توهان جي سوچڻ لاءِ ڇڏيان ٿو.
