روس جي ورهاڱي کان اڳ جي ڳالهه آهي ته روس جي حساس ادارن کي شڪ هو ته هڪ اهم غير ملڪي عهديدار آمريڪي ايجنسين لاءِ ڪم ٿو ڪري، پر وٽن ڪي ثبوت نه هئا. ڏهاڪا گذري ويا، روس ٽُٽي ويو ۽ اهو اهم غير ملڪي پنھنجي ملڪ آمريڪا ۾ پيريءَ جي زندگيءَ جا ڏهاڙا گهر ۾ گذاري رهيو هو. هڪڙي روسي صحافيءَ کيس ڳولي لڌو ۽ پڇيائينس:”هاڻي نه گڏيل روس رهيو آهي، نه اُهي حالات، هاڻي ته سچي ڪريو ته اوهان ڪنھن جي لاءِ ڪم ڪندا هئا؟“ هُن مرڪي جواب ڏنو:”هائو، اوهان جي حساس ادارن جو مون تي شڪُ درست هو. مان اوهان جي ملڪ ۾ هڪ خاص ايجنڊا تي مقرر هئس“. روسي صحافيءَ جي اصرار تي هُن ٻڌايو:”مون کي اها ايجنڊا مليل هئي ته ملڪ جي اهم ادارن علمي ادبي ادارن ۽ يونيورسٽين جي سربراهي وارن عھدن تي نااهل ماڻهو مقرر ڪرايان، مون اهو ڪم ڪيو ۽ اوهان جي پنھنجن ماڻهن کان ئي اوهان جي بربادي ڪرائي.“
پياري پاڪستان، خاص طور سنڌ ۾ به ڪجهه اهڙو ئي ٿيندو رهيو آهي. سنڌ جي علمي ادبي ادارن ۽ يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن جون تقرريون به ڪجهه اهڙي طور طريقي سان ٿينديون رهيون آهن، جن سان ادارن جي تباهي ٿي آهي. 1940ع واري ڏهاڪي ۾ ان دور جي تعليم کاتي جي صوبائي وزير سائين جي ايم سيد جي ڪوششن سان وجود ۾ ايندڙ سنڌي ادبي بورڊ کي هڪ دفعو وري، قانون، آئين، رُولز آف بزنس ۽ سِول سرونٽ ائڪٽ بلڪه پروفيشنل اخلاقيات جون ڌڄيون اڏائيندي، هالا جي گادي نشينن مخدومن کي سوکڙي طور ڏيڻ جو نوٽيفڪشن جاري ڪيو ويو آهي. انهيءَ نوٽيفڪيشن سان، ادبي بورڊ جي ٻوٽي کي گهاٽي وڻ تائين پھچائيندڙ ميران محمد شاهه، علامه آء آء قاضي، ڊاڪٽر گربخشاڻي، عثمان علي انصاريءَ، عمر بن محمد دائود پوٽو، ڪاڪي ڀيرومل، ديوان سوڀراج نرملداس، پير علي محمد شاهه راشدي ۽ مولانا دين محمد وفائي جي روحن کي اذيت ملي هوندي.
جاري ڪيل نوٽيفڪيشن جي ٻولي ئي قانون موجب ناقص آهي، جنھن کي سولائيءَ سان لِٽيگيشن ۾ آڻي سگهجي ٿو، بلڪه ادبي بورڊ جي هڪ اڳوڻي ملازم ڪورٽ ۾ ڪيس پڻ ڪيو آهي. نوٽيفڪيشن ۾ Extension جو لفظ لکيو ويو آهي، جڏهن ته ٻه دفعا غير آئيني ۽ غيرقانوني طريقي سان براجمان ڪيل چيئرمين کي وري ٽيهر چئن سالن جي مُدي جي توسيع ڪنھن به قانون موجب غلط آهي.
پيپلز پارٽيءَ ۾ زرداري صاحب جي طبيعت ۽ مزاج جا پارٽيءَ جا سمورا ننڍا وڏا ليڊر، سڀئي مداح آهن. سائين وڏي لاءِ مشھور اهو آهي ته هُو يارن جو يار آهي ۽ وڏو “سنگت نواز” آهي، سنگت کي ائين نوازيندو آهي، جيئن مغليه سلطنت ۾ اڪبر بادشاهه جي درٻار ۾ قصيدا خوان نوازيا ويندا هئا. بلڪل ساڳيءَ ريت پارٽيءَ جي اندر به پنھنجن فرمانبردار اڳواڻن توڙي ڪارڪنن کي ائين نوازيو ويندو آهي. ڪنھن به وفادار اڳواڻ يا ڪارڪن کي ان جي سوچ کان به مٿي ائين ڇپر ڦاڙي ڏنو ويندو آهي، جنھن جو هُن خواب به نه ڏٺو هوندو. مخدوم امين فهيم ۽ مخدوم طالب الموليٰ جي مخدوم خاندان جي علمي، ادبي ۽ سياسي سڃاڻپ بيشڪ شاندار ماضي رکندڙ آهي، پر ان جو هرگز اهو مقصد ناهي ته ان خاندان کي سنڌ جو هڪ انتھائي اهم ادبي ادارو تحفي طور هميشه لاءِ ڏئي ڇڏجي. جڏهن سنڌي لئينگيج جي اٿارٽيءَ جي چيئرمين جي تقرري دوران سمورا اسٽينڊرڊ آپريشنل پروسيجرس (SOPs) آڏو رکيا وڃن ٿا ته ادبي بورڊ جي چيئرمين جي تقرري وقت لاڳو ڇو نه ٿا ڪيا وڃن؟
سنڌ حڪومت سميت مخدوم صاحب جي حامين مان ڪوئي ٻڌائي سگهي ٿو ته بغير ايڊورٽائيز، بغير انٽرويو ۽ بغير ڪنھن به مرحلي جي، مخدوم صاحب جي تقرري ملڪ يا صوبي جي ڪھڙي قانون تحت عمل ۾ آئي آهي؟ اگر سنڌ جي ڪنھن وزير يا وڏي وزير وٽ اهڙا ڪي بادشاهي اختيار آهن به ته انهن کي چئلينج ڪري سگهجي ٿو. هر سال ساڍا 17 ڪروڙن جي بجيٽ رکندڙ ادبي بورڊ جي گذريل ٻن دورن جي 7 سالن ۾ جاري ٿيل اٽڪل ڏيڍ ارب جو ڪو حساب ڪتاب ڪا آڊٽ وغيره جي گُهر ڪرڻ عوام ۽ خاص طور اديب جو حق آهي يا نه؟
سنڌي ادب، تاريخ ۽ ڪلچر جي واڌ ويجهه جي مقصد سان وجود ۾ ايندڙ هن اداري گذريل ستن سالن ۾ ملندڙ ڏيڍ ارب مان ڪيترا پئسا ڪتابن جي ڇپائي ۽ علمي ادبي سرگرمين تي خرچ ڪيا آهن؟ مخدوم صاحب پنھنجي ٻنهي دورن ۾ 69 ملازم ڪھڙي قانون ۽ ڪھڙي هائرنگ پراسِس ۽ پاليسي تحت کنيا آهن ۽ انهن کي ٻن ٽن سالن اندر گزيٽيڊ آفيسر جي ڪيڊر ۾ ترقيون ڪھڙي قانون تحت ڏنيون آهن؟ ڪروڙن جا ٺيڪا ڪهڙن وينڊرن کي، ڪهڙن قاعدن آڌار ڏنا آهن؟
تاريخ ۾ اهو به لکيو ويندو ته ايڪويهين صديءَ ۾، جڏهن دنيا آرٽيفيشل انٽيلجنس جي نئين دنيا ۾ پير پائي رهي هئي، تڏهن سنڌ جا ادبي ادارا گادي نشينن کي سياسي مراعت ۽ سوکڙيءَ طور پيش ڪيا ٿي ويا. سنڌ يونيورسٽيءَ جي ٽي عدد اسڪالرس، سنڌ يونيورسٽيءَ کان ٻاهر ٽي اسڪالرس، سيڪريٽري فِنانس، سيڪريٽري ايجوڪيشن ۽ سيڪريٽري ڪلچر تي مشتمل ادبي بورڊ جي ”بورڊ آف گورننس“ مان ڪو هڪ ميمبر به اخلاقي جرئت نه ٿو ڪري ته هُو ادبي بورڊ جھڙي علمي ادبي اداري سان اهڙي حشر نشر جي مخالفت ڪري يا استعيفا ڏئي گهر هليو وڃي.
مخدوم صاحب جي علمي ادبي حيثيت، اداري جي ايڊمنسٽريشن جي مھارت ۽ پروفيشنلزم جي حالت ان جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ جي عظيم آڳاٽي تاريخ جي اهڃاڻ ڍڳي کي اداري جي لوگو مان ڪڍيو ويو. ان رويي مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته جيڪي ڌريون تهذيب ۽ تاريخ کي به ان عينڪ سان ڏسنديون هجن، سي سنڌ جي ترقي پسند ۽ روشن خيال ادب بابت ڪھڙا ويچار رکنديون هونديون.
حيرت جي حد ته اها به آهي ته سنڌ جي وڏي ۾ وڏي ادبي اداري جي اهڙي ڀيل تي ادبي ميلن ۾ ڀاشن ڏيندڙ سنڌ جا مھا دانشور، اديب ۽ شاعر چُپ جي روزي سان آهن، ڇو ته انهن مان گهڻا فائدو وٺندڙ (Beneficiaries) آهن ۽ گهڻا آسري ۾ آهن. جڏهن ته گهڻن جي خاموشيءَ جو سبب تعلقات خراب نه ڪرڻ جي حڪمت عملي آهي. ان کان وڌيڪ الميو ڪھڙو ٿيندو جو سنڌ جي اديبن، شاعرن، ڪهاڻيڪارن ۽ ليکڪن جي وڏي ۾ وڏي تنظيم سنڌي ادبي سنگت پڻ ادبي بورڊ جي انهيءَ ڀيلَ تي خاموشيءَ جي ٻِر ۾ لِڪي ويٺي آهي. موجوده سيڪريٽري جنرل يا قيادت پاران هڪ عدد روايتي بيان جي به اميد رکڻ شايد وڏي خواهش هجي.
سنڌ جي فڪري اؤسر ۾ سنڌي ادبي بورڊ، انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي ۽ سنڌي لئنگويج اٿارٽي جھڙن ادارن تمام اهم ڪردار رهيو آهي. گذريل اڌ صدي گواهه آهي ته هنن ادارن سنڌ جي ڪيترين نسلن جي علمي ۽ ادبي آبياري ڪئي آهي. پر حيرت ۽ افسوس جي انتھا اها آهي ته انهن ادارن ۽ خاص طور سنڌي ادبي بورڊ سان جيڪي ڪِيسَ ۽ قھرَ سنڌ حڪومت ڪيا آهن، انهن جو ڪوئي ڪاٿو نه ٿو لڳائي سگهجي.
هن وقت ان ڳالهه جي سخت ضرورت آهي ته سنڌي ادبي سنگت سميت سنڌ جي سمورن علمي، ادبي ادارن ۽ سياسي پارٽين کي گهرجي ته سنڌ جي ادارن جي مالڪي ڪن ۽ اسان سڀني کي هر ان فرد جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، جيڪو اداري جي ڀلائي خاطر ڳالهائي ٿو يا ڪورٽن۾ وڃي ٿو. انهن وڪلين جو پڻ ساٿ ڏيڻ گهرجي، جيڪي ادبي بورڊ جھڙي مقدس اداري لاءِ جاکوڙيندا رهن ٿا. اسان ادبي بورڊ جو چيئرمين مقرر ڪندڙ ڌرين کي عرض ڪيون ٿا ته پارٽيءَ جي ڪنھن وفادار اڳواڻ کي فائدو ڏيڻو آهي ته ان لاءِ سنڌ حڪومت وٽ 46 ٻيا به ادارا آهن، مخدوم صاحب کي انهن مان ڪنھن ۾ ۽ ڪٿي به ايڊجسٽ ڪيو، پر خدارا هاڻ سنڌي ادبي بورڊ کي بخش ڪيو.

وقتائتو مؤقف
تمام سهڻو سڌو ۽ چٽو موقف جنهن جي هر صورت ۾ حمايت ڪجي ٿي.
تمام بھترين
ادبي بورڊ جو ڍڳي وارو لوگو بحال ڪيو وڃي.
موجوده چيئرمين کي ھٽايو وڃي.
زبردست