علميت دليل ۽ منطق کي ۽ جهالت تي ٻڌل عقيدت مُلائيت ۽ انتھاپسنديءَ کي پيدا ڪندي آهي، پوءِ اها هڪ مُلڪ جي هجي يا هڪ فرد جي… اجتماعي هجي يا انفرادي، اها انتهاپسندي يا ملائيت هميشه رواداري، فڪري سھپ ۽ باهمي احترام لاءِ هاڃيڪار ئي ثابت ٿي آهي… جڏهن به تنگ نظري يا مُلائيت سوچن تي حاوي ٿيندي آهي ته سڀ کان پھرين انساني آزادي، سوال ڪرڻ جي صلاحيت ۽ تخليقي سوچ کي نقصان پھچندو آهي. اجتماعي تنگ نظري هر صورت ۾ پنھنجي گروهي مفادن جي حصول لاءِ ڪھڙو به انتھائي قدم کڻي سگهي ٿي ۽ انفرادي مُلائيت جاهلاڻي جذباتيت سان حملي آور ٿيندي آهي.
آئون ذاتي طور هميشه تنگ نظريءَ ۽ مُلائيت جي خلاف رهي آهيان، ڇاڪاڻ تہ اها هڪ جنوني ڪيفيت جو نالو آهي، جيڪا انڌي فرمانبرداري ۽ گونگي اطاعت تي بيٺل هوندي آهي، جتي سوال ڪرڻ کي بغاوت سمجهيو ويندو آهي ۽ دليل جي جاءِ تي فتوي’ فروشي وڪامندي آهي.
پر جڏهن آئون اڄ جي سماج تي نظر ڊوڙايان ٿي ته سماج ۾ هڪ عجيب ويڳاڻپ نظر اچي ٿي ۽ دل ۾ بيچيني پيدا ٿئي ٿي… اُهي ادارا، جيڪي ڪڏهن علم، فڪر ۽ شعور جا مرڪز سمجهيا ويندا هئا، اڄ آهستي آهستي مُلائيت جون فيڪٽريون بڻجندا پيا وڃن. اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون جيڪي نوجوان ذهنن ۾ سوال، تجسس، تنقيدي ۽ سياسي سوچ پيدا ڪرڻ لاءِ وجود ۾ آيا، اُتي هاڻي گهڻو ڪري ذهني رَٽي، نابين اطاعت ۽ مجرماڻي خاموشي کي ئي علم سمجهيو پيو وڃي.
نتيجي طور اڄ جي نوجوان نسل ۾ سياسي فڪر ۽ سماجي شعور لڳ ڀڳ ناپيد ٿي ويو آهي. نوجوانن کي پنھنجي سماج، تاريخ، ڪلچر، سياست ۽ انسانيت جي وڏن سوالن کان پري رکيو پيو وڃي. کين اهڙي نموني سان تيار ڪيو پيو وڃي، جو هُو صرف حڪم مڃيندڙ جيوڙا ۽ سسٽم جا خودڪار پُرزا بڻجي رهيا آهن. جڏهن ته تعليم جو اصل مقصد ئي آزاديءَ سان سوچڻ، اختلاف کي قبول ڪرڻ، حق ۽ ناانصافي جي وچ ۾ فرق سڃاڻڻ آهي.
جيڪڏهن تعليم جا ادارا سوال ڪندڙ ذهنن بدران فرمانبردار ذهن پيدا ڪندا رهيا ته پوءِ سماج آهستي آهستي فڪري جمود جو شڪار ٿي ويندو. ڇوتہ جتي سوال ختم ٿي وڃن ٿا، اُتي شعور به مري ويندو آهي ۽ جتي شعور مري وڃي، اتي انسان صرف جسماني وجود ئي رهجي ويندو آهي ۽ سندس وجود منجهان فڪر، آزادي ۽ انسانيت آهستي آهستي ختم ٿي ويندي آهي. ان ڪري اڄ جي سڀ کان وڏي ضرورت اها آهي ته تعليم کي مُلائيت جي گرفت کان آزاد ڪرايو وڃي ته جيئن نوجوان نسل رڳو ڊگريون نه وٺي، پر باشعور به بڻجي سگهي. اهڙو شعور جيڪو انسان کي انسان سان جوڙي، نه ڪي کيس خوف، نفرت ۽ انڌي اطاعت جي زنجيرن ۾ جڪڙي ۽ ذهني وڳوڙ ۽ سماجي تشدد لاءِ ڀڙڪائي.
مون هميشه پنھنجن ٻارن کي مُلائي ذهنيت کان پري رکڻ چاهيو آهي، پر مُلائي سسٽم ايترو پاورفل ٿي چڪو آهي جو چاهيندي به اسان گهڻين جاين تي پاڻ کي لاچار محسوس ڪرڻ لڳا آهيون.
آئون ڪنھن به مذهب، عقيدي يا فرقي جي خلاف ناهيان رهي. نه ئي ڪو مذهب يا عقيدو انسانن کي هاڃي پھچائڻ يا نفرت وڌائڻ لاءِ آيا آهن، اهي ته ماڻهپي ۽ محبت لاءِ آيا، مذهب ۽ عقيدا اصل ۾ انسان جي اندروني دنيا جا عڪس هوندا آهن، اهي سندس سوچ، طبيعت، ماحول، دلچسپي ۽ تربيت سان جُڙيل هوندا آهن. هر انسان پنھنجي سمجهه، احساس ۽ حالتن جي بنياد تي ڪنھن نه ڪنھن رستي کي چونڊيندو آهي ۽ اهڙي جمهوري چونڊ جو ان کي حق به آهي، پر انھن عقيدن ۾ اختلاف هجڻ فطري آهي، تنھن ڪري انھن اختلافن کي قبول ڪندي، هڪٻئي جي عقيدن ۽ نظرين جو احترام ڪرڻ گهرجي. ڇوتہ بقائي باهمي جو حُسن ئي فڪري آزاديءَ ۾ لڪل آهي. البته مسئلو تڏهن پيدا ٿيندو آهي، جڏهن اهي رستا برداشت ۽ شعور بدران جنونيت جي حدن ۾ داخل ٿي وڃن ٿا. جڏهن عقيدو رُوحاني سُڪون بدران طاقت، تسلط ۽ خوف جو هٿيار بڻجي وڃي ٿو، تڏهن اهو سماج لاءِ تباهي جو سامان پيدا ڪري ٿو. جنونيت انساني اعصابن تي حاوي ٿي، سوچڻ جي صلاحيت کي اپاهج ڪري ڇڏيندي آهي، پوءِ سوال ڪرڻ ڏوھُ ۽ اختلاف رکڻ جرم بڻجي ويندو آهي. اهڙي فضا ۾ سماج آهستي آهستي فڪري ڏيوالي جي ور چڙهي ويندو آهي.
اڄ ان جنونيت جو سڀ کان وڏو ۽ آسان شڪار اسان جو نوجوان نسل ٿي رهيو آهي. نوجوان، جيڪي اصل ۾ سماج جي اميد، تخليقي قوت ۽ تبديليءَ جو سرچشمو هوندا آهن، انھن کي آهستي آهستي اهڙي فڪري دائري ۾ قيد ڪيو پيو وڃي، جتي سياسي شعور، پنھنجي ٻولي، تاريخ، ڪلچر، سماجي ذميواري ۽ تنقيدي سوچ لاءِ ڪا جاءِ باقي نٿي رهي. نتيجي طور نوجوان پنھنجي ڌرتي، پنھنجن ماڻهن ۽ پنھنجي تاريخ سان به اها گَھِري وابستگي محسوس نٿا ڪن، جيڪا هڪ باشعور نسل جي سڃاڻپ هوندي آهي. جڏهن نوجوان نسل کان سياسي ۽ انساني شعور جي وارثي کسجي وڃي ٿي ته سماج جو مستقبل هڪ خطرناڪ صورتحال جي وَرِ چڙهي وڃي ٿو، ۽ اها خطرناڪ صورتحال معاشري کي جهالت جي اوندهه طرف ڌڪڻ جو ڪم ڪري ٿي. ان ڪري روشني بچائجي، ان کان اڳ جو اوندهه هر شئي ڳڙڪائي ڇڏي.
