Homeادبتنقيدآسڪر وائلڊ جو فن ۽ فنڪار بابت نظريو

آسڪر وائلڊ جو فن ۽ فنڪار بابت نظريو

ھڪ آرٽسٽ يا فنڪار سھڻين شين جو خالق ٿيندو آھي. آرٽ يا فن جو مقصد فن کي پڌرو ڪرڻ ۽ فنڪار کي ڳجهو رکڻ ھوندو آھي.

نقاد لاءِ ضروري آھي تہ ھو خوبصورت شين بابت پنھنجي تاثر جي ترجماني ڪنھن اڇوتي يا مختلف انداز ۾ ڪري. معمولي قسم جي تنقيد ڪنھن آتم ڪٿا جو ھڪ نمونو لڳندي آھي.

اھڙا ماڻهو جيڪي خوبصورت ڳالھين/شين ۾ بدصورت معنائون ڏسندا آھن، اھي اڻوڻندڙ ۽ کريل ھوندا آھن، جيڪا ھڪ خامي آھي. پر اھي نقاد جيڪي خوبصورت ڳالھين ۾ خوبصورت معنائون ٿا پسي سگهن، اھي سلجهيل ھوندا آھن. انھن وٽ رجاعيت ھوندي آھي. اھڙن چونڊ نقادن لاء حسين شيون معنيٰ صرف حسن!

ڪو بہ ڪتاب اخلاقي يا غير اخلاقي ڪونہ ٿيندو آھي، ڪتابَ يا سٺا لکيل ھوندا آھن يا خراب…۽ بس!

اڻويھين صديءَ ۾ حقيقت پسنديءَ جي مخالفت ڪرڻ ڄڻ تہ “ڪئليبن” جي پاڻ کي شيشي ۾ ڏسڻ کان پوءِ پيدا ٿيل ڪاوڙ مثل آھي. ( ڪئليبن/ Caliban شيڪسپيئر جي ڊرامي “دي ٽيمپيسٽ” جو ڪردار ھو، جنھن لاءِ ڏندڪٿا آھي تہ اھو ھڪ سامونڊي ڏائڻ Sycorax جو بڇڙو/ ناقص پٽ ھو.)

اڻويھين صديءَ جي رومانويت واري تحريڪ جي مخالفت پڻ ڪيليبين جي پاڻ کي شيشي ۾ نہ ڏسي سگهڻ واري ڪاوڙ آھي.

ڪنھن انسان جي اخلاقي زندگي ھڪ فنڪار جي موضوعاتي متن جو ھڪ حصو تہ ٿي سگھي ٿي، پر فن جي اخلاقيات ڪنھن نامڪمل وسيلي جو مڪمل استعمال آھي. ڪو بہ فنڪار ڪجهه بہ ثابت ڪرڻ نٿو چاھي. ڇو تہ جيڪو سچ ھوندو آھي، اھو پاڻ کي پاڻ ثابت ڪري سگھي ٿو. ڪنھن بہ فنڪار جي ڪنھن سان اخلاقي ھمدردي بہ ڪانہ ھوندي آھي، ڇو تہ فنڪار ۾ اخلاقي ھمدرديءَ جو ھجڻ سندس انفراديت جي نفي آھي. ڪو بہ فنڪار ڪڏھن بہ اھڙو ذھني بيمار نٿو ٿي سگهي. سچو فنڪار تہ ھر قسم جو اظھار ڪندو. ھڪ فنڪار جي فن جو اھم وسيلو سندس خيال ۽ ٻولي ھجن ٿا. ھڪ فنڪار وٽ نيڪي ۽ بدي ٻئي فن جو مواد ھوندا آھن.

پنھنجي فارم ۾ موسيقار جو فن سمورن فنن جو نمائندو ھجي ٿو ۽ جذبي جي لحاظ کان ھڪ اداڪار جو ھنر اھم ٿيندو آھي.

ھر قسم جي فن جي ھڪ سطح ۽ ھڪ علامت ھوندي آھي، جيڪي ماڻهو سطح جي ھيٺان ڏسندا آھن، اھي پنھنجو نقصان پاڻ ڪندا آھن ۽ جيڪي علامت کي سمجهي ويندا آھن، اھي پڻ خطري ۾ ھوندا آھن. آرٽ يا فن دراصل زندگيءَ جي عڪاسي نہ پر ڏسندڙن جي( زندگين جي) عڪاسي ڪندو آھي.

حوالو: 

Preface: The Picture of Dorian Gray, Oscar Wilde, Chiltern Publishing, UK, 2020

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا