موت جي رقص ۽ زندگيءَ جي ڌُن جو
هي ڪو عام منظر ناهي…
هي ڪو رڳو کنڊرن، مٽيءَ ۽ ڀُريل ڀتين جو منظر به ناهي..
هي اُن هنڌ جي تصوير آهي، جتي موت پنھنجو رقصُ ڪري رهيو آهي ۽ ساڳئي وقت زندگي هڪ نازڪ ڌُن بڻجي، اُن رقص کي للڪاري رهي آهي.
هي سُرندو وڄائيندڙ ڪو Victor Jara به ناهي، جنھن پنھنجي وطن چليءَ ۾ فوجي ڊڪٽيٽر جرنل پنوشيءَ خلاف پنھنجن گيتن کي مزاحمت جو هٿيار بڻايو هو. جنھن آمريت خلاف پنھنجي ڌرتيءَ جي عوامي ڪروڌ کي پنھنجين ڌُنن ۽ گيتن ذريعي انقلابي مورچو بڻايو هو، جنھن جي پاداش ۾ گرفتار ڪرڻ بعد کيس سخت تشدد جو نشانو بڻائي، قتل ڪيو ويو. پر سندس ڌُن اڄ به زندھ آهي..
پر…. هيءُ شخص لبنان جھڙي پُرامن ملڪ جي گاديءَ واري شھر بيروت جو هڪ سُرندو وڄائيندڙ (cellist) “مھدي ساهيلي” آهي، جيڪو بيروت جي انھن کنڊر ٿيل رهائشي عمارتن مٿان ويھي سُرندو وڄائي رهيو آهي، جيڪي اسرائيلي بم حملن جو داستان بڻيل آهن… سندس چوڻ آهي ته مان هن ڌُن ذريعي انھن سوين ٽھڪن کي جاڳائڻ جي ڪوشش پيو ڪريان، جيڪي ملبي اندر وڃائجي چڪا آهن ۽ اسرائيل کي اهو ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته منھنجو سُرندو صيھوني جارحيت جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهي…
بيروت هڪ اهڙو شھر جيڪو ڪڏهن زندگي، روشني ۽ ثقافت جو مرڪز هو، پر اڄ اُن جي ڀتين تي جنگ جا ڪارا نشان لکيل آهن. انھن کنڊرن جي وچ ۾ هڪ ماڻهو ويٺو آهي “مھدي ساهيلي”- هڪ سُرندو وڄائيندڙ (cellist)، جنھن جي هٿن ۾ ڪا بندوق ناهي، پر هڪ سُرندو آهي ۽ اُن سُرندي مان نڪرندڙ هر سُر بارود جي ڌماڪن کان وڌيڪ طاقتور لڳي ٿو.
اهي عمارتون جيڪي ڪڏهن گهر هئا، جن ۾ کِل، خوشي، ڳالهيون، خواب ۽ محبتون رهنديون هيون، اڄ صرف کنڊر آهن، اسرائيل جي بمباريءَ جا گواھ..
جن ۾ نه رڳو ڀِتيون پر سوين زندگيون به دفن ٿي ويون آهن ۽ انهن ئي کنڊرن مٿان ويھي “مھدي ساهيلي” پنھنجي سُرندي کي وڄائي ٿو، ڄڻ هُو مٽيءَ سان ڳالهائي رهيو هجي، ڄڻ هُو انهن آوازَن کي واپس سڏڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هجي، جيڪي هميشه لاءِ ماٺ ٿي ويا آهن…
مھدي ساهيلي ساز جي زبان ۾ چئي ٿو ته:
مان هن ڌُن ذريعي انهن سوين ٽھڪن کي جاڳائڻ ٿو چاهيان، جيڪي ملبي هيٺان چيڀاٽجي چڪا آهن ۽ مان دنيا کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته سُرُ اڃان زندھ آهي ۽ مزاحمت اڃا جاري آهي…
هيءَ ڌُن رڳو موسيقي ناهي، هي هڪ انوکو احتجاج آهي. هي اهو درد آهي، جنھن کي صرف هڪ آرٽسٽ ئي سمجهي سگهي ٿو. هي هڪ تباھ ٿيل شھر جي ساھ کڻڻ جي ڪوشش آهي. جنگ نه صرف جسم ٽڪرا ڪري ٿي، پر روح به زخمي ڪري ٿي ۽ جڏهن روح زخمي ٿئي ٿو ته ان جي مرهم لفظ ناهن هوندا، پر سُر هوندا آهن.
“مھدي ساهيلي” جو سُرندو اُنھن کنڊرن ۾ بيٺل هر ڀِتِ سان ٽڪرائجي هڪ نئون سوال پيدا ڪري ٿو:
ڇا تباهي ئي آخري سچ آهي؟ يا
زندگي هر ڀيري نئين صورت ۾ واپس ورڻي آهي.؟
شايد ان جو جواب اُن ڌُن ۾ لڪل آهي، جيڪا موت جي وچ ۾ به جيئڻ جي ڳالهه ڪري ٿي. هي منظر اسان کي سيکاري ٿو ته
جنگ صرف بارود ۽ گولين جو نالو ناهي. اُهو ته انساني جذبن جي ٽُٽڻ جو نالو آهي ۽ مزاحمت صرف هٿيار کڻڻ ۾ ناهي، پر ڪڏهن ڪڏهن هڪ سُر به سڀ کان وڏي بغاوت بڻجي ويندو آهي. صيھونيت جي جارحيت جي سامھون،
هي سُرندو هڪ اعلان آهي ته ثقافت، فن، شاعري ۽ موسيقي ڪنھن به طاقت کان گهٽ ناهن.
هي ڪھاڻي رڳو “مھدي ساهيلي” جي ناهي، هي هر اُن انسان جي ڪھاڻي آهي، جيڪو تباهيءَ جي وچ ۾ به اميد جو ڏيئو ٻاري ٿو. ڇاڪاڻ ته جڏهن موت رقص ڪري رهيو هوندو آهي، تڏهن به زندگي پنھنجي ڌُن وڄائڻ نه وساريندي آهي…
لبنان جو هي ٻيجل جنھن جي سُرندي جي سُرن ۾ ڪا سِرَ جي صدا ته ناهي، پر زندگيءَ جي پيچري تي امن جي ڳولا ۾ نڪتل ھڪ سنگيت آلاپ آهي. سُرندو هڪ اهڙو سازُ آهي، جنھن جي وڄت ۾ هڪ وجداني ڪيفيت هوندي آهي، جيڪا جنن ۽ ارواحن کي به مائل ڪري وجهندي آهي. سُرندي جو واڄو سِرُ وٺي به سگهي ٿو ۽ سِرُ گهوري به سگهي ٿو…
لطيف سائينءَ چيو:
محلين آيو مڱـڻو، سازُ کڻي سُرندو،
سِرَ جي صدا سُرَ ۾، گُهور هڻي گهُرندو،
مٿي ريءَ ملوڪ جي، چارڻ نه چُرندو،
جهوناڳڙھ جُهرندو، پوندي جهانءِ جَهروڪ ۾.
…. پر لبنان جي هِن ٻيجل جهوناڳڙھ ته نه جهوريو آهي، پر جُهريل بيروت جي کنڊرن منجهان وڃايل ساهن کي ڳولي رهيو آهي…
