Homeادبيادگيريوندرویشن جي دنیا ۾ گهاريل گهڙيون!

درویشن جي دنیا ۾ گهاريل گهڙيون!

جامي چانڊيو
جامي چانڊيو
جامي چانڊيو سنڌي ٻوليءَ جو نامور ليکڪ ۽ دانشور آھي. ھن سياست، ادب ۽ سماجي سائنس تي ڪيترا ئي اھم ڪتاب لکيا آھن. پاڻ ھڪ ئي وقت اردو، انگريزي ۽ سنڌيءَ جي مشھور اخبارن ۾ ڪئين سالن کان لکندو رھي ٿو.

دنيا ۾ جنھن به يونيورسٽيءَ يا اڪيڊميءَ ۾ ڪنھن ڪانفرنس ۾ ويندو آهيان ته اصل سفر انھن رولاڪين کي ئي سمجهندو آهيان، جيڪي بنا پروگرام ۽ رٿابنديءَ جي بس پيرن، اکين، تخيل ۽ دل جي پنڌَ جون ڊگهيون ۽ اڻ کُٽ وِکون هونديون آھن. آسٽريا جي شھر سالزبرگ، جيڪو ٻين انيڪ حُسناڪين سان گڏ موزارٽ جو شھر به آھي، ۾ منھنجي آخري رات ھئي. مون سياحن واري ھاسٽل جي مينيجر مائيءَ کان پڇيو ته سالزبرگ کان اڳتي ڪھڙي شھر يا ڳوٺ وڃجي، جو سالزبرگ جو حُسن به وسري وڃي، ان کان اَڳُ جو اُھا جُهوني مائي جواب ڏئي، ھڪ پوڙھي سياح جيڪو پاسي ۾ بيٺو ھو، مون ڏانھن ڏسي بنا سوچڻ جي چيو ته ”انسبروڪ وَڃُ“. اصل ۾ ھن سان ھتي ھاسٽل ۾ ڪجهه ڏينھن رھندي ڪجهه ڏيٺ ويٺ ٿي وئي ھئي. ھو ھڪ گٽارسٽ ھو، جيڪو مون وانگر رولاڪين تي نڪري پيو ھو. ھن جو انسبروڪ جو نالو ورتو ته مائيءَ به چيو، ھا گهمڻ لاءِ اھو ھڪ بھترين جابلو شھر آھي. اھڙن سفرن ۾ ڄاتل شھرن جي ڀيٽ ۾ مونکي اَڄاتل شھر ۽ ڳوٺَ وڌيڪ وڻندا آھن.

Sarangaa درویشن جي دنیا ۾ گهاريل گهڙيون!

صبح جو مان سالزبرگ جي ريلوي اسٽيشن تان انسبروڪ جي ريل ۾ چڙهيس. ريل جو سفر مونکي ھونئن ئي وڻندو آھي، پر جي اھو سفر وري يورپ جو ھجي ته ان جو لُطف ئي پنھنجو آھي. سالزبرگ کان انسبروڪ جو ريل رستي پنڌُ سوا ٻن ڪلاڪن جو آھي ۽ اُھي سوا  ٻه ڪلاڪ رڳو ٻاھر تيزيءَ سان تبديل ٿيندڙ نظارن ۾ ئي اک ڇنڀَ ۾ ئي گذري ويا. انھن سوا ٻن ڪلاڪن ۾ جيڪو اکين ڏٺو ۽ دل محسوس ڪيو، اُھو ڪڏھن وسرڻ جھڙو ئي ناھي. يورپ جا سڀني کان وڏا آبشار ھن ئي رستي سان آھن. خاص طور ڪِرمِل آبشار ته جَڳَ مشھور آھن. اُتان گذرندي دل چيو ته ڪاش! ريل خراب ٿي پوي ھا، لمحو صدين جو ھجي ھا، منظر ساڪن ھجن ھا- پر زندگي تحرڪ جو نالو آھي ۽ تحرڪ ۾ ساعت بي ثبات ھوندي آھي. اُنهيءَ ئي رستي سان ڪُفسٽائين جي ننڍي شھر جا وڏا تاريخي قلعا به آيا. مان ته سالزبرگ به ان جي تاريخي قلعي جي ڪري ئي ويو هيس. قلعا ڀل ته بادشاھن جا يادگار ھجن، پر تاريخ جا تمدني سياسي عڪس به ھوندا آھن. سالزبرگ جي ڊائري جدا لکي اٿم، انڪري ان جو ذڪر ھتي نه ٿو ڪيان. انسبروڪ ويندي ھن سفر جو حَسين ترين پاسو ڪپرون جو ڍنڍ جي ڪناري اُھو ننڍڙو شھر ھو، جنھن جو حَسين منظر هميشه لاءِ اکين ۽ تخيل جي يادگيرين ۾ محفوظ ٿي ويو. ڪناري تي بدڪون، ڍنڍَ ۾ ٻيڙيون، ڍنڍَ جي پريان ساوَڪ ئي ساوَڪ ۽ پويان لڳاتار ساوا چھچ جبلَ. اھڙا نظارا ڏسي ئي انسانَ جنت جو تصور گهڙيو ھوندو. دل چيو، ھتي لھي پئجي ۽ باقي زندگي ھتي ئي رھجي، ڪتابَ پڙھجن، لکجي، راڳُ ٻُڌجي،  پنڌَ ڪجن ۽ زندگيءَ کي سمجهڻ کان وڌيڪ حيرت جي انهن وادين ۾ ئي گذاري ڇڏجي. يورپ مون بار بار ۽ چَپو چَپو گهميو آھي ۽ انيڪ حسين سفر ڪيا آھن، پر ھن سوا ٻن ڪلاڪن جي سفر جو به جواب نه ھو.
انسبروڪ جي ريلوي اسٽيشن تان ان ھاسٽل تي آيس، جنھن جي بڪنگ سالزبرگ مان ئي ڪرائي آيو هيس. سياحتي ھاسٽلن جو ماحول گهر جھڙو يا سادو ھوندو آھي، انڪري انھن ۾ رھڻ جو مزو مونکي وڏيڪ ايندو آھي. اڃا ڏينھن جا ٻارنھن ٿيا ھئا ۽ موسم به جهڙالي ھئي، سو مون به بس سامان ڪمري ۾ رکيو ۽ بس اسٽاپ تان شھر جي بس ۾ سڄي ڏينھن جي ٽڪيٽ وٺي چڙھي پيس. جيئن ئي بس شھر جا چڪر ھڻي مٿي چڙھي ته ھر طرف جبل جي چاڙھي ھئي. منھنجي شھر قمبر ۾ ته ھڪ ئي لاھي چاڙھي ھئي، پر ھي ته سڄو شھر لاهيون چاڙهيون ھو. شھر ڄڻ ته ڪو پيالو ھو، جنھن جو ھر ڪنارو جبل ڏانھن ٿَي ويو. ٻن ڪلاڪن جي بس جي سفرن مان ئي سمجهه ۾ اچي ويو ته شھر اصل ۾ ھڪ جابلو وادي ھو. شھر جي ھر لاھي چاڙھي جبل کان شھر ۽ شھر کان جبل ڏانھن ٿي وئي. پر ھتي جبل تي به مڪمل وسنديون ۽ وڏا پاڙا ھئا. گهٽيون ڪٿي سنهيون ته ڪٿي ويڪريون. جبل تي به ڪُشادا گهر ھئا. مونکي جابلو گهر وڻندا آھن، جو سندن ڇتين تان منظر حَسين ھوندا آھن. منھنجي دوست عاشق سواتي، جيڪو ايم پي اي به رهيو، سندس گهر شنڪياري ۾ چانھن جي باغن جي سامهون جبل تي آھي ۽ سندس گهر ۾ اِنجير جي وڻ تان منھنجا ٻارَ تازا انجير پٽيندا ھئا. مان وٽس فئملي سان وڃي ڏينھَن جا ڏينھَن رھندو هيس. سندس گهر وارِي جي ھٿن جا ٺھيل قيمو ڪريلا  مون کي سدائين وڻندا آھن. دنيا جي ڪيترن شھرن جو وڏو حصو جبلن تي آباد رهيو آھي. مون ڪابل ۾ 2003 ع ۾  ايئن ڏٺو. دنيا جي ڪيترن قديم تاريخي شھرن جون وسنديون جبلن تي آباد رهيون آھن، جيئن اٿينس، روم، يروشلم، پيرو ۾ ماچُو، ترڪيءَ ۾ اِزمير۽ بلغاريه ۾ پلودِو. نيپال کان ڪشمير ۽ پاڪستان جي اُترين علائقن تائين سڄيءَ دنيا ۾ جابلو وسنديون رهيون آھن. جيئن ته مون وٽ سڄي ڏينھن جي ٽڪيٽ ھئي، انڪري مونکي جتي دل چيو ٿي، اُتي لھي ٿَي پيس۽ گهٽين ۽ پاڙن ۾ رولاڪيون ٿي ڪيم.

Sarangaa درویشن جي دنیا ۾ گهاريل گهڙيون!

سڄي ڏينھن جو سفر ايئن ھو ڄڻ فطرت جي ھنجَ ۾ تخليق ڪيل تمدني پينگهه ۾ ماڻهو بس لُڏندو ئي رھي ۽ دل چوي ته سفر لامتناھي ھجي، ھلندو رھي ۽ انجو ڪو آخري اسٽاپ نه ھجي. ايئن انسبروڪ ۾ لھندي چڙھندي، رُلندي، گهمندي شام ٿي وئي. وچ وچ ۾ ڪَڪرَ ڇڻيا ۽ ھلڪا به ٿيا. مان صبح جو سوير اُٿي انسبروڪ لاءِ نڪري آيو هيس ۽ سڄي ڏينھن جي جابلو رولاڪين کان پوءِ جسم جواب ڏئي رهيو ھو، انڪري دل چيو ته ڪنھن پَبَ/ڪيفي ۾ ويھي سڄي ڏينھن جي ڪيفيتن کي سھيڙجي ۽ ٿانيڪو ٿِجي. دنيا جي ھر شھر جي ريلوي اسٽيشن يا بس اسٽاپُ شھر جي وچ ۾ ھوندو آھي، انڪري مان به انسبروڪ جي مرڪزي ريلوي اسٽيشن واري بس اسٽاپ تي لھي پيس. اُتي ئي ھڪ ساز وڄائيندڙ ھڪ فقير کان پڇيم ته ڪو اھڙو پَبُ جتي شھر جا اديب ۽ آرٽسٽ اچي ويھندا ھجن ته ھن اڳيان کَٻي پاسي ھڪ وڏي پراڻي ۽ شھر جي ھڪ اھم پَبَ ڏانھن اشارو ڪيو. اھو شام جو ساڍي ستين جو وقت ھو ۽ پَبُ سڄو ماڻهن سان ڀريل ھو. ڪنھن به ٽيبل تي ويھڻ جي جاءِ نه ھئي. جاءِ رڳو پَبَ جي ڪائونٽر وٽ اسٽولن تي ويھڻ جي ھئي، انڪري مان به سُري وڃي اُتي ويٺس. منھنجي ڀَرِ ۾ ھڪ بنھه اَڇن وارن وارو پوڙھو ويٺل ھو، جنھن جي عمر پنجھتر کان اَسيءَ جي وِچَ ۾ ٿي لڳي. ھو اڪيلو، خاموش ۽ ڪنھن به سوچ ۽ احساس کان بي نياز ٿي لڳو. ھو منھنجي ساڄي پاسي ويٺو ھو ۽ ھو آس پاس جي ماحول کان ايترو بي نياز ويٺو ھو جو ھن مون ڏانھن نھارڻ جي گهُرج به محسوس نه ڪئي ۽ ان جي گهُرج ھئي به ڪھڙي. مون پنھنجي لاءِ ھڪ مقامي بيئر ورتو، جو مان هميشه جتي به ويندو آهيان اُتي مقامي بيئر ئي وٺندو آهيان. مون ٿَڌي بيئر مان ٻه ٽي وڏا ڍُڪَ ڀريندي ڪائونٽر تي پيل ڀُڳَلَ مڱيرن جي پيالي پاڻ ڏانھن سوري جيڪا منھنجي ساڄي پاسي ويٺل ان پوڙھي جي سامهون پئي ھئي. اُھا ڳالهه ھن کي شايد نه وڻي ۽ ھن مون ڏانھن سخت ڪاوڙيل نظرن سان نھاريو. مون به سندس ڪاوڙيل گهُور کي نظر انداز ڪري، پنھنجي کاٻي پاسي نھارڻ شروع ڪيو، پر ھن جو ڌيانُ ھاڻي مون تي ھو، جڏھن ته پَبَ ۾ اھي شيون سڀني ويٺلن لاءِ هونديون آھن. مون سمجهيو ته ان عمر ۾ اڪثر ماڻهن سان اھڙا مسئلا ھوندا آھن، پر ڳالهه ايتري سادي نه ھئي. ٿوريءَ دير ۾ پوڙھو اٿيو ۽ واش روم ڏانھن ويو. ھو پنھنجو اَڌُ گلاس بيئر جو اُتي ئي ڇڏي ويو ھو، جيئن عام طور ٿيندو آھي. واپسيءَ ۾ جيئن ئي ھن جي نظر مون تي ۽ پنھنجي اَڌُ خالي گلاس تي پئي ته ھو ڪاوڙ ۾ تَپي ڳاڙھو ٿي ويو، جنھن مان ھن جو مطلب ھو ته مون سندس اَڌُ گلاس پي ڇڏيو آھي. ھن جو مُنھنُ ڪاوڙ ۾ ايترو ته تَپي ويو جو مون کي لڳو ته ھو ڪو ڌَڪُ نه ھڻي ڪڍي. مون فوري طور ڪائونٽر واري ھمراھ کي سڏيو ته ھن وڏي اطمينان سان ھُنَ پوڙھي جو گلاس ھاري کيس تازو ٿَڌو بيئر ڀَري ڏنو ۽ کيس ڀاڪرُ پائي چُمي ڏئي، مونکي چيائين ته جيڪو ٿيو، انجي معافي مان ٿو وٺان، جو ھو پوڙھو معصوم آھي. مان ڪو اُلڪو نه ڪيان، جيڪو ظاھر آھي ته اھڙيءَ صورتحال ۾ ممڪن نه ھو.
صورتحال وري اھڙي ٿي وئي ڄڻ ته ڪجهه ٿيو ئي نه ھو. مان به وري بيئر ۽ سڄي ڏينھن جي سحر ۾ گم ٿي ويس. لڳ ڀڳ مُني ڪلاڪ کان پوءِ صورتحال وري ساڳي ٿي، جڏھن پوڙھو وري پنھنجو اَڌُ گلاس ڇڏي واش روم ويو ۽ واپسيءَ تي ساڳي سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪيائين. مونکي ھن جي پُراسرار شخصيت ۽ اھو رويو سمجهه ۾ نه ٿي آيو. مون پريشاني ۽ خوف ۾ ساڳي نوجوان کي سَڏُ ڪيو ته ھن وري به ساڳيو ئي انداز ورجايو، جيڪو ھن پھرين ڪيو ھو. ھن ڀيري مون کان ٻيڻي معذرت ڪري ۽ پوڙھي جو اَڌُ پيتل بيئر جو گلاس ھاري، کيس وري تازو ۽ ٿَڌو بيئر جو گلاس ڏئي ۽ کيس ڀاڪر پائي پيار مان  چميون ڏئي، پنھنجي ڪم سان لڳي ويو. مون کيس سڏي ڪا ٻي جاءِ ڏيڻ جو چيو، جو ھاڻي پوڙھي جي ڀرسان وڌيڪ ويھڻ مون لاءِ ممڪن نه ھو. پب جي مالڪ ۽  مينيجر مونکي کاٻي پاسي ڪائونٽر جي ڪُنڊَ تي ويھاري چيو ته ھو مون وٽ اچي بعد ۾ ھنَ پوڙھي بابت تفصيل ٻُڌائيندو. مان دير تائين ويٺل رهيس ۽ پوڙھو بيئر جا ٻه اَڌُ گلاس پي هليو ويو، پر مون نوٽ ڪيو ته پَب وارو نوجوان ھن کي ويندو ڏسي تڪڙو ڏانھنس وڌيو ۽ کيس در تائين ڀاڪُرَ ۾ ڀري پاڻ ڇڏي آيو.

Sarangaa درویشن جي دنیا ۾ گهاريل گهڙيون!

منھنجي لاءِ اُھا سڄي ماجرا حيران ڪندڙ ھئي. خاص طور پب جي نوجوان جيڪو مالڪ ٿي لڳو، جي پوڙھي لاءِ غير معمولي محبت ۽ سندس محبت ڀري اھڙي سنڀال، جنھن تي سمجهه ۾ نه ايندڙ حيرت اَڻ ٽر ھئي. منھنجي ھاسٽل جيئن ته گهڻو پري نه ھئي، انڪري مان به دير تائين ويٺل رهيس. شھر ننڍو ھو ۽ ستاويھين نومبر جي ٿڌي رات ھئي، انڪري پَبَ ۾ رش تيزيءَ سان گهٽجڻ لڳي. پَبَ جو نوجوان ايتري ۾ ڀُڳل کاڄن جي پيالي ۽ چِڪن اِسٽرپس به مونکي ڏئي ويو، جن جو مون آرڊر به نه ڪيو ھو. ھن شايد مون سان ٿيل بدمزگيءَ جو ازالو ڪرڻ ٿي گهريو. جڏھن مون اُٿڻ جي ڪئي ته ھن چيو ته مان صبح جي ڪافي سندس پاران وٽس پيئڻ اچان. مونکي به جيئن ته ان تلخ ۽ ساڳي وقت عجيب تجربي جون ڳنڍيون کولڻيون هيون، انڪري مون ساڻس ھائوڪار ڪري کانئس موڪلايو. پب مان نڪري مان سخت سيءَ جي ڪري وڏيون ٻِرانگهون ڀريندو ھاسٽل ڏانھن ھلندو ٿي ويس، پر منھنجي ذھن ۽ ڪيفيت تي اھو عجيب تجربو حاوي ھو. پوءِ ھڪ ڳالهه ياد ڪري، منھنجي حيرت ته قائم رھي، پر اُلڪو ختم ٿي ويو. واقعو هيئن ھو ته 1999ع ۾ اردوءَ جو وڏو ڪھاڻيڪار ۽ ناول نويس مظھرالاسلام، جيڪو اسان جو پيارو ادبي ۽ ذاتي دوست رهيو آھي، اسان وٽ حيدرآباد گهمڻ آيو ته اسان يعني مان، ڀائو مولا بخش چانڊيو، حڪيم بلوچ، احسان لغاري، محمود لغاري کيس کاروڇاڻ وٺي وياسون. کاروڇاڻ ۾ جڏھن ٻيڙيءَ ۾ چڙهياسون ته ان ڏينھن ھوا تمام تيز ھئي. مون محسوس ڪيو ته وارياسي جو ماڻهو مظھرالاسلام پاڻيءَ جون تيز لھرون ڏسي سخت خوف ۾ ورتل ھو. وري ٿوري ئي دير ۾ ڏٺم ته ھو ٻيڙيءَ ۾ بلڪل خوش ۽ بي خوف ويٺو ھو. مون کانئس ان بابت پڇيو ته سندس جواب ڏاڍو دلچسپ ۽ غير روايتي ھو. ھن مونکي چيو پھرين مان سخت ڊنُس، پر جڏھن ڏٺم ته ٻيڙي ھلائيندڙ ناکئو پريشان ناھي، جيڪو پاڻيءَ کي سُڃاڻي ته پوءِ مونکي ھرگز پريشان نه ٿيڻ گهرجي. سو مون به سوچيو ته جي پَبَ جو مالڪ اھو نوجوان پريشان نه ھو ته مونکي به ان بابت ڳڻتي نه ڪرڻ گهرجي. ان اطمينان ۾ مان سمهي رهيس ۽ سُتت ئي منھنجي اک لڳي وئي ۽ مان انسبروڪ مان وقتي طور لاشعور جي عدم ڏانھن هليو ويو هيس.
صبح جو اک کُلي ته تازگيءَ جي احساس سان اٿيس. يوناني فلسفي ايپيڪيوريس درست چيو ھو ته خوف خوشيءَ جو ويري آھي، رات سُمهڻ کان اَڳُ مان ان پوڙھي جي پراسرار رويي تي وڌيڪ سوچڻ بجاءِ ساڻس بي پناھ محبت جو اظھار ڪندڙ ان نوجوان جي زنده دل رويي تي خوشگوار حيرانيءَ ۾ سُتو هيس ۽ ان جو ئي نتيجو ھو جو مان ايڏي سٺي احساس سان اُٿيو هيس. تيار ٿيڻ کان پھرين ڊگهو پنڌُ ڪيم جو مينھُن ڀريو بيٺو هو ۽ دل چيو متان اَڄُ گهڻو پنڌُ نه ڪري سگهجي. ڪچڙي منجهند ٿي ته مان به تيار ٿي ان ڪيفي/پَبَ ۾ ويس جتي رات اھو عجيب واقعو پيش آيو ھو. ڪيفي ۾ اڃا رش نه ٿي ھئي. مان جيئن ئي اندر داخل ٿيس ته ڪيفي جو اھو ساڳيو مالڪ مرڪي مون ڏانھن وڌيو ۽ مونکي سامهون ئي ٻن ڪرسين واري ٽيبل تي ويھاري ٻه ڪافيون کڻي آيو. ھن مون سان وري معذرت ڪئي ۽ ساڳيا لفظ ورجايا ته ھو پوڙھو ھڪ معصوم ماڻهو آھي. مون کيس پنھنجي ڪيفيت ٻڌائيندي چيو ته مونکي مٿس مڪمل اعتبار آھي، پر مان ان ماجرا بابت وڌيڪ ڄاڻڻ گهران ٿو.
ھن پنھنجو تعارف ڪرائيندي اُھا ڪَٿا ٻُڌائڻ شروع ڪئي ته سندس نالو احمد آھي ۽ ھو ھتي ڄاول لبناني آھي. سندس پيءُ نوجوانيءَ ۾ ھتي روزگار سانگي لڏي آيو ھو ۽ اھو پوڙھو سندس پيءُ جو ھن شھر ۾ پھريون دوست ھو. ھو ٻئي انھيءَ پَبَ ۾ ڪم ڪندا ھئا ۽ گهڻو پوءِ جڏھن پَبَ جي مالڪ انکي وڪڻڻ گهريو ته اھو پَبُ سندس پيءُ ۽ انهيءَ پوڙھي گڏجي خريد ڪيو ھو. ھن ڳالهائڻ شروع ڪيو ته سندس اکين مان انهيءَ پوڙھي لاءِ محبت اُڇلون پئي کاڌيون. ھن چيو ته ھن جي پيءُ کي ڪو ڀاءُ نه ھو ۽ اھو پوڙھو ئي سندس سڳو چاچو آھي، جنھن کيس ٻاروتڻ ۾ انسبروڪ جي گهٽي گهٽيءَ ۾ ڪُلهن تي کڻي گهمايو ھو، جو ھن شادي نه ڪئي ۽ پنھنجي دوست جي اولاد کي ئي پنھنجو اولاد سمجهندو ھو. احمد جي اکين ۾ اُھي سڀ عڪس ھئا جن ڳالهين جو ذڪر ھو دل جي اَٿاھ گھرائيءَ ۽ سچائيءَ سان ڪري رهيو ھو. ھن چيو ته سندس پيءُ ۽ انهيءَ پوڙھي جا ٻه ٻيا دوست به آھن، جن مان ھڪ گونگو آھي ۽ اُھي ٻئي روزانو منجهند جي ماني انهيءَ پوڙھي سان گڏ ھن ڪيفي تي کائڻ ايندا آھن. سندس پيءُ ڏھاڪو سال اَڳُ دل جي دوري ۾ گذاري ويو ھو ۽ پُٽ کي پارت ڪري ويو ھو ته ھو سندس مرڻ کان پوءِ انهيءَ پوڙھي کي ھڪ سچي پُٽَ جيان پيار ڪري، سندس سنڀال ڪري ۽ پَبَ جو مالڪ به جيستائين ھو جيئرو آھي، ھن کي ئي سمجهي. احمد چيو ته اھو پوڙھو الزائيمر يعني مڪمل ويسر جي مرض جو شڪار آھي ۽ دنيا ۾ رڳو پنھنجن انھن جيئرن ٻن دوستن ۽ کيس ئي سُڃاڻندو آھي. کيس گهر کان رستو به رڳو ھڪڙو يعني انھي ڪيفي يا پب جو ئي ياد آھي. ھن جي دنيا ڪل اھي ٽي ماڻهو ۽ اُھا ڪيفي ئي آھي.

Sarangaa درویشن جي دنیا ۾ گهاريل گهڙيون!

مان احمد جون ڳالهيون ٻُڌي انھن رشتن جي سچائي جي گھرائيءَ کي محسوس ڪري رهيو ھوس ته سامهون دروازي مان اُھو راتوڪو پوڙھو اندر داخل ٿيو ۽ احمد ڊوڙي وڃي کيس دروازي ڀرسان ئي انهيءَ ٽيبل تي ويھاريو، جنھن جي پاسن کان صرف ٽي ڪرسيون پيل هيون. احمد مونکي اَڳُ ئي ٻُڌايو ھو ته اُھا ٽيبل منجهند جي وقت اُنَ پوڙھي ۽ سندس ٻن دوستن لاءِ مخصوص ھوندي آھي. منھنجو منھن به انھيءَ ٽيبل طرف ھو، پر مان ڪجهه پَرَڀرو ويٺل ھوس ۽ ان پوڙھي کي اُھا خبر نه پئجي سگهي ھا ته مان کيس ڏسي رهيو آهيان، ھونئن به ھو مڪمل ويسر جو مريض ھو، سو راتوڪو واقعو ھن کي ياد ئي نه ھجي ھا ۽ نه وري ھو مون کي سُڃاڻي سگهي ھا. ماڻهن جي آمد تيز ٿيڻ لڳي ھئي ۽ احمد به پنھنجن ڪمن سان لڳي ويو. بس ايندي ويندي ھو پنھنجي معصوم مُرڪَ مون ڏانھن اُڇلي رهيو ھو ۽ ھن جي اندر جو سمورو حُسن سندس انھيءَ معصوم مرڪَ ۾ سمايل ھو. ھو ھڪ سادو، سٻاجهو، سچو ۽ محبتي انسان ھو. ٿَڌِ سبب مون ٻي ڪافي ورتي ۽ تيسين پوڙھي جا ٻئي دوست سٺي خوش لباس انداز ۾ اندر داخل ٿيا. ھي پوڙھو پاڻ به نھايت سادو پر خوش لباس ھو. ساڳيو پوڙھو جيڪو رات ڏمريو ويٺو ھو، ھاڻي مسڪرائي رهيو ھو. ھو ٽئي ھڪ ٻئي سان ڳالهائي نه رهيا هيا. منجهانئن ھڪ گونگو ۽ ٻيو مڪمل ويسر جو مريض ھو. بس ھنن ٽن لاءِ اھو ئي ڪافي ھو ته ھو ٽئي ننڍپڻ جا دوست ھئا، جيڪي پوڙھا ٿي چڪا ھئا پر ھڪ ٻئي سان گڏ ھئا. ھنن جي گفتگو لفظن ذريعي نه پر بيان نه ٿي سگهندڙ خوشيءَ جي احساس ذريعي ٿي رھي ھئي. احمد ھنن لاءِ ھر شيءِ ٽيبل تي پاڻ ٿَي رکي ۽ ھنن مان ھرھڪ آڏو ٿڌي بيئر جو ھڪ ھڪ گلاس به رکيل ھو. ھو پوڙھو دنيا ۽ ڪيفي جي مجموعي ماحول کان بي نياز ھو ۽ ھن لاءِ اھو ڪافي ھو ته ھن جي سامهون ھن جا ٻه دوست ويٺل ھئا ۽ احمد کيس صالح اولاد جيان يا شايد ان کان به وڌيڪ ڀانئي رهيو ھو. انھن ٽن پوڙھن جي اھا مانجهاندي جي ويھڪ خود ھڪ ڪمال تجربو ھو. مونکي محسوس ٿيو ته گونگي دوست سان به بنا ڳالهائڻ جي ڪيفَ ۽ مُرڪن سان ڪچھري ٿي سگهندي آھي. مڪمل ويسر ۾ گم ٿي ويل پوڙھي کي ھاڻي يادگيرين جي گهُرج به نه ھئي. ھن کي گهڻن اجاين لاڳاپن جي به گهُرج نه ھئي، ھو گوتم جي فڪر جيان گهڙيءَ ۾ جيئندڙ شخص ھو، جنھن پنھنجي يادن ۽ ويچارن کي برف جيان ڄمائي ڇڏيو ھو. ٽنهي ننڍپڻ جي پوڙھن يارن وٽ ڳالهائڻ لاءِ لفظ نه پر بس مُرڪون ۽ ھڪ ٻئي سان گڏ ھجڻ جو احساس ھو. ٻولي نه ڳالهائڻ سبب معنويت به ھنن کان گم ٿي وئي ھئي، جنھن جي ھاڻي کين ڪا گهرج به نه ھئي. ھو پوڙھن پکين جيان زندگي گذاري رهيا ھئا. رُوسو کي به اھڙي زندگي گذارڻ لاءِ فطرت ڏانھن واپسيءَ جو شوق ھوندو ھو.
مونکي جبل ڏانھن گهمڻ لاءِ وڃڻو ھو، سو مان پب مان ته نڪري آيس، پر انھن درويشن جي دنيا ۾ گهاريل پَلَ ھڪ حسين احساس سان مون سان گڏ ڪيترا ڏينھن گڏ سفر ڪندا رهيا. انسبروڪ ھڪ تاريخي ۽ حسين شھر ھو، پر منھنجي يادن ۾ انسبروڪ هميشه ٽن يارن جي اُھا ٽيبل ۽ ھنن لاءِ احمد جي  اڻ مَيي پيار جي صورت ۾ محفوظ ٿي ويو. مان اڪثر اُھا ٽيبل يادن جي اک سان ڏسي ۽ انھن ٽن جرمن پوڙھن جي اھا خاموش ڪچھري وڏي مزي ۽ ڌيانَ سان ٻُڌي سگهندو آهيان.

(ٽيھين نومبر ٻه ھزار ٻارنھن، ميونخ، جرمني)

2 COMMENTS

  1. پيارا جامي اوهان جي هن تحرير جي سڀ کان جذباتي ۽ اثرائتي ڳالهه اهو پراسرار پب آهي، جتي اوهان هڪ الزائيمر جي مريض پوڙهي جي ڪاوڙ کي پهرين ته انساني فطرت طور ڏسو ٿا، پر جڏهن ان جي پٺيان احمد (لبناني نوجوان) جي وفاداري ۽ محبت جي ڪهاڻي ظاهر ٿئي ٿي، ته هي سفرنامو هڪ وڏي انساني فلسفي ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو.

    اوهان جنهن مهارت سان يادگيرين جي گم ٿيڻ کي گوتم جي فڪر جيان لمحي ۾ جيئڻ سان تشبيهه ڏني آهي، اهو اوهان جي مشاهدي جي گهرائي جو ثبوت آهي. هتي ٽن يارن جي ٽيبل وارو منظر هڪ اهڙو تمدني استعارو بڻجي اڀري ٿو، جيڪو اسان کي ٻڌائي ٿو ته ٻولي ۽ لفظن کان سواءِ به رشتن ۾ ڪيڏي نه سگهه ۽ معنيٰ ٿي سگهي ٿي. هيءَ لکڻي پڙهڻ کانپوءِ انسبروڪ رڳو هڪ جابلو شهر نه، پر ان احمد جي صورت ۾ انسانيت ۽ وفاداري جو هڪ عالمي يادگار بڻجي ذهن ۾ نقش ٿي وڃي ٿي. اوهان جي هيءَ رولاڪي، اصل ۾ انسانيت جي تلاش جي هڪ خوبصورت وِک آهي.

    • پیارا ھن لکڻيءَ جي حساسیت جي تَھن ۾ لڪیل معنویت کي توھان جھڙو دوست ئي پَسي ۽ پَروڙي سگھي ٿو. 🙏🌷

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا