Homeادبيادگيريونڪَلهہ جِي ڳالهه...!

ڪَلهہ جِي ڳالهه…!

علي دوست عاجز
علي دوست عاجز
علي دوست عاجز جديد سنڌي شاعريءَ جو ھڪ اھم نالو آھي، جنھن جي شاعريءَ جي ڪيترا ئي مجموعا شايع ٿي، شھرت ماڻي چڪا آھن. ھو تخليقي نثر ۾ بھ بيحد نئين انداز ۾ لکي ٿو، جنھن ۾ لوڪ روايت، عوامي زندگي ۽ حڪايت جو رنگ غالب آھي.

تڏھن آنءُ ڪوٽڙيءَ رهندو هوس، ڪوٽڙيءَ ۾ بہ ڪراچي واھ واري پاسي ريلوي ورڪ شاپ جي ڀرسان. پوءِ ڪوٽڙي شھر آيس، جو شھر ۽ آفيس جي نفسيات ۽ ٽائيمنگ بيزار ۽ بيمار ڪري ٿي وِڌو…!
اڪيلو رهڻ ڪري، ماني پاڻ ڪبي هئي، نہ تہ هوٽلنگ…!
*
ڪوٽڙيءَ ۾ وڏي عياشي اها هوندي هئي، تہ سائين علي بابا ۽ سنڌُو درياھ تائين ائپروچ سولي هوندي هئي!
درياھ جو لُڙاٽيل پاڻي ۽ علي بابا جا اُڀريل نَسُن وارا هٿ جيڏي مھل دِل چوندي هُئي، اُنهن کي ڇُھي سگهبو هو. چاهبو هو، تہ مُنھَن سان لائي، چُمي بہ سگهبو هو…!
علي تہ پڙهڻ وارن ڏينھَنِ ۾ بہ، ڪڏهن هاسٽل تي اچي رهندو هو. ڪھاڻي “پَلٽيو چنڊُ پڌام تي” هن اسان جي ڪمري تي لِکي هئي. مان تہ سُمِهي پيو هوس. پاڻ اَلائي ڪيڏي مھل سُتو هو. صبح جو مون ڏٺو، تہ ڪمري ۾ ان ڪھاڻيءَ جا چار پنج بَنچَ ڦاٽل ۽ گُهنجيل سَٽيا پيا هُئا…!
عليءَ جي لفظن تلوارَ ڪاوڙ ۾ قھرُ ڪندي هُئي. توڙي جو سندس ڳالهيون بہ لکڻ جھڙيون هونديون هُيون، پر ڪچھرين ۾ دوستن سان، ٻارن سان اهڙو اِيزي هوندو هو، جيئن ايئر پورٽ تي جھاز هلندا ۽ ڦِرندا وتندا آهن. لکڻ مھل علي پيرن تي نہ، پر پَرَ تي هوندو هو!
علي ڪاوڙ ۾ ڳالهائي تہ ويندو هو، پر لِکڻ مھل لڳندو هو، ڄڻ هي قلم مسُ مان نہ، پر کيرَ مان ٻوڙي لکندو هُجي…!
مون کي ايئن لڳندو آهي، ڄڻ علي بابا کان پوءِ رُڳو اسان جي ئي نہ، پر درياھَ جي دِل بہ ڀَڄي پئي آهي…!
*
هڪ رات جيئن آنءُ ﷲ واري چئونڪ لڳ، بار بِي ڪيُو هوٽل تي جيڪو ڇت تي هوندو هو، چڙهي، اڃا ويھڻ جي پئي ڪئي، تہ منهنجي نظر سائين وفا ناٿن شاهي ۽ سرور نواز ٻُگهيي تي پئي. مون سِڌو وڃي کين سلام ڪيو. مون سائين وفا کي سُڃاتو تہ پئي، پر ساڻس منھنجي اها پھرين ملاقات هئي. سائين وفا جي هٿ ۾ چار پنج وڏا رجسٽر ۽ ڪنھن ڪتاب جي مسودي جيترو مواد هٿ ۾ هو. سرور نواز صاحب جيئن منھنجو تعارف ڪرائيندي نالو کڻي بس ڪئي، تہ وفا صاحب اهو بنڊل مون ڏانھن وڌائيندي چيو:”تنھنجا اکر سُٺا آهن، هي مون کي فيئر ڪري ڏي…!”

Sarangaa ڪَلهہ جِي ڳالهه...!

ٿوري حيرت لڳي، پر مون سمجهيو, تہ اهو تعارف اڳواٽ ڪنھن ڪرايو هوندو! مون ڪجهه ڏينھن جي مُھلت گُهري، مواد پاڻ وٽ رکيو، جنجن ۾ سندس آتم ڪٿا ٽائيپ حوال هو. انهن ڏينھن ۾ وفا کي پاڻ تي لِکرائڻ جو خيال حاوي هو. جو تاج جويي صاحب کيس چيو : “وفا! تون جن ماڻهن کي پاڻ تي ڪجهه لِکرائڻ لاءِ چوندو پيو وتين، تون انهن کان تمام وڏو شاعر آهين…!”
وفا کي مون پاڻ وٽ ترسايو، جو سرور نواز وٽ رهائش نہ هئي. دير سان سرور نواز، کيس ٽي لکيل مضمون ڏيئي، صبح جو اچڻ لاءِ چئي تہ ويو، پر آيو ڪو نہ…!
ڇو تہ مون شام جو آفيس کان واپسيءَ تي اچي ڏٺو، تہ وفا ويٺو آهي. چيائين: “سرور نواز تہ ڪو نہ آيو…!”
مون کانئُس پڇيو، ته ان ۾ توهان جو ڪم ڪھڙو ھو…!
ٻُڌايائين تہ: “هنن مسودن/رجسٽرن جي بائينڊنگ ڪرائڻ هُئي حيدرآباد ۾ ڪنھن جاءِ تان…!”
وفا وڏو شاعر هو، پر هُو پنھنجي شاعريءَ جا مَسودا، تہ ڇا، پنھنجي ذات کي سنڀالڻ بہ سندس وَس جي ڳالهه نہ هئي!
اهڙن تخليقڪارن جون تخليقون، وَتنديون آهن، جهنگ جي هرڻيُن وانگر هلنديون، جن کي ڪو ساڃھ وَند جهلي آيو، ته واھ، نہ تہ ڪنھن بہ شڪاريءَ جو سولائيءَ شڪار ٿي وينديُون آهن! سندس رضا سان، ڊاڪٽر اسحاق سميجي هن جي نوٽ بوڪن مان، هڪ ڪتاب جيترا غزل چونڊي هڪ مسودو ترتيب ڏنو. سندس خيال هو، پاڻ ڇپائينداسين، جو پبليڪيشن هن جو پراڻو خواب هو، پر پئسہ نہ ٿيا ۽ ڪمپوز ٿيل مواد، يا بٽر، روشني واري ادي علي نواز کي ڏنائين، اهو چئِي، تہ اسان کي ڇپائڻ ۾ متان دير لڳي، تنھن ڪري توهان ڇپرايو، جيڪو “وفا” جي ٽائيٽل سان ڇپيو!

Sarangaa ڪَلهہ جِي ڳالهه...!

ايئن سنڌي ادب بورڊ وارو مجموعو بہ ڪنھن ترتيب ڏيئي ڇپرايو هوندو، اهڙي ئي قسم جي رجسٽرن تان!
ذوالفقار گاڏهيءَ بہ پنھنجي هڙان وفا جا ٻہ ڪتاب ڇپرايا. هن تي وارو وارو ٿيو، تہ وفا جا مسودا چورايا اٿس. ذوالفقار تہ ڇا، پر ڪنھن بہ وفا جا مجموعا چورايا نہ هوندا، هن پاڻ ڪنھن کي ڇپرائڻ جي آسري ۾ ٿي سگهي ٿو ڏنا هجن، پو ان واپس نہ ڪيا هجن, اها ٻي ڳالھ آھي…! باقي ڪيرُ. ڪنھن جي شاعري پنھنجي نالي ڇپرائي تہ سگهي ٿو، پر شاعر نہ ٿو ٿي سگهي. اهڙا کوڙ شاعر، اديب آهن، جيڪي سڄي عمر شاعر نہ ٿي سگهيا. پَرائِي پرفيوم لڳائي، ان کي پنھنجي خوشبو سمجهڻ، خوش فھمي ئي سمجهڻ گهرجي. لاڻا ۽ لُوتَ، چَوڻ سان چَندن ناهن ٿي سگهندا…!
*
ڪوٽڙي ۾ منھنجي رهائش خاص نہ هئي. نوڪري وارا شروعاتي ڏينھن، ٿوري پگهار جي ڪري، گُذارو هوندا هئا. لاهور ۾ ڏيڍ مھيني واري ٽريننگ وارن ڏينھن ۾ مسٽر رام چند ۽ مون ٻِي سنگت کان الڳ هڪ سستو هوٽل ڳولي هٿ ڪيو هو. ھاڙھ جا ڏينھن هئا، تنھن ڪري رات جو ڇت تي پيل کٽُن تي وڃي سُمهندا هئاسين!


منصور سيتائي، شھزاد سيتائي بہ تڏهن ڪوٽڙي رهندا هئا. اسحاق سان ميل ملاقات بہ ڪوٽڙيءَ ۾ ئي ٿي. هي تڏھن گهڻو ڪري پنھنجي مامي يا ماسيءَ وٽ رهندو هو.
هڪ سنڊي تي منصور ۽ مون کيس سڀني ٿاڪن تي ڳوليو، پر نہ مليو. هاڻي اسان آسرو لاهي حيدري هوٽل تي چانھ پيڻ ٿي وياسين، تہ اوچتو ڳليءَ ۾ مُنھِن پئجي ويو. منصور، اسحاق سان گهڻي حُجت ڪندو هو، کيس ڏسندي چيائين: “هي تہ وٺُ, اسان ڳولي ڳولي اڌ مُئا ٿي پيا هُون، تون هينئر پيو ظاهر ٿين…!”
اسحاق منھنجو لحاظ ڪندي، ساڳيي انداز سان رِٽليئيٽ نہ ڪيو، پر کِلندي چيو:
“سائين! تون ڪھڙو چڱو ماڻهو، ڪھڙن ڪنن ماڻهن سان ٿو رَليو وتين،…!”
*
استاد خادم سخيراڻي، ڪوٽڙيءَ پو آيو، جڏهن اسان حيدرآباد هليا آياسين. هن دادُو وانگر باريجا چئوڪ تي ڪلب بہ قائم ڪئي. وچان درياھ جيتري دُوري سبب ساز سِکڻ ۽ سُرَ ۾ اچڻ واري آس، ايئن جو ايئن اَڌُوري ۽ اَڻ پُوري رهندِي رهندِي پئي اچي…!
*
سائين اختر رند اسان جي تَر ڳوٺ جو هو، سندس طبيعت بہ ڳوٺاڻي ۽ لحاظ واري هئي. هن جي علي سائين ۽ عبدالڪريم بلوچ صاحب سان لڳندي هئي. هي ڪنهن ڳالهه تي ڪنڌُ هيٺ ڪري مُرڪندو هو، تہ سانجهيءَ ٽاڻي ڪنھن ٽانڊاڻي جو ٽمڪڻ ياد اچي ويندو هو…!
*
اسحاق ۾ جستجو، تخليقي، انفرادي ۽ اختلافي صلاحيتون موجود هيون، جيڪي نَئن جي پاڻي وانگر پٿرن مان نوان رستا ڳولڻ جي جستجو ۾ رهنديون هيون!
هن وٽ دوستيءَ جا وڻ پوکڻ جو آرٽ هو، جيڪو مون وٽ نہ هو. تنھن ڪري آنءُ بہ آرڙھ جي اُسن ۾، انهن وڻن جي ڇانوَ ۾ ايئن اچي ويھندو آهيان، جيئن ڪاڙهي ۾ ڪاڇي وارو مالُ اچي ڪَنڊن جي ڇانوَ ۾ ويھندو آهي…!
**

3 COMMENTS

  1. دل کي ڇهندڙ ڳالھيون. علي دوست عاجز جو نثر به ڪمال جو آھي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا