Homeادبيادگيريونايما! توکي ايڏي تڪڙ ڇو آھي؟ (پرڏيھي سفرن جون ڪَٿائون-۳)

ايما! توکي ايڏي تڪڙ ڇو آھي؟ (پرڏيھي سفرن جون ڪَٿائون-۳)

جامي چانڊيو
جامي چانڊيو
جامي چانڊيو سنڌي ٻوليءَ جو نامور ليکڪ ۽ دانشور آھي. ھن سياست، ادب ۽ سماجي سائنس تي ڪيترا ئي اھم ڪتاب لکيا آھن. پاڻ ھڪ ئي وقت اردو، انگريزي ۽ سنڌيءَ جي مشھور اخبارن ۾ ڪئين سالن کان لکندو رھي ٿو.

اھو اڪيڊميءَ ۾ منھنجو ٽيون ڏينھن ھو، جو مون ھڪ خوبصورت ڇوڪريءَ کي اڪيڊمي جي ورانڊن، ڪيفي ۽ اسانجي ليڪچر ھال ۾ تيز تيز ھلندي ڏٺو. ناشتي تي صبح جا ساڍا ست ھجن يا سڄو ڏينھن اڪيڊمي ۾ اندر ھل ھلان ھجي، ھوءَ وڏا وڏا قدم کڻندي، تيز تيز ھلندي ھئي. لڳندو ھو ڄڻ جھانُ ھوءَ پئي ھلائي. ھلائي ڇا پئي، پر سڄي جھانَ ھلائڻ جي ڳڻتي رُڳو ھن کي ئي آھي. ھوءَ بيھي رھندي يا پنھنجي رفتار کي ڍَرو ڪندي ته ڪائنات بيھي رھندي، ڌرتي بائيبل جي ڌُڪي جيان ساڪن ٿي ويندي. ھن جي ھٿن ۾ اڪيڊمي جي مختلف ھالن ۾ ھلندڙ ليڪچرس جا پَنا يا پرنٽ ھوندا هيا ۽ ھوءَ انهن جا انتظام ڏسندي ھئي. ھن جو نالو ايما ھو، جنھن جو مطلب آھي مڪمل، ڪائناتگير يا سڄي. ھن تي شايد سندس نالي جو اثر ھو، جو ھوءَ پنھنجي وِکَ وِکَ ۾ پاڻ کي مڪمل ۽ ڪائناتگير سمجهندي ھئي. ھن جي شخصيت ۾ اُھي سموريون خصلتون نظر اينديون هيون، جيڪي جرمني ۽ يورپ جي ڪيترن ملڪن خاص طور برطانيه ۾ ان نالي سان منسوب ڪيون وينديون آھن يعني مضبوط ارادي واري، ذهين، سمجهدار، دلڪش، نرم مزاج ۽ اعتماد سان ڀرپور. يارهين صديءَ ۾ نارمينڊيءَ جي ايما ٻه ڀيرا انگلينڊ جي راڻي بڻي ھئي. هن پھريون ڀيرو بادشاهه ايٿليريڊ سان شادي ڪئي، ۽ سندس وفات کان پوءِ وائڪنگ بادشاهه ڪِنَٽ سان شادي ڪئي ھئي. سندس زندگي هڪ سياسي ڊرامي جھڙي لڳي ٿي، جنھن ۾ حملا سَھڻ، وفادارين جو بدلجڻ، ۽ شاهي سازشن سان ڀرپور زندگي. پر ھيءَ گُلن تي ماڪَ جھڙي نفيس ايما ھن کان گهڻو مختلف ھئي.
جرمن لوڪ تاريخ ۾ ھڪ اھڙي ايما جو ذڪر ملي ٿو ته ايما نالي هڪ ڇوڪري هئي، جيڪا هڪ ئي وقت هر شيءِ جو تجربو ڪرڻ چاهيندي هئي يعني هر خواب، هر ڪاميابي، ھر خوشي۔ هوءَ زندگيءَ ۾ جلدي جلدي انيڪ داخلي ۽ خارجي تجربن مان گذرندي رهي، ڪڏهن به نه بيھندي ھئي. هڪ ڏينھن هن جي ملاقات هڪ پوڙهي عورت سان ٿي، جنھن کيس چيو ھو ته دنيا کي هڪ ئي ڀيري اُڪلائڻ لاءِ نه ٺاهيو ويو آهي، ان کي آهستي آهستي چَکي محسوس ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي. پوءِ ايما ٿانيڪو ٿيڻ شروع ڪيو ھو ۽ ايئن پھريون ڀيرو هن واقعي زندگيءَ کي محسوس ڪرڻ شروع ڪيو ھو. پر ھيءَ ايما اڃا ان نتيجي تي نه پھتي ھئي. مون اڪيڊميءَ ۾ ھن کي نھايت گهٽ ڳالهائيندي ڏٺو. ھوءَ شايد پنھنجين تيز وکن جي آواز ذريعي ڳالهائيندي ھئي. ھونئن به ڳالهائبو رُڳو زبان، ٻولي ۽ لفظن سان ناھي. احساسن، روين، تاثرن، ادائن، مُنھنَ، ھٿن ۽ وِکُن سان به ڳالهائي سگهبو آھي. ھن ڇوڪريءَ زندگيءَ ۾ پنھنجين تيز وِکن سان ئي ڳالهائڻ جو شعوري يا لاشعوري فيصلو ڪيو ھو. ھوءَ گُمرسباخ جي ان ٿيوڊور هيوس اڪيڊميءَ ۾ پروگرام اسسٽنٽ ھئي، جنھن ۾ مان ھڪ سياسي تعليم جو اڪيڊمڪ ڪورس (عالمگيريت، گورننس ۽ سلامتي) پڙھڻ آيو هيس. اسانجي اُھا اڪيڊمي گُمرسباخ شھر جي جبل تي قائم ھئي. اھو ننڍڙو جابلو شھر يورپ جي مشھور درياھَ رائن جي ڪناري تي آھي، جنھن جي کاٻي پاسي جرمنيءَ جو مشھور شھر ڪولون ۽ ساڄي پاسي هائيڊل برگ آھي، جتي اقبال جي نالي سان منسوب گهر ۽ گهٽيءَ کي محفوظ ڪيو ويو آھي. دلچسپ ڳالهھ ته ھن ئي شھر ۾ اقبال جي ھڪ مستشرق جرمن دوست ايما به رھندي ھئي، جنھن جو ذڪر اقبال جي زندگيءَ ۾ ملي ٿو. 1907ع ۾ جڏهن علامه محمد اقبال اعليٰ تعليم لاءِ جرمني ويو ۽ هائيڊل برگ يونيورسٽيءَ ۾ قيام ڪيو، تڏهن اتي سندس ملاقات ايما سان ٿي ھئي، جنھن جو سڄو نالو ايما ويگي ناسٽ ھو ۽ ھوءَ هڪ اعلي تعليم يافته، باوقار مائي هئي. هن کي ٻوليءَ ۽ ادب سان گھِري دلچسپي هئي ۽ خاص طور تي مشرقي فلسفي ۽ فڪر ڏانھن گهڻو مائل ھئي. ھيءَ سياسي تعليم جي اڪيڊمي جنھن دانشور ٿيوڊور هيوس جي نالي سان منسوب ڪئي وئي آھي، اُھو ھٽلر کان پوءِ جرمنيءَ جو پھريون متفقه چانسلر ٿيو ھو ۽ ھو مشھور لبرل جرمن فلسفي فريڊرڪ نيومن جو شاگرد ھو، جنھن کي منھنجو پيارو دوست توثيق حيدر فريد نعمان سڏيندو آھي. اڪيڊمي ۾ اسانجو ليڪچر ھال ۽ ھال ڏانھن ايندڙ ڪاريڊور ڪاٺَ جي ٽائيلن جا ھئا، سو جي ايما پري کان به ايندي ھئي ته سندس بوٽن جو کڙڪو سڄي ليڪچر ھال ۾ ٻُڌبو ھو. ھن جي حَسين ۽ معصوم چھري کي ڏسي دل چوندي ھئي ته ھن کي ته ڪوبه ڪم نه ھئڻ گهرجي، ھن جو ھن جھانَ ۾ ھُجڻ ئي ھن جو ڪارج آھي ۽ ھن کي ڏسڻ خود ھڪ ڪم آھي- پر ھن جي وِکن ۾ اوٿَرَ ۽ واچُوڙا ھئا. ھيءَ گُلاب جي پنکڙيءَ جھڙي نازڪ نفيس ڇوڪري پنھنجي اندر جي اوٿرن ۽ واچُوڙن ۾ ڪٿي ٿَي بيھي سگهي. ٿانيڪائيءَ جو تصور ھن جي لُغت ۾ ئي نه ھو. ھن جي تڪڙ ۽ ڇوھائپ کي ڏسي دل چوندي ھئي ته کيس تائو مَت جي اھا چوڻي ٻُڌايان ته ڌيرج سان ھلڻ وارا به منزل کي رَسي ويندا آھن. ڪَمَ تڪڙ ناھي اُڪلائيندي، پر قابليت، رٿابندي ۽ حڪمت عملي سان زندگيءَ ۾ ڪمَ اُڪلائي سگهبا آھن.

Sarangaa ايما! توکي ايڏي تڪڙ ڇو آھي؟ (پرڏيھي سفرن جون ڪَٿائون-۳)

تڪڙ بابت انيڪ لوڪ ڏاھپ جون چوڻيون ھر دور ۽ تھذيب ۾ مشھور رهيون آھن، جن مان مونکي اُپنشدن جي ھڪ چوڻي ياد آھي ته تڪڙ اڪثر پڇتاءَ جو سبب بڻبي آھي. اڪبر بادشاھ جيڪو پڙهيل ته نه ھو، پر ڏاھن جي صحبت ۾ رھندو ھو ۽ جنھن کي مغل بادشاھن مان سڀني مان وڌيڪ سمجهدار سمجهيو ويندو آھي، جي باري ۾ قصو مشھور آھي ته ھن ھڪ ڀيري ملزم کي بنا ٻُڌڻ جي تڪڙ ۾ موت جي سزا ڏني. جڏھن سزا تي عمل ٿي ويو ته کيس معلوم ٿيو ته مٿس چُغلي بدنيتي ھئي ۽ ھو ملزم معصوم ھو. بادشاھ کي وڏو وقت ان تي پڇتاءُ رهيو ۽ ھو پوءِ سڄي زندگي تڪڙ کي پسند نه ڪندو ھو. سڪندر مقدوني جو قصو آھي ته ھن سان سفر ۾ ھڪ شاندار ۽ مضبوط رَسو ساڻُ ھوندو ھو، جنھن کي سندس ڪنھن سپاھيءَ وِچان ڳنڍ ڏئي ڇڏي ھئي. سڪندر جڏھن ڳنڍ نه کولي سگهيو ته ھن پنھنجي تلوار سان رَسيءَ کي ڳنڍ وٽان ڪَٽي ڇڏيو. رَسو کيس وڻندو ھو سو کيس سدائين ان جي ٻه اَڌَ ٿيڻ جو ارمان رھندو ھو. روميءَ جي ھڪ شاگرد کي پاڻيءَ جي لاءِ ھڪ کُوھُ کوٽڻو ھو، پر ھو مزاج ۾ بي صبرو ھو. سو ھر ھنڌَ ويو کاٽي ڪندو، ۽ ائين انيڪ جاين تي اَڌوگابرا کُوھَ کوٽيندو رهيو، پر ڪوبه کُوھُ مڪمل نه کوٽڻ سبب پاڻي ھٿ نه ڪري سگهيو. جڏھن اُھا ماجرا اچي پنھنجي استاد روميءَ کي ٻُڌايائين ته استاد کيس چيو ته بي صبرائپ ۾ گهڻا اَڌوگابرا کُوھَ کوٽڻ بجاءِ جي ھو صبر سان اُھا سڄي محنت ھڪ کُوھَ تي ڪري ھا ته پاڻيءَ تائين پُڄي وڃي ھا. ارسطو پنھنجي دور جو مصروف ترين فلسفي ۽ سائنسدان ھو. سندس تجربي گاھ ۽ درسگاہ ۾ سورنھن شعبا ھوندا ھئا، پر ھو هميشه ٿانيڪائيءَ سان ڪم ڪندو ھو ۽ چوندو ھو ته فلسفي ۽ فطري علمن کيس توازن سيکاريوآھي. چيني ڏاھو ڪنفيوشس چوندو ھو ته تڪڙو ھلڻ وارا جلدي ٿڪجي ويھي رھندا آھن، پر آھستي ھلڻ وارا ڊهو پنڌُ ڪري سگهندا آھن. ھو چوندو ھو ته تڪڙيون وِکون کڻڻ وڏي ڳالهھ ناھي، پر مسلسل ھلندو رھڻ وڏي ڳالهھ آھي. وڏن ماڻهن جي وِيچارن ۾ ڪيڏي نه ھڪ جھڙائي ھوندي آھي. لطيف سائين به اورچائيءَ سان ھلندي رھڻ کي وڏي ڳالهھ ڄاڻايو آھي. وڏن ماڻهن سان منسوب ڳالهيون به ڏاڍيون دلچسپ ۽ ڏاھپ ڀريون ھونديون آھن. ائين ايراني ڏاھي زرتشت سان منسوب چوڻي آھي ته تڪڙ منتشر ذھن جو رويو ھوندو آھي. ڪيف پسند ماڻهن جي ھڪ وڏي وجودي خوبي اھا ھوندي آھي ته انھن ۾ تڪڙ ناھي ھوندي. ھو اصل ۾ زمان کان وڌيڪ مڪانَ کي اهميت ڏيندا آھن، جو زمانَ تي انسان جو وَسُ ناھي ھلندو ۽ مڪانَ جي ڪُنجي ماڻهوءَ جي پنھنجي ھَٿَ ۾ ھوندي آھي- ۽ هو زمان کي وھڪري ۾ نه پر گهڙيءَ ۾ ڏسندا ۽ انکي مڪانَ سان جوڙيندا ويندا آھن، انڪري انھن وٽ زمان ۽ مڪانُ وحدت جي صورت ۾ ھوندو آھي ۽ اُھا وحدت وجود جي ٿانيڪائيءَ ۽ ڏاھپ سان گڏجي ڪيفُ پيدا ڪندي آھي.

Sarangaa ايما! توکي ايڏي تڪڙ ڇو آھي؟ (پرڏيھي سفرن جون ڪَٿائون-۳)

ايما کي مون ڪنھن کي به چِتائي ڏسندي نه ڏٺو، نه ڪنھن ماڻهوءَ کي، نه ڪنھن شيءِ کي، نه اڪيڊميءَ جي چوڌاري حسين ساوَن جبلن کي، نه ڪونڊين ۾ لڳل گُلن کي ۽ نه ڪنھن پَھرَ کي. دل سوچيندي ھئي ته ڇا ھن حَسين ۽ پنھنجي حُسن کان بي نياز ڇوڪريءَ ڪڏھن پاڻ کي آرسيءَ ۾ چِتائي ڏٺو ھوندو؟ نرگس کي ته پاڻ کي ڏسڻ لاءِ اکيون ڪونه هيون، پر ھن ته پنھنجيون حَسين نيريون اکيون پنھنجين تڪڙين وِکُن ۾ وجهي ڇڏيون هيون. ھوءَ پاڻ ته ڪنھن به شيءِ کي چِتائي نه ڏسندي ھئي، پر ھن کي به اکين جي ڍَوَ جيان گهُوري ڏسي نه سگهبو ھو، جو تيز گهُلندڙ ھوا کي گهُوري ناھي سگهبو. ھوءَ اوٿرن جي مُندَ ۾ اُسريل ڪو ڪومل گل ھئي، جنھن کي بيٺل ۽ سانتيڪو ڏسي ناھي سگهبو.     

جلدی میں کيا کيا نه گنوايا ہم نے
ٹھہر کے دیکھتے تو کچھ اور بات ہوتی.


پر ھن کي ان جي پرواھ ڪٿي ھئي. ھن کي ته اُھا نصيحت ڪرڻ به ممڪن ھو ته:

جلدی میں جو آئے ہو، ٹھہرو تو ذرا
ہر کام میں ہوتی نهیں عجلت اچھی.


ڏند ڪٿائي دورن ۾ ھر وصف لاءِ جدا جدا ديوتا ۽ ديويون ھونديون هيون، جي ھيءَ قديم يونان ۾ ڄَمي ھا ته ايما کي تڪڙ جي ديويءَ جو لقب ملي ھا. مان گمرسباخ اڪيڊمي مان ڪورس مڪمل ڪري واپس هليو آيس، پر ھن جي تيز وِکن جا آواز منھنجي ڪَنن ۾ سالن تائين ٻُرندا رھيا. اھڙي ئي ھڪ شام برلن ۾ کيس دل ۾ ساريندي مٿس ھي نظم لکيو هيم ته:

زندگيءَ کان بي پرواھ
ڇوھي ڇوڪري!
توکي ايڏي تڪڙ ڇو آھي؟ 
ڪَمَ ته نيٺ رھجي ئي ويندا، 
کَنَ پَلَ لاءِ ساھي پَٽِ
اکيون ٻوٽِ
وڏو ساھُ کَڻُ
۽ ھڪ نئينءَ اَکِ سان
وري زندگيءَ ڏي نھار!

ڏِسُ!
وَڻن کي ته ڪا به جلدي ناھي
پَکي به شام جو 
پنھنجن آکيرن ڏانھن موٽڻ لاءِ 
پُرسُڪون آھن
ھَوائون ته ھُونئن ئي بي لغام آھن
بادل ازل کان 
آوارہ گردي ڪندا رھن ٿا!

 ھو ڏِسُ! 
ٻارَ ڪيترا نه بي پرواھ آھن
درياھن کي به 
وھڻ لاءِ پڻ ڪا جلدي ناھي
۽ لھرون ته هميشه بي ثبات 
۽ پُرڪيف
ھونديون آھن!
رات جو روشني 
چُپ چاپ سُمهي رھي ٿي
۽ ڏينھن جو اونداھي
لِڪي جاڳندي رھي ٿي!

زندگيءَ ۽ پنھنجي حُسنَ ۽ جوانيءَ کي 
پُٺي ڏئي
تون ڪيترو به ڊوڙين
ڪم ته نيٺ رھجي ئي ويندا!
تو ڏٺو ناھي ته
زندگيءَ ۾ ھر شيءِ اَڌوري آھي
مُحبت
سفر
جُستجو
جاکوڙَ
حسرتون
۽ خود زندگي
سڀ اَڌورا ئي ته آھن!

پوءِ تو ڪڏھن کن پل لاءِ 
پاڻَ بابت سوچيو آھي ته
توکي ايڏي تڪڙ ڇو آھي؟ 
ھڪ ڏينھن تون به نه کُٽندڙ 
تڪڙ کان بي نياز ٿي
گُلن تي پوندڙ ماڪَ جيان
ٿَڌي ٿي ويندينءَ
۽ زندگي پوءِ به تنھنجي جوانيءَ جيان گرم رھندي
۽ ڪم ته پوءِ به رھجي ئي ويندا!

(برلن، چرچ اسڪوائر
20 آگسٽ 09
شام جا 7 وڳا)

1 COMMENT

  1. واه جامي پيارا!
    ڪَمَ تڪڙ ناھي اُڪلائيندي، پر قابليت، رٿابندي ۽ حڪمت عملي سان زندگيءَ ۾ ڪمَ اُڪلائي سگهبا آھن.
    واه واه……. واه واه………

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا