اسان ٿري ماڻهو وڏڙا توڙي ٻار، وُٺي جي صبح کي عيد کان به وڌ ڀايون. وُٺي جي صبح کي وڏو سڀاڳو ڏينھن ڪري ليکيندا آھيون.
اھڙي ئي ھڪ ڀيڄ ڀنيءَ جي صبح ھئي. ياد اٿم، جڏھن منھنجي اک کُلي ته مِٽي ۽ ڇيڻي سان ٺھيل ڪچي اڱڻ جي وچ ۾ پاڻيءَ جا دُٻا ٺھيل ھئا. ان ۾ جهرڪيون وھنجي رھيون ھيون، وڻ ڌوپجي چٽا ساوا لڳي رھيا ھئا، آسمان تي اڃا ڪڪر ڇانيل ھئا ۽ وڌيڪ وسڻ جو ويس ڪريو بيٺا ھئا. ھاري ھٓر سنڀاري مُجيرين کان ٻج وٺڻ لاء پھتا ھئا. ڪٿي ڪٿي ڪاٺي زمين ۾ برسات جو پاڻي بيٺل ھو، جنھن کي ترائي چئبو آهي.
پاڻياريون ٽولو ڪري، ترائيءَ مان پٓلر ڀرڻ لاء ويون پئي. اھو پلر ڪپڙا لٽا ڌوئڻ لاء استعمال ڪيو ويندو آهي.
آئون جيتوڻيڪ ننڍپڻ ۾ گجگوڙ ۽ کنوڻ کان ڊڄندي ھيس، پر پوء بہ ٿرياڻي ھجڻ ناتي، برسات ۽ ان کان پوءِ جا حسين منظر مونکي بيحد وڻندا هئا ۽ اڃا به وڻندا اٿم.
منھنجي ڏاڏِي امان، جنھن منھنجي امڙ جي ڪمھلي وڇوڙي کان پوءِ مون کي ۽ منھنجي ڀاءُ سجاد کي ماءُ بڻجي پاليو ھو، تنھن اڱڻ ۾ ويھي ڏُڌُ منجهان مکڻ پئي ميڙيو. ھٿ ۾ ڪرڪيٽ جي بال کان به سوايو چاڻو کڻي ننڍڙي ھنڊي ۾ رکيئين. ڪڻڪ جي گرم ماني پچائي، منھنجي چوڻ بنا مکڻ ۾ ڪُٽي ڪري ڏنائين. مکڻ ته روز دل تي کائبو هو، پر ڏاڏا يا ڏاڏِي اسان کي ڪُٽي صرف اسان جي فرمائش تي ئي ڪري ڏيندا ھئا.
پر اُن ڏينھن الائي ڇو، ڏاڏي سانئڻ مونکي پاڻهي مکڻ ۾ ڪُٽي ڪري ڏني ته خوشي ۽ حيرت وچان کائڻ شروع ڪيم. جڏھن وٓٽي ۾ آخري گِرھ مس وڃي بچيو ھو ته ڏاڏِي ءٓ چيو، “ماني کائي، ھٿ ڌوئي، سليٽ کٓڻ ۽ ان تي الف ب ت لک. ھاڻي تنھنجي پڙھائي شروع. تون روز نيرن ڪرڻ کان پوءِ سبق لکي ڏيکاريندينءٓ، پوءِ کيڏڻ ويندينءٓ.”
مون دل ۾ چيو، پر اڄ ته مينھن وُٺو آھي، مونکي ڀونگلا (واريءَ جا گهر) ٺاھڻا آھن، دل تي کيڏڻو آھي، ڀنل واريءَ سان…
سوچيان ٿي، ٻاروتڻ ۾ انسان واري جا گهر ٺاھيندي ٺاھيندي، جوانيءَ ۾ به واريءَ جو ئي گهر تي ٺاھي ٿو!
خير، ائين پٽي ۽ الف ب پڙھي، ٻاراکڙين ۾، پوء پھرئين ڪچي ۾، پڪي ۾، ٻئين ۾، ۽ جڏھن ٽئين ڪلاس ۾ آيس، ته ھڪ ڏينھن ڏاڏِي چيو ته تون ڀاءُ سجاد سان گڏ ڀلا بوائز پرائمري اسڪول ويندي ڪر، ڇوته گرلز اسڪول ۾ ته مائٽ ڪا ڇوڪري ڇڏين ئي ڪونه ٿا پڙھڻ لاءِ. ان ڪري ماسترياڻي به ڪونه ٿي اچي، سو اھو بھتر ٿيندو تہ تون سڀاڻي کان ڇوڪرن جي اسڪول وڃ.
ٻئي ڏينھن آئون مکڻ ماني سان ناشتو ڪري، ڪتاب ۽ سليٽ کڻي، ڀاءُ سجاد سان گڏ بوائز پرائمري اسڪول ويس. استاد سائين محمد رحيم جنجهي ھيڊ ماستر ھو. منھنجو وڏو مامو محمد طاهر، منھنجو پڦڙ ۽ بابا امان جو سوٽ چاچا محمد عرس ۽ امان بابا جو پڦاٽ چاچا عبيدالله پڻ استاد ھئا.
سائين محمد رحيم اسان ٻنهي ڀاءُ ڀيڻن کي جام ڀائيندو ھو.
ٻه ٽي ڏينھن اسڪول ويس، پر مزو نه پئي آيو. ھڪ تہ راند روند جي ڇوٽ ختم ٿي، ٻيو ته اسڪول ۾ ڇوڪريون ھيون ڪونہ، نه ڪا سھيلي، مزو ئي نه پئي آيو.
ٻن ٽن ڏينھن کان پوءِ منھنجو وڏو ماما، جيڪو به ساڳئي اسڪول ۾ استاد ھو، تنھن مونکي چيو ته سٺو آھي تہ تون گهر ۾ سبق پڙھي وٺندي ڪر، ھتي ڇوڪرا ھڪ ٻئي سان گاريون ڏئي ڳالهائيندا آھن.
مون کي ماما جي ڳالهه ڏاڍي وڻي. اُن ناسمجهيءٓ واري عمر ۾، ته سٺو لڳم، پر ھاڻي پڇتاءَ ٿئي ٿو ته ان ڳالهه کي ايتري اهميت نه ڏيڻي هئي!
گهر ايندي ئي ڏاڏي کي ٻڌايم ته ماما ھيئن چيو آهي. ڏاڏِي جيڪا ڄڻ صدين جي صابرين عورت ھئي، تنھن کڻي بس ڪئي. ڇوته اڳي رشتن کي نڀائڻ لاءِ ڳالهيون درگذر ڪبيون ھيون. سھپ جو مظاهرو ڪبو ھو.
اسان جون وڏڙيون تمام صابرين ھونديون ھيون. منھنجي ڏاڏي ۽ ناني نه ڪنھن جي گلا ڪنديون هيون، نه ڪنھن تي تبصرو ڪنديون هيون. انهن ماين کي رشتا نڀائڻ جو ڪمال جو ڏانءُ ھو.
خير، ائين آئون روز سبق ٻڌائي، سبق لکي ۽ صورتخطي لکي، پوءِ پئي کيڏندي ھيس.
آئون ننڍي ھوندي اڪثر گُِڏين راند کيڏندي ھيس. گڏين جي شادي ڏاج ڏئي ڪندي ھيس، پر جيڪڏهن ھو منھنجي گُڏيءَ کي نوان ڪپڙا نه پارائيندا ھئا ته آئون ڪاوڙجي پنھنجي گُڏي واپس وٺي ڇڏيندي ھيس.
ان ننڍڙيءَ عمر ۾ به ڇوڪريون اھو سمجهنديون آهن ته جيڪڏهن سندن گُڏُي سُکي ناھي ته پوءِ اھو رشتو ختم ڪجي، پر اصل زندگيءَ ۾ ان جي ابتڙ پيون رشتا پيون گِھلينديون آھن. ڪڏھن سماج جي ڊپ کان ته ڪڏھن وري ڪن ٻين مجبورين جي ڪري.
منھنجو ٽئين ڪلاس جو امتحان وٺڻ سائين محمد رحيم جنجهي گھر آيو هو. ٻيا سوال ته مون کي ياد ناھن، پر ھڪڙي سوال جي جواب تي سڀ گهر ڀاتي ڏاڍو کليا ھئا. ھن پڇيو ھو ته پنھنجو تپو ڪھڙو آھي؟
مون ٺھ پھ جواب ڏنو ھو تہ قائداعظم. ان تي استاد سميت سڀني گهر ڀاتين کان ٽھڪ نڪري ويو ھو!
مون جڏهن پنجون پاس ڪيو (جيڪو مون کي گهر ۾ ئي ڪڏهن ڏاڏِي سانئڻ ڪڏھن وڏي ڀاءُ سجاد پڙھايو ھو) ته ڏاڏِي منھنجي پڙھائيءٓ لاءِ ڪافي فڪرمند ھئي. ھن ھاء اسڪول جنجهي جي ھڪ استاد سائين نعمت الله، جيڪو رشتي ۾ سندس ڀاڻيجو به ھو، ان کي گهرائي، صلاح مشورو ڪيو ته بختاور کي پڙھائڻو آھي. جيڪڏھن اوھان مان ڪو استاد گهر اچي کيس پڙھائي ته ڏاڍو سٺو. نه ته ھن کي اسڪول موڪليان.
سائين نعمت الله ڏاڏيءٓ کي ورڻايو ھو، ماسي! اسڪول جي پڙھائي جھڙي پڙھائي گهر ۾ ممڪن ناھي، تنھنڪري بختاور کي اسڪول موڪليو. ھوءٓ اسانجي نياڻي آهي، اسان سڀ سندس خيال رکنداسين.
ائين مون ڇھين ڪلاس کان باقاعدي اسڪول وڃڻ شروع ڪيو.
ھڪڙو ملان استاد جيڪو منھنجو مائٽ به ھو، اسانکي عربي پڙھائيندو ھو. ڪلاس ۾ ايندي ئي منھن ڦٽائي، ڪرسي کڻي ڪلاس روم جي دروازي تي رکرائي، مونکي ذري گھٽ پٺي ڏئي ويھندو ھو. نہ منھنجي ڪاپي چيڪ ڪندو ھو، نه مون کان سبق پڇندو هو!
آئون ڏھن سالن جي عمر ۾ اھو رويو سمجهي نہ سگهي ھيس ته منھنجو ڏوھ ڪھڙو آھي؟
پر جڏهن سمجهه آيم ته ھي ھن مرداڻي سماج جو اھو ھڪ ردعمل ھيو ته ھڪ ڇوڪري ڇوڪرن جي اسڪول ۾ ڇو پئي پڙھي؟
سا به وري ھڪ ڪميونسٽ جي ڌيءُ. پر مون ان کي ڪڏھن ذھن تي نه آندو
ٻيا استاد گهڻي ڀاڱي خيال رکندا ۽ ڀائيندا ھئا. ڪي مائٽ ھئا، ڪي وري صرف ڳوٺائي. ٻيو ته اھو اسڪول ئي منھنجي ڏاڏا سائين، محمد سچل جنجهي ڪوششون ڪري کولرايو ھو. (جيڪو ھيئنر ڏاڏا سائين جي نالي سان منسوب آھي.)
تنھن ڪري سڀئي لحاظ ڪندا هئا.
ھڪ اڌ ٻئي بنا ڏاڙھي واري ملان استاد به بڪواس ڪئي ھئي ته ھي ڪامريڊ بيغيرت آھن، نياڻي کي ڇوڪرن سان گڏ پيا پڙھائين.
ڳوٺ ۾ ھينئر تائين گرلز هاءِ اسڪول منظور ٿي نہ سگهيو آهي.
خير اھو فرق ته گهڻو اڳ ختم تي چڪو ھو ته ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا گڏ نه پڙھن.
مون ۽ منھنجن مائٽن اھڙين روين جي باوجود تعليم جاري رکي.
1988 ۾ اسان حيدرآباد لڏي آياسين. باقي تعليمي سفر مون ھتي جاري رکيو.

Good luck
میں بھی چھٹی جماعت سے میٹرک تک سچل جنجھی میں پڑھا ہوں ۔
آپ ہمارے علاقے کے وہ فرد ہیں جنہوں نے اس پسماندہ علاقے میں علم کی شمع روشن کی آپ کو دیکھا تو نہیں ہے لیکن جب بھی آپ کی فیملی کی بات سُنتا ہوں تو بہت خوشی ہوتی ہے اور فخر محسوس کرتا ہوں کہ میں اس فیملی کا رکن ہوں ۔