Homeادبڪالمدل جي ڊائري

دل جي ڊائري

Coffee with Elsa…

شام جي اُونداهي آهستي آهستي گهر جي ڪُنڊن ۾ لھندي پئي وئي ۽ وقت ڄڻ ٿڪجي ويھي رهيو هو. اوچتو ڊور بيل وڳي…. نه تمام تيز نه بلڪل هلڪي، پر اهڙي انداز ۾ جيئن ڪنھن سَڏ ۾ سڃاڻپ لِڪل هجي…
اُن پل منھنجي دل عجيب نموني ڌڙڪڻ لڳي، هڪ اڻ ڄاتل ڇِڪ مون کي پاڻ دروازي ڏانھن وٺي وئي.
قدم هلڪا به هئا ۽ ڳورا به… جھڙوڪ ڪنھن خواب ۾ پيو هلجي، جتي سڀ ڪجھ سچ به لڳي ۽ وهم به…
مون پڇيو، ڪير؟
پريان خاموشي… ايتري گھري خاموشي جو پنھنجو ساھ به ٻڌڻ ۾ اچي، پر اُن خاموشيءَ ۾ به هڪ آواز هو، دل جو آواز… جيڪو چئي رهيو هو ته دروازو کول…
جڏهن مون ڪُنڍي ڦيرائي، دروازو آهستي کُليو ته وقت هڪ پل لاءِ بيھي رهيو. منھنجي سامھون ايلسا بيٺي هئي پر اهو رڳو سامهون بيھڻ نه هو، اهو ڄڻ ڪنھن ڪتابي ڪٿا جو اوچتو کُلي وڃڻ هو، جنھن جا صفحا مون ڪڏهن پڙهيا ئي نه هئا.
مون کي ايئن لڳو ڄڻ هُن جي اچڻ کان اڳ ئي منھنجي اندر هُن جي موجودگي موجود هئي.
اهو ڇا هو؟
ڇا اُها ماءُ جي دل جي اها پوشيده سگهه هئي، جيڪا فاصلي ۽ وقت کان اڳتي ڏسي سگهي ٿي؟
يا محبت جو اهو جادو جيڪو اچڻ کان اڳ ئي احساس بڻجي وڃي ٿو؟
يا شايد اهو ڪو اهڙو لمحو هو جتي حقيقت ۽ احساس هڪ ٻئي ۾ ڳري وڃن ٿا ۽ انسان رڳو محسوس ڪري سگهي ٿو، سمجهي نٿو سگهي…
اڄ کان ڏيڍ مھينو اڳ ايلسا اوچتو اُڏامي اچي منھنجي گهر ۽ منھنجي دل جي اڱڻ تي لٿي هئي… هوءَ مونکي سرپرائيز ڏيڻ لاءِ بنا ڪنھن آهٽ جي، بنا ڪنھن سَڏ پَڙاڏي جي، بنا ڪُجهه ٻُڌائڻ جي اوچتو سامھون اچي بيٺي هئي ۽ آئون اُن اوچتي ۽ مختصر وقت ۾ حيرت جي هڪ ڊگهي لمحي ۾ فريز ٿي ويئي هيس… ٿوري دير لاءِ مون کي پنھنجي ذهن ۽ اکين تي به شڪُ ٿيو هو، پر آئون مسلسل حيرت مان کيس تڪيندي ئي رهي هيس ۽ هوءَ مٺڙي شرارت ۽ پيار ڀري مُرڪ سان مون ڏانھن ڏسندي رهي هئي، پر جيسيتائين ڀاڪر نه ڀريائين، تيستائين آئون ڪنھن ڀٿر جيان خاموش بيٺي رهيس. ڪٿي رهي اٽلي ۽ ڪٿي رهيو لاڙڪاڻو؟؟؟ منھنجي وهم ۽ گُمان ۾ به نه هو ته هوءَ اٽليءَ مان اھڙي طرح بنا ٻُڌائي اڪيلي سنڌ اچي سگهي ٿي… ڌيئر ايئن ئي هونديون آهن. توهان کين ياد ڪندئو، توهان کي انهن جي ضرورت هوندي ته هُو دُنيا جي ڪنھن به ڪُنڊ ۾ هونديون، پَکين جيان اُڏامي اچي توھان جي دل جي آڳر تي لھنديون..
ان ڏيڍ مھيني ۾ اسان ڄڻ وقت جي گلن سان ڀريل ٿالهه مان مُٺ ڀَري هڪ پوري زندگي کڻي پنھنجي ساهن ۾ ڀري ڇڏي هئي… ايلسا پنھنجي پسند جون سڀ فلمون مونکي ڏيکاريون، اسان جي پسند اڪثر هارر موويز رهيون آهن جو ننڍي ھوندي آئون DVD تي پنھنجن ٻارن کي اڪثر انگلش هارر موويز يا
Harry Potter,
The Chronicles of Narnia,
Shrek
Hulk
Baby’s day out
جھڙيون موويز ڏيکاريندي هيس… پر جيئن ته هاڻي اسان سڀ وڏا ٿي ويا آهيون، انڪري هن دفعي اسان گهڻيون Romantic فلمون ڏٺيونسين… ان سان گڏ پنجابي ميوزڪ جي مڌرتا منھنجي رُوح ۾ اوتيائين، جنھن جي هوءَ ديواني آهي، آن لائين شاپنگ ڪرايائين، مونکي منھنجي پسند جون شيون گُهرائي ڏنائين ۽ اسان ڊگهي واڪ ۾ رستا نه پر يادون ماپيونسين….
مون به کيس پنھنجي دنيا جا سڀ رنگ ڏنا، سندس پسند جا کاڌا پچائي کارايا، ڳيريلو ۽ سکر جا منظر ڏيکاري پنھنجي ماضيءَ سان ملايو، بازارن جي رونق پَسائي ۽ سڀ کان وڌيڪ سندس اکين ۾ نوان خواب پوکيا، جيڪي هاڻي منھنجي اکين کان وڌيڪ سندس دل سان ڳنڍجي ويا آهن…
الائي ڇو، اسان جي سنڌ جو روايتي مرد ۽ نيم مذهبي ذهن اڃا تائين هن سادي سچ کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ٿي سگهيو ته سڀاڻي جي سُونھن، سُڃاڻپ ۽ سچائيءَ جو سڀ کان حَسين چھرو اسان جون ڌيئر ئي آهن…
اهي ئي ته آهن جيڪي وقت جي آسمان تي سوچ جا نوان چنڊ اُڀارينديون،
اهي ئي ته آهن جيڪي شعور جي سج سان اوندھ کي اُجاري ڇڏينديون،
اهي ئي ته آهن جيڪي انساني سڃاڻپ جي اهڙي سونھن بڻجنديون،
جيڪا نوَن نسلن جي تاريخ کي روشنيءَ سان لکي ڇڏيندي…
آئون پنھنجي ڌيءُ جي آئيني ۾ پاڻ کي ئي ڏسان ٿي!
منھنجيون اڻپوريون خواهشون هاڻي هُن جي سيني ۾ ساھ کڻن ٿيون.
جيڪي خواب، وقت منھنجي اکين کان کسيا هئا، هاڻي ايلسا جي اکين ۾ نئون آسمان ماپي رهيا آهن…
هوءَ رڳو منھنجي ڌيءَ ناهي،
هوءَ منھنجي اندر جي اڌوري ڪھاڻيءَ جو مڪمل باب آهي.
آئون هن کي ڏسندي آهيان ته لڳندو آهي ته زندگي مون کان جيڪو کسيو هو، ساڳيو سڀ ڪُجهه هُن جي صُورت ۾ مون کي موٽي ملي رهيو آهي..
ڌيءُ جڏهن آهستي آهستي وقت جي وڻ وانگر وڌندي آهي ته هڪ ڏينھن اوچتو احساس ٿيندو آهي ته هوءَ رڳو ڌيءُ ناهي رهي، پر هُوءَ ماءُ جي وجود جيان گَھِري ۽ گهاٽي بڻجي بيٺي آهي.
ايلسا به هاڻي منھنجي ماءُ ٿي وئي آهي. ڪڏھن ڪڏھن اهڙيون نصيحتون ڪندي آهي جو آئون بي اختيار مُرڪي پوندي آهيان. کيس هر وقت منھنجو اونو رهي ٿو.
هوءَ منھنجي دل جي ٿَڪَ کي اکين سان پڙهي وٺندي آهي ۽ بنا ڪجهه چوَڻ جي منھنجي ڀرسان ويھي رهندي آهي، بلڪل اُن ماءُ وانگر جيڪا لفظن کان سواءِ به سڀ ڪُجهه سمجهي ويندي آهي..
هوءَ مون کي ياد ڏياريندي آهي ته هاڻي لکڻ پڙهڻ بند ڪري آرام ڪريان،
وقت تي ماني کاوان، روزانو واڪ ڪريان، ميوزڪ ضرور ٻڌان، پاڻ کي اجايو وساري نه ويھان… هُن کي منھنجي خوبين ۽ خامين سڀني جي خبر آهي. پنھنجي ڌيءُ جي اندر لڪل ماءُ جي اها صورت ڏسي دل ۾ هڪ عجيب سُڪون محسوس ٿيندو آهي ڄڻ وقت پنھنجو دائرو مڪمل ڪري ورتو هجي…
هن دفعي چيائين آر- ٽي ڪيفي تي توهان ۽ مان اڪيلا ٿا هلون ۽ ڪافي پي Coffee with Karan ٿا ڪريون. ٻيو ڪنھن کي به نه ٿا وٺي هلون، بس صرف اسان ٻه ۽ دل جون طويل بي رحم سچيون ڳالهيون…..
ايلسا ۾ مون کي پنھنجي ماءُ جون سڀ خوبيون نظر اچن ٿيون، بي لوث پيار، بنا شرط خيال ۽ اهڙي محبت جيڪا لفظن کان مٿي هجي ۽ تڏهن محسوس ٿيندو آهي ته ڌيئرون رڳو نسلن جو تسلسل ناهن پر محبت جي اُن دائري جو مڪمل ٿيڻ آهن جتي ڌيءُ، ماءُ بڻجي پنھنجي ماءُ کي وري نئين سر جنم ڏئي ٿي…
اڄ هوءَ ٻيھر اٽلي ڏانھن موٽي ويئي… وڃڻ کان اڳ ڀاڪر پائي لاڏ مان چيائين: “جڏهن به مونکي ياد ڪندئو، آئون اوهان جي سامهون بيٺي هونديس پر هاڻي اچڻ جو وارو توهان جو آهي…”
هوءَ هلي ويئي پر سندس وڃڻ ڪوئي خالي پڻو ناهي ڇڏيو، جو منھنجي ڪمري ۾ سندس ٽھڪن جا پڙاڏا اڃا به گُونجي رهيا آهن، منھنجي ڀر ۾ سندس موجودگي اڃا به تازي آهي ۽ منھنجي دل ۾ هوءَ اڃا به مُسلسل ڌڙڪي رهي آهي… ۽ آئون اڃا تائين اُن هڪ پل ۾ فريز ٿيل آهيان جڏهن هوءَ اوچتو منھنجي سامهون اچي بيٺي هئي.!!!

3 COMMENTS

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا