هاڻي 3D جو دور شايد پوئتي رهجي ويو آهي، ايندڙ دور DX يا اڃا به اڳتي 4DX جو آهي، جتي فلم رڳو ڏسبي نه پر محسوس به ڪبي ۽ توهان پاڻ ان فلم جا ڪردار ٿي ويندا…! 4DX ٽيڪنالاجي تحت سئنيما اندر فلم ڏسندڙ پنھنجي سيٽ تي ويٺل رڳو تماشائي نه رهندو، پر پاڻ به ڪھاڻيءَ جي منظر جو حصو بڻجي ويندو.
اڄ تائين اسان فلم کي سامھون لڳل هڪ اسڪرين تي ڏٺو آهي، پر هن ٽيڪنالاجي واري سئنيما اهڙي آهي جتي رڳو سامھون نه پر چوڌاري يعني چئني پاسن کان توڙي مٿان ۽ هيٺان اسڪرين آهي، ڄڻ ڏسندڙ پاڻ ان فلم ۾ اندر موجود آهي.
سوچيو! اوهان فلم ڏسي رهيا آهيو ۽ مِينھَن جون ڦُڙيون اسڪرين ٽپي اوهان جي مٿان وسڻ لڳن… ڄڻ سڄو آسمان اوهان جي مٿان جُهڙ ڦُڙ لايو بيٺو هجي.
اوهان جي پسند جا ڪردار فلم جي اندر نه پر اوهان جي ڀرسان کان گذرڻ لڳن، ايترا ويجها جو اوهان کي سندن قدمن جي آهٽ پنھنجي دل جي ڌڙڪڻ سان گڏ ٻڌڻ ۾ اچي.
اوهان جو پسنديده راڳي اوهان جي سامھون بيھي، ديپڪ راڳ ڳائي رهيو هجي ۽ توهان جي آس پاس رکيل ڏيئا هڪدم ٻري پَون.
مٿي آسمان تي ڪو پکي اُڏامي ته اُن جو پاڇو اوهان جي مٿي مٿان پوي ۽ ان جو کنڀُ اُڏامي اچي توهان جي جهوليءَ ۾ ڪري.
هوليءَ جو منظر فلم ۾ هجي، پر ان جا رنگ توهان جي مٿان هارجي اوهان کي رنگين بڻائي ڇڏين.
ڪو هوائي جھاز منظر م اڏامندو اچي، اوهان جي مٿان گذري ۽ ان جو آواز توڙي زوردار هوا اوهان کي اڏائڻ لڳي. فلم جي منظر ۾ سمنڊ ۾ تيز طوفان پيو اچي ۽ اهو طوفان اسڪرين ٽپي توهان جي پيرن ۽ ڪپڙن کي ڀڄائي وڃي.
منظر ۾ ڪمان منجهان نڪتل زوزاٽ ڪندڙ تير عين اوهان جي سر مٿان گذري وڃي ۽ اوهان خوف ۾ ڪنڌ جُهڪائي ڇڏيو، ته متان اسان کي لڳي.
بم ته فلم جي منظر ۾ ڌماڪي سان ڦاٽي ٿو، پر ان جو دونھون ۽ بارود جي بُوءِ اوهان کي پنھنجي چوڌاري حقيقت ۾ محسوس ٿئي.
اوچتو اوهان پاڻ کي ڪنھن گهاٽي جهنگ جي وچ ۾ بيٺل محسوس ڪريو، چوڌاري وڻ، جهنگلي جانور، پکي، پنن جي سٓر سٓر ۽ ڪنھن اڻ ڏٺل جانور جي پيرن جي هلڪي آهٽ… ۽ اوچتو هڪ شينھن گجگوڙ ڪندو بلڪل اوهان جي ڀر منجهان گذري وڃي.
فلم جي منظر م ڪا تيز رفتار ڪار کاٻڙ ساٻڙ رستي تان گذري رهي هجي، پر ان رستي جا جهاڪا اوهان کي ڪرسيءَ منجهان محسوس ٿين ۽ ڪار پاسي تي مُڙي ته اوهان جي سيٽ به مُڙي وڃي.
برفباري جو منظر هجي ته نه رڳو فلم ۾ پر اوهان جي مٿان به سِنوفال ٿيندي رهي ۽ اوهان جا ڪپڙا ۽ وارٓ برف ۾ ڍڪجي وڃن.
منظر ۾ وسيع ريگستان هجي، پر گرم هوا جا تيز جُهوٽا اوهان جي چھري کي ساڙي رهيا هجن ۽ وارِي توهان جي چھري تي پئجي رهي هجي.
باھ ته فلم جي منظر ۾ ٻري رهي ھجي، پر ان جي تپش اوهان کي پنھنجي جسم ۾ محسوس ٿي رهي ھجي.
منظر ۾ ڪو آبشار پھاڙ تان هيٺ ڪري رهيو آهي، پر پاڻيءَ جون بوندون اوهان کي ڀِڄائي رهيون آهن.
فلم جي منظر ۾ ڪو زلزلو هلي رهيو آهي، پر ان زلزلي جا جهٽڪا توهان محسوس ڪري رهيا آهيو ۽ توهان جي ڪرسي مسلسل ڌُڏي رهي آهي. ڪا تيز رفتار ٽرين منظر منجهان نڪري تيزيءَ سان اوهان جي ڀرسان گذري وڃي ۽ اوهان کان ڇرڪ نڪري وڃي…. ٽرين جي رفتار اوهان جا ڪپڙا ۽ وار اڏائي رهي هجي…… ته اهائي آهي 4DX ٽيڪنالاجي، جنھن ۾ اوهان رڳو فلم ڏسي نه رهيا آهيو پر پاڻ فلم ۾ داخل ٿي چڪا آهيو.
ويجهي مستقبل ۾ شايد سوال اهو نه هوندو ته “اوهان فلم ڪھڙي ڏسي رهيا آهيو؟” پر سوال اهو هوندو ته “اوهان ان فلم جي اندر ڪٿي موجود آهيو؟” يعني هاڻي ڄڻ فلم رڳو ڏسڻ وارو منظر نه رهندي، پر اوهان کي پنھنجي اندر موجودگيءَ جو احساس ڏياريندي. جنھن ڪري ايئن چئي سگهجي ٿو ته ٽيڪنالاجي جڏهن تخيل سان ڳنڍجي ٿي، تڏهن فلم هڪ فڪشن نه پر جيئري جاڳندي حقيقت بڻجڻ لڳي ٿي.
اها 4DX ٽيڪنالاجي آهي ڇا؟
2009 ۾ ڏکڻ ڪوريا جي هڪ سئنيماٽو ڪمپني نالي “CJ 4DPLEX” فلم ڏسندڙن لاءِ هڪ اهڙي ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي، جنھن ۾ اسڪرين رڳو سامھون نه پر چئني پاسي ۽ مٿان توڙي هيٺان به لڳل آهن. ان ۾ مختلف ٽيڪنالاجيز آهن. ڪن ۾ هيٺان يا مٿان اسڪرين ناهن، بس پاسن کان آهن.
سئنيما هال جي ٽيڪنالاجيڪل ارينجمينٽ:
1.سيٽون:- فل 4DX ٽيڪنالاجي تحت سئنيما ۾ خاص قسم جون سيٽون نصب ٿيل آهن، جيڪي فلم جي منظر سان هم آهنگ ٿي حرڪت ڪن ٿيون ۽ منظر جي مناسبت سان جسماني اثر پيدا ڪن ٿيون. سيٽون اڳتي پوئتي، ساڄي کاٻي ۽ هيٺ مٿي چرپر ڪن ٿيون.
2.هوا:- تيز رفتاري، اڏامڻ يا طوفان جي منظرن ۾ اوهان ڏانھن هوا اڇلائي ويندي آهي. منظر جي حساب سان اها هوا گرم توڙي ٿڌي به ٿي سگهي ٿي.
3. پاڻي:- برسات، آبشار يا پاڻيءَ وارن ٻين منظرن ۾ اوهان ڏانھن بوندن جي صورت ۾ پاڻيءَ جو اسپري ڪيو ويندو آهي.
4.برفباري:- برفاني طوفان، گليشيئر يا ٻين برفباري جي منظرن دوران اوهان ڏانھن Fog يا گج جو اسپري ڪيو ويندو آهي.
5.دونھون/ ڌُنڌُ:- جنگي منظرن ۾ هال ۾ تيز دونھون ڇڏيو ويندو آهي ۽ صبح يا ڪوهيڙي جي منظرن ۾ هلڪو ڌُنڌ پيدا ڪيو ويندو آهي.
6.روشني:- وِڄ يا ڌماڪن جي منظرن جي مناسبت سان تيز ۽ چمڪدار روشني پيدا ڪئي ويندي آهي.
7.جهٽڪا:- زلزلن، ڌماڪن، حادثن يا فائرنگ جي منظرن ۾ تيز آوازن جي مناسبت سان سيٽن کي جهٽڪا يا لوڏا ڏياريا ويندا آهن ۽ زمين ڌُڏڻ جو ماحول پيدا ڪيو ويندو آهي.
8.خوشبو/بوءِ:- باغيچن يا گلن جي منظرن جي مناسبت سان خوشبو ۽ ڌماڪن يا گولين جي منظرن جي مناسبت سان بارود جي بوءِ ڦھلائي ويندي آهي.
9.باھ:- فلم ۾ باھ جي منظرن دوران هال ۾ گرمائش ۽ تپش محسوس ڪرائي ويندي آهي.
مٿين کان سواءِ به منظرن جي مطابقت موجب مختلف جسماني اثر پيدا ڪرڻ لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو ويندو آهي.
مونکي ياد آهي، ڪجھ سال اڳ آئون پنھنجن ٻارن سان گڏ ڪراچيءَ جي ڪنھن سئنيما ۾ فلم ڏسڻ ويئي هيس. سئنيما جو نالو هاڻي يادگيريءَ جي ڪنھن بند دروازي پويان لڪي ويو آهي، فلم جو نالو به ذهن جي پردي تان ميسارجي ويو آهي، پر فلم ڏسڻ جو اهو عجيب تجربو اڃا تائين دل ۾ محفوظ آهي.
شايد اها 4DX ٽيڪنالاجي ئي هئي، شايد ان جھڙي ڪا ٻي دنيا هئي، پڪ سان نه ٿي چئي سگهان، پر ايترو ضرور ياد آهي ته اها فلم رڳو پردي تي نه هلي رهي هئي ڄڻ اسان جي چوڌاري هڪ ٻي ئي دنيا جنم وٺي رهي هئي. منظر بدلجندا هئا ته محسوس ٿيندو هو ڄڻ اسين به انھن منظرن جو حصو آهيون. هوا، حرڪت ۽ آواز سان گڏ سئنيما جي ڪرسي به ڄڻ ڪھاڻيءَ سان ساھ کڻي ۽ لُڏي رهي هئي ۽ رکي رکي پاڻيءَ جو ڦوهارو اسان جو چھرو ڀڄائي رهيو هو…
بيشڪ هي دور سائنسي ايجادن ۽ دريافتن سان گڏ فلمي دنيا ۾ پڻ ٽيڪنالاجي جي انقلاب جو دور آهي. ان ۾ اڃا ڪھڙا تجربا ٿيڻا آهن، اهو ته ايندڙ وقت ٻڌائيندو، پر هن وقت تائين 4DX ٽيڪنالاجي جو استعمال اسان کي حيرت ۾ وجهندڙ ۽ وائڙو ڪندڙ آهي.
شايد 4DX جو اصل ڪمال اسڪرينن، حرڪت ڪندڙ سيٽن، پاڻيءَ جي ڦوهارن، هوا، روشني، خوشبو يا ڌُنڌ ۾ ناهي… اصل ڪمال ته ان لمحي ۾ آهي، جڏهن انسان ڪجهه پلن لاءِ پنھنجي اصل دنيا وساري، هڪ اهڙي دنيا ۾ داخل ٿي وڃي ٿو، جيڪا حقيقت ۾ موجود نه هوندي آهي، پر ان جا احساس بلڪل حقيقي هوندا آهن، ۽ اسان تي هڪ حيران ڪندڙ دنيا جو دروازو کُلي ويندو آهي…
