ھن گذرندڙ سمي ۾
سھمجي ويل
ڌرتي/پرٿوي کي
پَسُن پکين کي
وڻن ٽڻن کي
جهنگلن کي
ندين کي
دلين مان موڪلائيندڙ
پريم کي
ماڻهن مان نڪرندڙ
ماڻهپي کي
۽
ڪوي محمود درويش جي ڪويتا کي –
” اسان جي ملڪ کي ٠٠٠
اسان جو ملڪ ھڪ نئين اتھاس جو شڪار٠٠
اسان جي ملڪ کي
۽ اھو آھي جنگ جو انام
انتظار ۽ باھ ۾ سڙي ڪري
مرڻ جي آزادي ٠
۽ اسان جو ملڪ سڀ کان وڌيڪ خوني راتين ۾
ھڪ زيور آھي، چمڪندو آھي دور کان ئي
دور جي ماڻهن لاء٠٠٠
جيسيتائين
اسان ماڻهن جو سوال آھي
اندر جي ماڻهن جو-
اسان پيا گهٽندا آھيون٠٠٠”
(عرب شاعر – محمود درويش)
جنگ …
بچائڻو آھي
انسان کي
انسان خلاف
جنگ کان –
ڪُک ۾
جنم وٺڻ لاء انتظار ڪندڙ
ايندڙ نسلَ
ھٿ جوڙي
پرارٿنا
ڪري رھيا آھن
جنگ جوٽيندڙ
انسانن/ملڪن کي –
“مھرباني ڪيو
اميد لفظ اڃا زندھ آھي
ان کي زندھ رھڻ ڏيو! ”

Aameen 🙏🌹🌹🌹🙏💐🌹🌹🌹