Homeدنياجنوني حاڪمن جي جنگي خواهشن جو ٻليدان بڻجندڙ عام ماڻهو

جنوني حاڪمن جي جنگي خواهشن جو ٻليدان بڻجندڙ عام ماڻهو

جنوني، چرين حڪمرانن جي هٻچ، انا ۽ مھم جوئيءَ جي نتيجي ۾ گهڻي ڀاڱي تاريخ عام انسانن جي رت ۾ رڱيل ملي ٿي. منگول سلطنت جو چنگيز خان، جرمني جو ايڊولف هٽلر، سوويت يونين جو جوزف اسٽالن، ڪمبوڊيا جو پول پاٽ، چين جو مائوزيڊونگ هجي يا اٽلي جو بنيتو موسوليني هجي، انهن توڙي انهن جھڙن ٻين حڪمرانن سياسي نظرين، مذهبي جنون، قومپرستي يا اقتدار جي بک سبب ڪروڙين ماڻهو مارائي، انسانيت سان مذاق ڪيا. ويجهي تاريخ ۾ آمريڪا بادشاه ٻين عالمي جنگ ۾ پنھنجن چار لک کن سپاه سميت لڳ ڀڳ ٽيهه لک کن ماڻهو مارايا، جن ۾ ڏهه لک جي لڳ ڀڳ جرمني ۽ اٽلي جا ماڻهو هئا. جڏهن ته ٻيو وڏو انگ جپان جي ماڻهن جو هو. جپان پاران هوائي ۾ موجود آمريڪي اڏي پرل هاربر تي ڪيل حملي کان پوءِ آمريڪا سڌيءَ ريت جنگ ۾ شامل ٿيو. ان کان اڳ آمريڪا جنگ ۾ سِڌو شامل نه پئي ٿيڻ چاهيو، ڇو ته کيس پھرين عالمي جنگ جو تلخ تجربو هو. ان ڪري انهن 1935 کان 1939 وچ ۾ چار ڀيرا غير جانبدار رهڻ لاءِ قانونسازي به ڪئي ته جيئن آمريڪا کي ٻاهرين تڪرارن خاص طور يورپ ۽ ايشيا ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ۾ ڦاسڻ کان روڪجي. پر جيئن چوندا آهن ته دهل وڄي ۽ دوسو بيھي، سو جنگ هجي ۽ آمريڪا چپ ڪري ويھي، کوڙو ئي نٿو لڳي. پھرين ته روڪ رقم تي هٿيار وڪرو ڪيائين، وري پنھنجن ساٿين برطانيا، چين ۽ پوءِ سوويت يونين کي وڏي مقدار ۾ هٿيار اڌار (لييز) تي ڏيڻ شروع ڪيائين. سندس اهڙو عمل ئي جنگ ۾ شامل ٿيڻ جو هڪڙو اهم موڙ چئي سگهجي ٿو. ھوڏانھن جاپان جي قديم مذهب شنٽو جي عقيدي موجب شهنشاه  نه رڳو انسان بلڪه هڪ زنده ديوتا سمجهيو ويندو هو، سو سندن اڌمغزي ديوتا شهنشاه هيروهيٽو به پنھنجيءَ شهنشاهي وڌائڻ لاءِ اوڀر ايشيا ۾ چائنا جو ڪجهه حصو، ڪوريا ۽ هانگ ڪانگ تي قبضو ڪرڻ کان پوءِ ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ ٿائيلنڊ، ميانمار، ڪمبوڊيا، لائوس، ملائيشيا، سنگاپور، انڊونيشيا، ويتنام ۽ فلپائين تي به قبضو ڪيو. نه فقط ايترو پر ھيڏانھن ڏکڻ ايشيا ۾ انڊيا جي انڊمان ۽ نڪوبار بيٽ ته ھوڏانھن پاپوا نيو گني، پئسفڪ ۾ آمريڪا جي ننڍڙن پر تمام اهم گوام ۽ ويڪ ٻيٽن سان گڏ سولومون ٻيٽن تي به قبضو ڪيائين. سندن ويڙهاڪن باه ٻاري ڏني. هنن جي ڪاميڪازي جھڙين خطرناڪ جنگي اڳڀراين عملين دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو. اڄوڪي بنا پائيلٽ جي خودڪش بمبار جھازن (ڊرونز) جو تصور به بنيادي طور جپان ئي ڏنو هو، جنھن ۾ سندن پائليٽ تيل ۽ بارود سان ڀريل جھاز دشمن جي جديد ٻيڙن سان ٽڪرائي، کين تباه ڪندا ها. اهڙن جھازن کي ڪاميڪازي سڏيو ويندو هو. جپاني ٻوليءَ ۾ ‘ڪاميڪازي’ جو مطلب ‘مقدس هوا’ آهي ۽ اهو نالو تيرهين صدي ۾ ٿيل واقعي مان کنيل هو. تيرهين صديءَ ۾ چنگيز خان جي پوٽي قبلائي خان جا جپان تي ڪيل ٻه تمام وڏا حملا سامونڊي طوفانن جي ڪري ناڪام ٿيا، تنھن کان پوءِ جپاني قوم جو اهو خيال بنھ پختو ٿي ويو ته انهن ٻنهي سامونڊي طوفانن لاءِ اها ‘مقدس هوا’ اسان جي ديوتائن موڪلي هئي.   

 بهرحال پرل هاربر تي حملي کان پوءِ آمريڪا جاپان جي جزيري اوڪيناوا تي قبضي ڪرڻ لاءِ تيرهن لکن کان مٿي جاپاني فوجي ماريا. ٽوڪيو سميت ٻين وڏن شھرن تي بمن جان مينھن وسائي، ٽي چار لک ماڻهو مارڻ کان پوءِ به سندس دل تي ڇنڊو نه پيو. نيٺ ناگاساڪي ۽ هيروشيما تي ائٽم بم ڪيرائي، ٻنهي شھرن سميت ٻن لکن کان وڌيڪ ماڻهن کي ابدي ننڊ سمھاريو ويو. ٻين عالمي جنگ کان پوءِ آمريڪا جي ويٽنام سان ويھ سال کن جنگ هلي، جنھن ۾ هڪ اندازي موجب  ٽيهن لکن کان وڌيڪ ماڻهو مئا. اهڙيءَ ريت ڪوريا جي جنگ ۾ به آمريڪا جو دفاع لاءِ فوجي قوت ۽ سياسي رٿابنديءَ ۾ مکيه ڪردار هو. جيتوڻيڪ اها بنيادي طور گڏيل قومن جي هڪ اجتماعي ڪاروائي هئي، پر نوي سيڪڙو فوج ۽ فنڊنگ توڙي سامان آمريڪا بادشاه جو هو ۽ هن جنگ ۾ به لڳ ڀڳ ٽيهارو لک کن ماڻهو مئا.  ان کان پوءِ نام نهاد دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ افغانستان، عراق، شام ۽ يمن ۾ به هڪ اندازي موجب ڏھ لک ماڻهو ماريا ويا.  آمريڪا بادشاه ڪڏهن ڪميون ازم  کي اوراٽڻ، ته ڪڏهن ائٽمي هٿيارن جي ڦهلاءَ کي روڪڻ ته ڪڏهن دهشتگرديءَ خلاف جنگ ته ڪڏهن نظام حڪومت جي تبديلي (رجيم چينج) جي بيانيي هيٺ الائي ته ڪيترن ملڪن تي جنگيون مڙهي، لکين بي گناه ماڻهو مارايا آهن. حڪومتن جي تبديليءَ لاءِ ايران تي مڙهيل جنگ ڪا پھرين ناهي. ان کان اڳ  ڪيوبا تي 1933، ايران تي 1953، گئاتيمالا تي 1954، سائوٿ ويٽنام تي 1963، برازيل تي 1964، چلي تي 1973، افغانستان تي 2001، ايراق تي 2003، هيٽي تي 2004 ۽ لبيا  تي 2011 ۾ آمريڪا پاران جنگيون مڙهيون ويون  آهن. ان حوالي سان ايران تي حڪومتي نظام جي تبديليءَ (رجيم چينج) نالي هيءَ ٻي جنگ آهي. اڃا ته زميني ويڙه شروع ئي ناهي ٿي، تڏهن به هن سڄي خطي ۾ چار هزارن کان مٿي ماڻهو اجل جو شڪار ۽ لاتعداد زخمي ٿي چڪا آهن.

آمريڪا پنھنجن مفادن پويان هن رجيم چينج  گيم تحت انهن سڀني ملڪن ۾ طاقت ۾  توازن جي بگاڙ کان ويندي سياسي، سماجي ۽ معاشي ڍانچي کي شديد نقصان رسايو آهي. عراق، افغانستان، هيٽي ۽ لبيا اڃا تائين اِن آندل تباهيءَ جي اثرن مان نڪري ناهن سگهيا. آمريڪا هن هيڏي ويڙهاند ۾ هونءَ ته ڪٿي به پنھنجا پڌرا ڪيل مقصد ماڻي نه سگهيو آهي، البته ڦر لٽ جو مال خاص طور تيل ۽ ٻيا معدني وسيلا ضرور ڦٻايا آهن. تازو ايران تي مڙهيل جنگ به ان مھم جي ڪڙي ئي نظر اچي ٿي. جيتوڻيڪ هيل لڳي ٿو ته ايران ماضيءَ مان سبق پرائيندي، آمريڪا ۽ اسرائيل جون الرون سامهون رکندي، ڀرپور تياري سان گڏ، هڪ مربوط قسم جي جنگي حڪمت عملي به جوڙي آهي، جنھن ۾ اسرائيل کان سواءِ وچ اوڀر ۾ موجود آمريڪي اڏن تي حملا، هرموز لڪ بند ڪري دنيا کي تيل، گئس، يوريا ۽ ٻين شين جي رسد بند ڪرڻ سان گڏ پنهنجن اتحادين خاص طور لبنان ۾ موجود حزب الله، يمن جي حوثين ۽ عراق ۾ جنگجوئن جو وقت سر استعمال ڪرڻ جي حڪمت عملي شامل آهي. هن جنگ کي هڪ مھيني کان مٿي عرصو گذري چڪو آهي، پر آمريڪا ۽ اسرائيل کي تڪڙي ڪاميابي ملندي نظر نٿي اچي. البته آمريڪا پنھنجو ڳجهو مقصد يعني ايران ۾ موجود تيل ۽ گئس جي ذخيرن تي قابض ٿيڻ جي خواهش به لڪائي نه سگهيو آهي. ان ڪم لاءِ آمريڪا سڄي تياري ايران جي کرج ٻيٽ (جتان ايران جو نوي سيڪڙو تيل ۽ گئس نڪري ٿو) تي قبضي جي ڳالهه ڪري رهيو آهي. جيڪو جنگي ماهرن مطابق ٻيٽ جي ڏکئي زمينياتي هنڌ (جيولاجيڪل لوڪيشن) سبب تمام گهڻو مشڪل لڳي ٿو. جيڪڏهن اهو ٻيٽ ايران جي معيشت جو محور آهي ته پوءِ لازمي طور ايران ان ٻيٽ جي حفاظت جو بندوبست به اوترو ئي ڀرپور ڪيو هوندو.

جنوني حاڪمن جي جنگي خواهشن جو ٻليدان بڻجندڙ عام ماڻهو

بھرحال، اڳيان ڏسجي ته جنگ ڪھڙي صورت اختيار ڪري ٿي، پر تيستائين لڳ ڀڳ سموري دنيا هن جنگ جي معاشي چٽي پئي ڀريندي. پاڪستان ۾ اوگرا جي انگن اکرن مطابق هر مھيني اٺ سئو ٻٽيه ملين (832,000,000)  ليٽرس پيٽرول ۽ ڇهه سو ستر ملين (670,000,000) ليٽرس ڊيزل استعمال ٿئي ٿو. ان جو مطلب ته پنجونجاهه روپيا في ليٽر تي وڌڻ سان پاڪستاني عوام ٻياسي ارب ايڪهٺ ڪروڙ (82 ارب، 61 ڪروڙن) کان مٿي رقم سرڪار کي پيٽروليم ليوي جي مد ۾ مھيني اندر  سڌي چٽيءَ طور ادا ڪيا آهن. اڃا ته تيل جا اگهه وڌڻ سبب مهانگائي جي ڦهلاءَ جو ڪاٿو ڪرڻ ئي ممڪن نه آهي. هر مھيني جيڪڏهن ڪو ماڻهو موٽرسائيڪل ۾ چاليھ ليٽر ڀرائي ٿوته ان جو مطلب اهو آهي ته اهو ٻاويهه سئو روپيا ان جنگ جي چٽي ڀريندو. اهڙيءَ ريت جيڪو ماڻهو پنھنجي ننڍي مان ننڍي گاڏيءَ ۾ سئو ليٽر مھيني تي وجهرائي ٿو ته اهو ساڍا پنج هزار، جڏهن ته ڪمرشل جھڙوڪ وين وغيره مھيني ۾ ڇھ سئو ليٽر به استعمال ڪندي ته اٽڪل ٽيٽيه هزار اضافي ڀريندي ۽ ظاهر آهي ته اهي پئسا به گهمي ڦري عوام جي کيسي مان ئي نڪرندا. يورپين ڪميشن جي صدر اجلاس اندر پنھنجي تقرير ۾ ٻڌايو ته جنگ جي پھرين ڏهن ڏينھن ۾ ئي گئس جو اگهه پنجاه سيڪڙو ۽ تيل جو اگهه ستاويهه ه سيڪڙو چڙهڻ سبب هتان جي عوام ٽي بلين يوروز يعني پاڪستاني نوَ کرب، پنجهٺ اربن کان مٿي جنگ جي چٽي  ڀري آهي. ھوڏانھن آمريڪا جيتوڻيڪ تيل پيدا ڪندڙ وڏو ملڪ آهي، پر عالمي مارڪيٽ ۽ ايران تي مڙهيل جنگ سبب اتي به صورتحال خراب نظر ٿي چڪي آهي. آمريڪا ۾ تيل جي قيمت چار ڊالر في بيرل تي وڃي پھتي آهي، جيڪا جنگ کان اڳ لڳ ڀڳ ٽي ڊالر هئي. ٻين ملڪن جا به جيڪڏهن انگ اکر کڻي ڏسجن ته ذري گهٽ سڄي دنيا ڪجهه حاڪمن جي جنوني خواهشن جي چٽي ڀريندي نظر اچي ٿي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا