17 جنوري 1961 تي آفريڪي ملڪ ڪانگو ۾ ملڪ جي معزول ڪيل وزيراعظم ۽ آفريڪا جي عظيم رھنما پيٽرس لُممبا کي فائرنگ اسڪواڊ ذريعي قتل ڪيو ويو. سندس ويجها ساٿي مورس مپولو ۽ جوزف اوڪيٽو پڻ ساڻس گڏجي ماريا ويا. سندس انهيءَ قتل ۾ ان وقت جي فوجي حڪمرانن سان گڏ، آمريڪي سي آءِ اي ۽ بيلجيم جي حڪومت جو پڻ ھٿ ھو. انهيءَ ظالماڻي قتل جي ڇھن ڏهاڪن کان پوءِ، مارچ 2026ع ۾ برسلز جي هڪ عدالت پاران 93 سالن جي اڳوڻي بيلجيئم سفارتڪار ايٽين ڊيوگنان تي پيٽرس لُممبا جي قتل ۾ ملوث هجڻ جي الزام هيٺ ڪيس هلائڻ جو فيصلو ڏنو آھي. ڊيوگنان، انهيءَ ظالماڻي قتل ۾ ملوث ڏوھارين مان اڪيلو ماڻهو ھو جيڪو اڃا تائين حيات ھو. جيتوڻيڪ ڪيس جو نتيجو اڃا غير يقيني آهي، پر گهٽ ۾ گهٽ ايٽين ڊيوگنان جو ڪيس ھڪ تاريخي ڏوھہ ۽ اڳوڻي بيٺڪي راڄن مٿان سندن ڪيل ڏوھن جي ذميواريءَ جو سوال اٿاري ٿو.
پيٽرس لُممبا 1925ع ۾ ڪانگو جي ڪاسائي واري علائقي ۾ پيدا ٿيو. ھيرن ۽ سونَ سان گڏ ٻين قيمتي معدنيات سان شاھوڪار ھن ملڪ تي بيلجيئم جي بادشاھ ليوپولڊ ٻئي جو ذاتي راڄ ھو. لُممبا هڪ اهڙي ملڪ ۾ وڏو ٿيو، جيڪو بيٺڪي ڦرلٽ، جبري پورھيي، نسلي نفرت، تشدد ۽ ناانصافيءَ جو شڪار هو. غلامي ۽ ظلم جي انهن شروعاتي تجربن سندس سياسي شعور کي اڀاريو، جيڪو اڳتي هلي آزاديءَ جي لاءِ سندس جدوجھد جو بنياد بڻيا.
1950ع واري ڏهاڪي جي آخر تائين، لُممبا ڪانگو جي آزاديءَ واري تحريڪ جي مقبول اڳواڻ ۽ ھڪ بااثر مقرر طور اڀري چڪو هو. انهيءَ سان گڏ ھُو سڄي آفريقي اتحاد ۽ خودمختياريءَ واري جدوجھد جو پڻ هڪ اهم آواز ھو.
تمام وڏي جدوجھد ۽ ويڙھ کانپوءِ 30 جون 1960ع تي ڪانگو کي بيلجيئم کان آزادي ملي. انهيءَ سال ڪانگو ۾ ٿيل چونڊن ۾ کٽڻ کان پوءِ لُممبا وزيراعظم ٿيو. پر ان وقت ڪانگو، آمريڪا ۽ روس ۾ ھلندڙ سرد جنگ جو ميدان بڻيل ھو. لُممبا کي ھڪ ڪمونيسٽ طور ڏٺو ويو ۽ اٿندي ئي سندس خلاف سازشون شروع ٿي ويون.
لُمُمبا جو تختو جوزف ڊيزائري موبوتو جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ فوجي بغاوت ذريعي اونڌو ڪيو ويو. فرار ٿيڻ جي ڪوشش دوران گرفتار ٿيڻ کان پوءِ ، کيس تشدد ڪري قتل ڪيو ويو. موت کان پوءِ سندس لاش کي تيزاب ۾ ڳاريو ويو تہ جيئن سندس وجود جو ڪو نشان نہ رهي. سندس قتل ۾ ڪانگو جي فوجي جنتا سان گڏ بيلجيم جي حڪومت جا ايجنٽ بہ شامل ھئا. ڏهاڪن تائين، سندس باقيات مان بچي ويل واحد شيءِ سونَ جو هڪ ڏند هو، جيڪو آخرڪار 2022ع ۾ بيلجيئم پاران سندس گهرڀاتين کي واپس ڪيو ويو.
لُممبا ۽ شيخ اياز
لُمُمبا جو قتل ويھين صديءَ جي سڀ کان اهم سياسي قتلن مان منجهان ھو. سندس قتل سڄيءَ دنيا ۾ ھڪ صدمو طاري ڪري ڇڏيو. ڪيترن ئي ملڪن ۾ سندس قتل خلاف مظاھرا ٿيا. شاعرن کيس خراج پيش ڪيو. پاڪستان ۾ تنھن وقت جي کاٻيءَ ڌر جي پارٽين ۽ خاص طور شاگردن لُمُمبا جي بيرحماڻي قتل خلاف ملڪ جي وڏن شھرن ۾ مظاھرا ڪيا. تنھن وقت جي مشھور شاگرد اڳواڻ طارق علي پنھنجي ڪتاب “اسٽريٽ فائيٽنگ يِئرس” ۾ انھن مظاھرن جو تفصيلي ذڪر ڪيو آھي.
شيخ اياز اھو شاعر ھو، جنھن وٽ دنيا ۾ ٿيندڙ ھر ظلم ڄڻ ھُن تي ٿيندڙ ھو. اياز پڻ پنھنجي ڪتاب ”ڪپر ٿو ڪُن ڪري“ ۾ لُمُمبا جو ديس جي عنوان سان اٺ بيت لکيا، جنھن ۾ ھُن لُمُمبا کي پنھنجو ڀاءُ سڏيو ۽ سندس موت تي پنھنجي پيڙا جو اظھار ڪندي، کيس اھو محسوس ٿيو تہ ڄڻ لُممبا جي پرڻ ٿيل جسم مان رت ھُو نہ فقط محسوس ڪري سگهي ٿو، پر ان جي تڪليف کي بہ ڀوڳي سگهي ٿو.
آنءُ لُممبا آهيان، ءِ ٻيو منھنجو ڀاءُ،
آهي جنھن جي پِيڙ جو مون ۾ اڄ پڙلاءُ،
گُهوري هن جو گهاءُ، مون مان رت چڪي پيو.

ان سان گڏ اياز دنيا جي مظلومن سان پنھنجي يڪجھتيءَ جو اظھار ڪيو. بقول اياز جي، ڇاڪاڻ ته سندس شاعري پنھنجي ملڪ ۾ زندانن کي لوڏي ٿي، ھُو انهيءَ ڪري لُممبا جي ڪانگو ۾ ٿيل قتل تي بہ دانھن ڪري ٿو.
اڄ هي منھنجو گيت، جو ڌوڏي ٿو زندان،
ڪانگو جو ارمان، ان لئہ ناهي اوپرو.
ساڳيءَ ريت اياز پاڻ کي بہ لُممبا وانگر ئي سمجهي ٿو، جنھن کي پنھنجي جان جي پرواھ ناھي. ھُو انھن ڪانئر دشمنن کي بہ للڪاري ٿو.
آنءُ لُممبا آهيان، سوريءَ مٿي سچ!
ڀڄي مون کان بچ، توکي سانگو ساهه جو!
پر اياز لُممبا جي موت تي رڳو سکڻي ڏک جو اظھار نہ ٿو ڪري. اياز وٽ اھو تصور آھي تہ پنھنجي ملڪ ۾ مظلومن سان گڏجي نہ بيھڻ ۽ رڳو ٻاھرين ملڪن ۾ ٿيل ظلم جي مذمت ڪرڻ ھڪڙي ادبي ۽ سياسي بدديانتي آھي. ڪراچيءَ جي هڪ اردو شاعر سان مخاطب ٿيل انھن بيتن ۾ ھُو انهيءَ منافقت کي نندي ٿو. اياز جي خيال ۾ ٻاھرين ملڪ ۾ ٿيل ظلم کي نندڻ ۾ انهن شاعرن کي ڪو ذاتي جوکو ناھي، جڏھن تہ پنھنجي ملڪ ۾ ٿيل ظلم کي نندڻ ۾ جيءَ جو جوکو آھي، جيڪو جوکو اُھي شاعر کڻڻ لاءِ تيار ناھن.
ڀاءُ مري ٿو ڀڪ ۾، توکي ناهي ديا،
لُممبا جي ديس تي، پر تو گيت چيا،
ڇو جو ناهي هيا، ان ۾ جوکو جيءَ جو!
اياز اھڙي منافقت واري مزاحمتي شاعريءَ کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناھي. ھُو اھڙي شاعري کي ڪوڙي شاعري ٿو چئي، جيڪا پنھنجي ديس جي دردن جي بدران رڳو پرائي ديس جي درد لاءِ آھي.
ڀر م پنھنجي ڀاءُ تي، ڇو نہ ڪيئي ڪھڪاءُ؟
ڪوڙي تنھنجي شاعري، هيا، تو نہ حياءُ!
ڪانگو جو سوداءُ، ڪراچيءَ ۾ ٿو ڪرين!
اياز چواڻي تہ پنھنجي ملڪ ۾ ڀلي ماڻهوءَ جو ماس پيو پٽجي، پر اھي منافق شاعر انهيءَ کي نظرانداز ڪري آفريڪا جو قياس ڪن ٿا. اھي شاعر پنھنجي ديس جي لاءِ پر رڳو ڪنھن ڏورانھين ديس لاءِ اداس آھن.
هتي ڀل تہ ڇني پيو، مِروُن ماڻهوءَ ماس،
آهي تنهنجي اوجهه ۾، آفريڪا جو قياس،
آهين ڇا نہ اداس، ڪنھن ڏورانهين ڏيھ لئه!
ھُو انھن شاعرن کي طعنو ڏيندي چئي ٿو تہ ڇاڪاڻ تہ لُممبا کي فائرنگ اسڪواڊ ۾ گوليون ھڻندڙ شومبي جي گولي کين پھچي نہ ٿي سگھي، تنھن ڪري ھُو اھڙي ظلم جي خلاف ڳالھائن ٿا، جڏھن تہ پنھنجي ملڪ ۾ اھڙي آواز اٿارڻ تي خطرو آھي.
ڪنھن ڏورانهين ڏيھ لئه ٻاجهاري ٻولي،
ڇو جو توکان دور آ، شومبي جي گولي؟
لُنءَ لُنءَ تو لولي، پيڙا ڪنھن پرڏيهه جي!
…
ٻول ٻڌائن ٻولڙيا، ساهه ڪري سانگو،
ويس ڪرين ڪھڙو به تون، نچين ٿو نانگو،
ڪوڙ ڀڄي ڪانگو، دک وساري ديس جا.
لُممبا تي لکيل اياز جا بيت نہ رڳو اياز جي بين الاقوامي مظلوم دوستيءَ جو اظھار آھن، پر اھي پنھنجي وطن سان بہ اھڙي سچائي سان بيھڻ جو وچن آھن. سندس انھن بيتن ۾ پنھنجي موقف تي ھر حال تي قائم رھڻ ۽ بنان ڪنھن نتيجي جي پرواھہ ڪرڻ جي مظلومن جو ساٿ ڏيڻ پڻ آھي.

اياز اڀياس کي گهرائي ۾ پسندڙ هڪ مختصر پر اهم ليک
اياز جو نئين رخ ۾ سھڻو اڀياس.