هڪڙي فقير کي چيم،’’خيرات سڀاڻي وٺجان !‘‘ فقير به يڪدم هڪڙو ڪارڊ ڏيندي چيو، ’’هينئر پئسا نه اٿئي ته آن لائين ڪري ڇڏجان!‘‘
تاريخ مان اها خبر اڃا نٿي پوي ته سڀ کان پھرئين پنڻ ڪنھن شروع ڪيو هو؟…. يا سڀ کان پھرين، ڪنھن ڪنھن کي پنايو هو؟… پر پنڻ تاريخ جو قديم آرٽ رهيو آهي. جيئن هڪڙي مصنوعي انڌي فقير کي پوليس پڪڙي وڌو…
پڇيائونس، ’’ڪوڙ جو انڌو ڇو ٿيو آهين؟‘‘
چيائين ،’’ سائين، اڄڪلهه روزگار لاءِ هر ڪو انڌو آهي !‘‘
فقيرن جا ايترا ته قسم آهن، جو ڳڻڻ ويھنداسين ته پِنائي ماريندا….
جيئن هڪ فقير ٻڌايو ته،’’آئون بلدياتي اليڪشن ۾ ڪائونسلريءَ لاءِ بيٺو هوس ۽ هارائي ويس…پر ماڻهن کان ووٽ ايترا پنياسين جو مون کي پنڻ سان محبت ٿي ويئي ۽ پوءِ مون پنھنجي دوستن کي به پنڻ جو دَرس ڏنو… ائين اسان فقيرن جي دنيا ۾ آياسين ته خبر پئي… مار، ماڻهو خوامخواهه بي روزگاريءَ جي ڪري خودڪشيون پيا ڪن… هتي ته مزا لڳا پيا آهن!‘‘
رستي تي بي روزگاري ختم ڪرڻ لاءِ ھڪڙو پينا فليڪس ڏٺوسين.
لکيل ھو،’’پنڻ جو ڪوچنگ سينٽر… ٽريني فقير… اسان وٽ ڇھه ڇھه ڪلاڪ پنڻ جو رياض ڪرايو ويندو آھي !‘‘
اسان جو دوست گُلڻ گَشائِي به اُتان جو پڙھيل آھي… اڄڪلھه ھڪڙي اين جِي او ھلائيندو آھي…کيس اھڙو فن آھي جو ڪنھن کان خيرات وٺندو پيو ته لڳندو ڄڻ خيرات ڏئي پيو !
جيئن ھڪڙي بورڊ تي لکيل هو،’’ غريب بچايو نيشنل پروگرام.‘‘
آفيسر کان پڇيم،’’توهان هيستائين ڪيترا غريب بچايا آهن؟‘‘
چيائين،’’في الحال ته اسان جي اسٽاف ۾ رڳو اسين غريب آهيون !‘‘
بيشڪ پنڻ ھڪ مشڪل آرٽ آھي، جنھن لاءِ توھان کي مٿي به کارائڻو پوي ٿو.
جيئن ھڪڙي فقير رستي ھلندي ھڪڙي مائيءَ کي چيو،‘‘اسان وٽ اسڪِيم پئي ھلي… صرف ڏھن رپين ۾ ڏھه سال وڏي ڄمار ملندئي!’’مائيءَ به پرس مان وڏو نوٽ ڪڍندي چيس،‘‘مونکي ڇڏ، منھنجيءَ سَسُ جا ڏھه سال گهٽ ڪرڻا آھن !‘‘
ھڪڙي ڏينھن اسان کي به هڪڙو فقير چنبڙي پيو…
چيومانس، ’’هيڏو سارو، ڏنڊو مٽو آهين… مزدوري ڇو نٿو ڪرين؟‘‘
چيائين،’’خيرات ڏيڻي اٿئي ته ڏي…باقي آءِ ايم ايف وارا شرط نه رک !‘‘
