(پرڏیھي سفرن جون ساروڻیون-۱)
ڪنھن اَڃاتل پارَ ڏانھن ڊگهي پنڌ تي نڪرڻ تہ ھر ڇنڇر آچر جي پرھ ڦُٽيءَ جو منھنجو معمول ھو، پر اڄ معمول کان مختلف ڏینھنُ ھو، جو ھڪ طرف سخت سيءُ ھو تہ مٿان وري مِینھنُ بہ ڀَریو بیٺو ھو. منھنجي رھائش واشنگٽن ۾ پوٽومڪ دریاھَ جي ڪناري تي آخري ۽ ورجینیا جي پھرئین اسٽاپ روزلن تي آھي ۽ واشنگٽن جو سڀ کا قدیم ۽ ڪلاسیڪل یورپي طرز جو پاڙو جارج ٽائون اسانجي گهر کان بس ڏھن منٽن جي پنڌَ تي آھي. پوٽومڪ دریاھ جي بس پُل ٽپبي آھي تہ سامهون جارج ٽائون ھوندو آھي، جنھن جي یونیورسٽي آمریڪا ۾ مشھور آھي. ان جي غیر معمولي طور حسین یونیورسٽيءَ جي عمارت مونکي بیحد وڻندي آھي. ان یونیورسٽيءَ جي پولیٽیڪل سائنس شعبي ۾ ڏکڻ ایشیائي سیاسي ۽ تاریخي موضوعن تي مون ڪافي ڀیرا ھڪ مھمان اسڪالر طور لیڪچر ڏنا آھن. ھي علائقو ان واقعي جي ڪري بہ مشھور آھي جو 25 ڊسمبر 1776ع تي جارج واشنگٽن پنھنجي فوج سان ھتان گذرندي ڊلاویئر ندي پار ڪئي ھئي. ان کان پوءِ ئي هن ٽرینٽن ۾ ۾ برطانوي حمايتي فوجن تي اوچتو حملو ڪيو ھو، جيڪو آمريڪي آزاديءَ جي جنگ ۾ هڪ اهم موڙ ثابت ٿيو. پر جارج ٽائون جو اھو پاڙو ان کان گهڻو اَڳُ 1751 ۾ جُڙیو ھو ۽ مونکي پھریون ڀیرو اھو ڪلاسیڪل تمدني پاڙو 2006 ۾ منھنجي دلبر ۽ ڏاھي دوست جاوید ڀُٽي گهر ھو. واشنگٽن ۾ تہ ڇا سڄي آمریڪا ۾ جاوید ڀُٽي جو اھو پسندیدہ پاڙو ھو. اسان اڪیچار ڀیرا اھو پاڙو گڏجي پنڌ گهميو آھي، جنھن ۾ منھنجو ھتي مون سان گڏ رھندڙ ۽ پنجین درجي ۾ پڙھندڙ پُٽُ عاطف بہ گڏ گڏ ھوندو آھي.
عاطف اڃا معمول موجب گهر سُتو ئي پیو ھو تہ مان پاڻ کي ویڙھي سیڙھي ڇَٽي کڻي پرھ ڦُٽيءَ جي ڊگهي پنڌ تي نڪري پیس. مان ڇنڇر آچر تي ائین ئي ڪندو آھیان، عاطف اسڪول مان موڪل سبب ٻارھین بجي تائین اُٿندو آھي ۽ مان تیستائین اچي ویندو آھیان. مان گهران نڪري پوٽومڪ پُل تان ئي گذري رھیو ھیس تہ مینھنُ اوڙڪندو اچي سڄي ماحول تي ڇانئجي ویو. مون کي ھونئن بہ ڏُکیا پنڌَ وڻندا آھن ۽ مون وٽ ڇَٽي بہ اٽليءَ جي ۽ ڪلاسیڪل ھئي, سٺیون ڇَٽیون ھونئن بہ گهڻو وڻندیون اٿم. جاوید ڀُٽو منهنجي انھن منفرد ۽ ڪلاسیڪل ڇَٽین جي شوق تي خوش ٿي کلندو ھو. ( آمریڪا مان واپسي تي ڏئي بہ ادي نسرین ترین ۽ کیس آیو ھیس). ھر ڀیري جیئن تہ ڊگهي پنڌَ لاء نئون گَسُ وٺندو ھیس، انڪري مون جارج ٽائون جي پوئین رستي وارو گس ورتو. جیئن ٿَي اڳتي وکون کنیم، تیئن ٿي مینھنَِ پنھنجي رفتار تیز ڪئي. سڄو جھانُ پُسي چڪو ھو رستا، جایون، مون وانگر واڪ تي نڪتل چند ماڻهو ۽ وَڻَ.
جڏھن جارج ٽائون یونیورسٽي ٽپي انجي پُٺین پاڙي ڏانھن ویس تہ مینھنُ اڃا تیز ٿیندو ویو. واشنگٽن جي جنوريءَ جي ٿَڌِ جو مینھنُ جنھن ڏٺو ھوندو، انکي ئي خبر ھوندي تہ ٿَڌِ ۽ مینھنَ جو میلاپ ڪھڙا قھَرَ ۽ ڪِیسَ ڪندو آھي. ھڪ ھنڌ وڃي ھڪ گهاٽي وَڻَ ھیٺان بیٺس تہ منھنجي کاٻي پاسي ھڪ وڏو راندین جو میدان ھو، جیڪو سخت مینھنَ ۽ پرھ ڦُٽيءَ سبب خالي ھو ۽ سامھون ساڄي پاسي گهر ھئا. مان ھونئن بہ ڪنھن چڱي جاءِ تي بیھڻ جي ڳولا ۾ ھیس، پر جنھن ڳالهه مونکي ھتي بیھڻ تي اصل بيوس ڪري ڇڏیو، اُھو ساڄي پاسي کان گهر جي بالڪنيءَ مان ایندڙ وائلن جو اصل اندر ۾ وَڍَ وجھندڙ آواز ھو. منھنجي پویان ھڪ گهر جي دري ھئي، جنھن جي شیشي پویان ھڪ گهریلو سائي ٻلي نیرا تارا ٽمڪایو وڏي مزي ۾ ویٺي ھئي. مون رُڳو ھڪ نظر پوئتي مُڙي اُنَ پیاري ٻليءَ جي اطمینانَ تي وڌي ۽ سِڌو ٿي بیٺس، جو گهر جا مالڪ ائین اندر گهورڻ کي سٺو نہ سمجهندا آھن ۽ وري جي اُھا گهر اندر پالیل ٻليءَ تي ھجي تہ اھا ھراسمینٽ سمجهبي.
منھنجو سڄو ڌیانُ اولھ جي سُرندي یعني وائلن جي مسحور ڪندڙ آواز تي ھو، جیڪو ھڪ آمریڪي پوڙھو پنھنجي گیلريءَ ۾ وڄائي رھیو ھو. ھو بہ پنھنجي ڌیانَ ۾ گم ھو. ھن اھو گیت پورو ڪري ساھي پٽي، ھیٺ نھاریو تہ ھن جي نظر مون تي پئي، جیڪو سخت ٿَڌِ ۽ مینھنَ ۾ بہ وَڻَ ھیٺان ڇَٽي جهلیو کیس وڏي سرور ۽ ڌیانَ سان ٻُڌي رھیو ھیس. پھرین نظر ۾ ھن مونکي ڏٺو ضرور، پر ان تي ڪو ڌیانُ نہ ڏنو. مونکي ھن جي ڌیانَ جي گهرجَ بہ نہ ھئي، مون لاءِ ھن جو ایئن بي خوديءَ ۾ ان ماحول ۾ اھو ساز وڄائڻ ئي ڪافي ھو. لطیف سائینءَ سر سورٺ ۾ چیو آھي تہ:
سرديءَ سالم نہ رھان، گرميءَ ٿیان گداز
امن ڏیجُ امان تون، سائل ھڻي سازُ
ربابي کي رازُ، خالص ڏیجُ خلیل جو.
ھتي تہ مون سان ڪارِ اُھا ھئي جو مان اُنهيءَ سوز سبب سرديءَ ۾ بہ سالم بیٺو ھیس، ھن اھڙا تہ سوز ڀَریا سُرَ ڇیڙیا ھئا جو رڳو منھنجي اندر ئي نہ پر سڄي سنسار ۾ امن پنھنجي امانَ ۾ ھو ۽ ربابيءَ تہ بنا نھارڻ جي ئي ڪیفَ جو راز اندر ۾ اوتي ڇڏیو ھو. دل چیو لطیف جي ٻوليءَ ۾ اھو پُرڪیف سلسلو جاري رکڻ لاءِ چوانس تہ:
جي میراثي مڱڻا، آئون پڻ منجهان تن.
جڏھن راڳ جو ذڪر ٿیندو آھي تہ پیاري آڪاش کي چوندو آھیان تہ مان بہ مُنو مڱڻھار آھیان، بدین ۾ ڪنھن وڏي مڱڻھار کان سَڳو ٻڌراءِ. سو ھن ھمراھ کي بہ چوڻ ٿي چاھیم تہ سوزَ جي ذوقَ ۾ مُنو نہ پر مان بہ ڏیڍُ مڱڻھار آھیان، اھو سلسلو گهٽ ۾ گهٽ مینھنَ جي بند ٿیڻ تائین بند نہ ڪجانءِ. لطیف سائینءَ چیو آھي تہ:
محلین آیو مڱڻو، کڻي سازَ سري
لڳي تندُ تُنبیر جي، پیا ڪوٽ ڪريِ
جارج ٽائون ۾ ڪي ڪوٽ تہ نہ ڪریا ھئا، پر مونکان ٿَڌِ، مینھنُ، زمانُ ۽ مڪانُ سڀُ وسري ویا ھئا، بس ھر طرف ڪیفُ ئي ڪیفُ ھو. ایتري ۾ پرھَ بہ باکون واھ جو ڪڍیون ھیون ۽ مینھوڳيءَ جي جهڙَ ۾ سِجَ جا ڪرڻا بہ حجاب ۾ ھئا. سڄو حُسن حجاب ۾ ئي آھي، ظاھر انسان جو تجسس ختم ڪیو ڇڏي. بارش بہ ھاڻي جهڪي ٿي چُڪي ھئي، پنھنجي گهر جي پھرین ماڙ جي گیلري مان وائلن وڄائیندڙ پوڙھي بہ ھَرَ ھَرَ ھیٺ نھاري، اھو محسوس ڪري ورتو ھو تہ مان مینھنَ کان بچڻ لاءِ گهٽ ۽ سندس سوز ڀَریو ساز ٻُڌڻ لاءِ ئي بیٺو ھیس. پنھنجو گیت وڄائي وائلن کي ھیٺ رکي، مون ڏانھن نھاریائین تہ ھن بہ محسوس ڪیو تہ منھنجو سڄو ڌیان سندس پاسي ھو. مون کیس ھٿ ٻڌي ٻوڌي انداز ۾ سلام ڪیو تہ ھن بہ مٿان خاموشيءَ سان مُرڪي کیڪاریو. ھن ڀیري نھایت قرب منجهان اشارو ڪندي مٿي اچڻ لاءِ چیائین، مون بہ کیس ڪنول جي بند گُلَ جیان ھٿ ٻڌي سلام ورایو ۽ وٽس اچڻ جي ھامي ڀري. شاید اھو منھنجي سوز تي ڌیانَ ۽ اھو ھٿ ملائي سڌارٿي سلام جي احساساتي سگهه ھئي جو ھن سڀ ڪجهه سمجهي ورتو ھو. اھو سلام ننڍي کنڊ جي سنڌو، سرسوتي ۽ گنگا جمني سڀیتائن جو گڏیل سلام رھیو آھي، جنھن ۾ ماڻهو پنھنجي ھٿن ۽ جسماني وجود کي ئي نہ پر ڄَڻُ تہ ڪنول جي گُلَ جي روپَ ۾ پنھنجي اندر کي میڙي مُٺِ ۾ ڪري، ان ۾ نمرتا ڀري ٿو ڇڏي، انھيءَ نمرتا ڀریي سلام ئي تہ اشوڪا کي ھڪ ظالم حڪمران مان ٻوڌي بڻائي ڇڏیو ھو.
مان ڏاڪڻیون چڙھي مٿي ویس تہ سامهون ھڪ سنھڙو سیپڪڙو سفید شرٽ پھریل اُھو سازندو امریڪي پوڙھو بیٺو ھو، ھن بہ ساڳي طرح سلام ڪیو. اُھي چار ھٿ نہ ھیا، پر ڄڻ تہ ڪنول جا ٻہ گل ھڪ ٻئي کي ڀلیڪار ڪري رھیا ھئا. ھو سڌو مونکي ان گیلريء ۾ وٺي ویو، جتي سندس ساز سمیت ڪیتریون ڪم جون ۽ اجایون شیون ٽڙیل پکڙیل پیون ھیون، ھوبھو زندگيءَ جیان. ان گیلريءَ جي بي ترتیبي زندگيءَ جو ڏیکُ ڏئي رھي ھئي. حُسن رُڳو ترتیب ۾ ناھي ھوندو، پر بي ترتیبيءَ ۾ بہ ھوندو آھي، جو زندگي ٻنهي صورتحالن جو ئي نالو آھي. ھن مونکي ھڪ اسٽول کي اُگهي صاف ڪري ان تي ویھاریو ۽ مون کان ھائوڪار وٺي اندر پاڻي ۽ ڪافي کڻڻ ویو. ھاڻي ان ساڳي ھنڌ کي ان گیلريءَ مان ڏسي رھیو ھوس، جتي ڪیترو وقت سخت ٿَڌِ ۽ مینھنَ ۾ بیھي وائلن تي وڄندڙ مسحور ڪُن گیتَ ٻُڌندو رھیو ھوس. ھاڻي زمان تہ ھونئن ئي مَٽجي ویو ھو، پر منھنجو مڪانُ بہ تبدیل ٿي ویو ھو. مان دل ۾ فیصلو نہ ٿي ڪري سگهيس تہ انھن مان وڌیڪ حسین زمان ۽ مڪانُ ڪھڙو ھو.
مان اڃا انھيءَ آلي مِٽيءَ جي خوشبو، ساون ڌوتل وڻن ۽ ھر طرف ڌوتل ساوڪ جي ماحول جي سحر ۾ ئي گُم ھیس تہ میزبان ننڍي ٽري ۾ ٻہ ڪاریون ڪافیون، پاڻيءَ جي بوتل ۽ ڪجهه مَکڻ ۾ ٺھیل سَنھا بسڪوٽَ کڻي آیو. ھڪ اَڳُ ئي شاندار دل پذیر ماحول مٿان ڪافيءَ جو ھُڳاءَ ۽ بسڪوٽن مان ایندڙ مَکڻ جي خوشبو ماحول کي ویتر معطر ڪري ڇڏیو ھو. زندگيءَ جون اصل حُسناڪیون وڏین شین ۾ نہ پر اھڙین دلپذیر ننڍڙین ننڍڙین خوشین ۾ ھوندیون آھن. اسانجو اڃا ھڪ ٻئي سان تعارف ئي نہ ٿیو ھو، پر انجي گهرج بہ نہ ھئي، ان سان ڪھڙو فرق ٿَي پیو تہ اسانجو نالو، قوم یا ٻي ڪا سُڃاڻپ ڪھڙي ھئي؟ اھڙین گهڙین ۾ تعارف بي معنا بڻجي ویندا آھن. لطیف سائین جیڪو عدم کي آسڻ چیو ھو تہ انجو مطلب اھو ئي ھو تہ اھڙو ماڳُ جتي ذات جي سُڃاڻپ نہ ھجي. ھن ویھي بس مرڪندڙ چھري سان آجیان ڪئي تہ سڀ تعارف ٿي ویا. اصل تعارف تہ ھن پنھنجي اندر جي جھانَ جو پنھنجي سازَ مان نڪرندڙ سوزَ سان ئي ڪرائي ڇڏیو ھو. ھو پنھنجي مزاج ۾ خاموش طبع انسان ٿي لڳو ۽ ھن وٽ بس قربائتي نھارَ ھئي ۽ اُھا وجودي تعارف لاءِ ڪافي ھئي. جنھن وٽ وائلن جي تارُن جي ٻولي ھجي، ان کي پنھنجي زبان جي گهرج گهٽ پوندي ھوندي. سفید شرٽ پاتل ھن معصوم شخص جو سڄو باطن ھن جي مُرڪندڙ نھار مان پنھنجو نبارپڻو ڏیکاري رھیو ھو. اسان ڪجهه گهڙیون ٻئي خاموش ھئاسون ۽ بس گرم ڪافيءَ جي چُسڪین جا رڳو محسوس ٿیندڙ ھلڪا آواز ھئا. اھڙي ماحول ۾ ھڪ ٻئي سان خاموشيءَ سان بہ ڳالهائي سگهبو آھي.
نیٺ مون گفتگو شروع ڪئي ۽ کیس پنھنجو تجربو ٻُڌایم تہ ڪیئن نہ سندس سازَ جي سوزَ منھنجي دل تي مسحور ڪن اثر ڪیو ھو. خلیل جبران درست چیو ھو تہ موسیقي روح جي ٻولي آھي ۽ افلاطون چیو ھو تہ موسیقي اخلاقي قانون ۽ احساسن جي اُھا ٻولي آھي، جیڪا ڪائنات کي روحُ، سوچَ کي پَرَ ۽ تخیل کي اُڏام بخشیندي آھي. ھو منھنجون ڳالھیون ٻُڌي خوش ٿي رھیو ھو. ھن چیو اھو تہ سندس معمول آھي پر منھنجي دلچسپي ۽ موجودگيءَ ان کي خاص بڻائي ڇڏیو ھو. امیر خسرو تہ وري دل کي محبت جو ساز سڏیو ھو. ھو تہ پاڻَ ڪیترن سازن جو موجد ھو ۽ راڳ ۽ سُرَ کي معرفت سان تعبیر ڪندو ھو. بیٿووین چوندو ھو تہ راڳُ ذھن ۽ روح وچ ۾ ٽیاڪڙي ڪندو آھي. البرٽ آئن اسٽائن جو فزڪس کان پوءِ ٻیو وڏو عشق وائلن سان ھو جیڪو ھن ڇھن سالن جي عمر ۾ سکیو ھو ۽ ھو چوندو ھو فزڪس کیس ڪائنات کي سمجهڻ ۾ مدد ڏئي ٿي ۽ وائلن جو سوز کیس ڪائنات کي محسوس ڪرڻ ۽ ساڻس جُڙڻ ۾ مدد ڪري ٿو. سندس زال ایلسا کیس ڀوڳ ۾ چوندي ھئي تہ ڪاش ھو کیس فزڪس ۽ پنھنجي وائلن جیترو پیارو گهري ھا. (سندس جرمن وائلن جیڪو ھن 1894 ۾ ورتو ھو، اُھو گذریل سال 2025 ۾ اَٺَ لکَ ۽ سٺ ھزار پائونڊن ۾ وڪیو ھو) ھن کي اھو ڏُکُ ھوندو ھو تہ ھو پنھنجو وائلن پنھنجي زندگيء جي آخري ڏھن سالن دوران کاٻي ھٿ جي ڏڪڻي سبب وڄائي نہ سگهندو ھو.
اسان جي ڪچھري ڪلاڪ ڏیڍ ھلندي رھي. ھن مونکي پنھنجي گیلريءَ ۾ ڪیتریون بيحد وڻندڙ ڌُنون ٻُڌایون ۽ مون ڏٺو تہ ھو اھو ساز وڄائڻ وقت ان ۾ ئي گم ٿي ٿَي ویو ۽ ساز ۽ ھن ۾ ڪابہ دوئي باقي نہ ٿَي رھي. صوفین جو اھو تصور ڪیڏو نہ حسین آھي تہ دوئي ۾ عشق جو اھو مقام ممڪن ناھي، جنھن ۾ وجودن جي ڪثرت احساس ۽ ڪیف جي حد تائین وحدت ۾ تبدیل ٿي ویندي آھي. ھن وچ وچ ۾ ڪچھري بہ ڪئي ٿي، اسانجو ھڪ ٻئي سان تعارف بہ ٿیو. ھن جو نالو ڊیوڊ ھو ۽ سندس اصل تعلق باسٽن سان ھو ۽ ھو ھڪ رٽائرڊ استاد ھو. ھن چیو تہ سندس ماءُ کیس وائلن ٻاروتڻ ۾ سیکاریو ھو، جو ھوءَ زندگيءَ ۾ ھڪ ڏکویل مائي ھئي ۽ ٻن ٻارن کان پوءِ وائلن ئي ھن جو واحد داخلي سَھارو ھو. ڪیڏي نہ عجیب ڳالهه ھئي تہ سندس پُٽَ یعني ھن شخص جو سَھارو بہ اھو وائلن ئي بڻیو. ھن ٻُڌایو تہ سندس ٻار ڪیلیفارنیا ۾ رھن ٿا ۽ زال اڌ رنگ سبب ھنڌ تي ئي پئي ھوندي آھي ۽ ھو سندس خدمت ڪندو آھي. مونکي اھو ڏسي بیحد سٺو لڳو تہ ھو اھو سڀ ڪجهه بیزاريء سان نہ پر گھربل حساسیت ۽ محبت سان ٻُڌائي رھیو ھو ۽ ھن کي پنھنجن ٻارن سان بہ ڪا شڪایت نہ ھئي. واقعي سوز ۽ سُر ڪن ماڻهن جي مِٽي ٻیھر ڳوھي, انھن کي ڪاڇي جي چیڪي مِٽيءَ جھڙو نرم ۽ نبار بڻایو ڇڏي. تڏھن تہ شیڪسپیئر چیو ھو تہ جنھن کي موسیقيءَ سان رغبت ناھي، انجي انسان ھئڻ تي شڪ ڪیو. شاید ھن پنھنجو سمورو درد پنھنجین آڱرین ۽ وائلن جي تارن ۾ اوتي ڇڏیو ھو. جڏھن ٽائٽینڪ جھاز ٻُڏي رھیو ھو تہ جھاز ۾ ماڻهن کي سانتیڪو ڪرڻ لاءِ وائلن وڄائیندڙ ویلس ھارٽلي اھڙا سُرَ ڇیڙیندو آھي جو ماڻهن کان ڪجهه گهڙين لاءِ موت جو خوف ئي وسري ویندو آھي. یورپ ۾ مون ننڍن شھرن ۽ ٻھراڙین ۾ جام ٻُڌو آھي اھو سازُ، چیو ویندو آھي تہ سترھین ۽ ارڙھین صدی ۾ اوڀر یورپ ۾ جیڪي ساز ٺھیا، اھڙا بعد جو جدید دور بہ ٺاھي نہ سگهيو. ماڻهو چوندا ھئا تہ وائلن کي اکیون ھوندیون آھن ۽ انھن مان ڳوڙھا بہ وھندا آھن، جیڪي ڏِسبا ناھن پر انھن جي آلاڻ روح ۾ محسوس ٿیندي آھي. مون سچ پچ وڻ جي ھیٺان ٿَڌِ ۽ مینھنَ ۾ انھن ڪوسن ڳوڙھن جي آلاڻ پنھنجي دل ۾ محسوس ڪئي ھئي.
مون ڊیوڊ کان ڀاڪر پائي موڪلایو ۽ دل ۾ سوچیو تہ ھر ماڻهوءَ کي ھڪ ساز ضرور اچڻ گهرجي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سان منھنجو گهڻو محبت جو تعلق ھو. مون ٽن قسطن ۾ سندس طویل انٽرویو ڪیو ھو، جیڪو سنڌ ٽي وي تي 2004 ۾ ھلیو ھو، آخري سوال جڏھن زندگيءَ ۾ ڪنھن رھجي ویل حسرت بابت پُڇیو ھو مانس تہ چیو ھئائین تہ “زندگيءَ ۾ ڪو ساز سکي نہ سگهيس”! اڄ ان حسرت جي گھرائي سمجهه ۾ آئي ھئي. مان پُرڪیف ڪیفیت ۾ ڏاڪڻیون لھندو ھیٺ لھي آیس. اڃا صبح جا ساڍا نَوَ ئي ٿیا ھئا ۽ موسم ٿڌي ۽ جُهڙالي ھئي. وائلن مون گهڻو ٻڌو ھو، پر ھيءُ تجربو منفرد ھو. يورپ ۾ چوندا آھن تہ وائلن پُراڻي شراب جیان ھوندو آھي، جیترو پراڻو اوترو قیمتي ۽ نایاب. وائلن بابت ٻي ڏند ڪٿا بہ دلچسپ آھي تہ اھو جیترو پراڻو ۽ وڌیڪ استعمال ٿیل ھوندو، اوترو ان ۾ سوز ۽ درد وڌیڪ گِھرو ھوندو. شاید پوڙھو ساز سڄي ڄمار جا درد گڏ ڪندو ۽ نون سُرن ۾ اوتیندو ویندو آھي. مولانا رومي جو قصو آھي تہ پاڻ جڏھن شمس تبریز جي صحبت کان پوءِ سراپا ڪیفُ ٿَي چڪو ھو ۽ ھن قونیا جي بازار ۾ پھریون ڀیرو بي خوديءَ ۾ رقص ڪیو ھو تہ انجو سبب رباب جو پرسوز آواز ھو، جنھن ھن کي وجد ۾ آڻي ڇڏیو ھو ۽ ھن بعد ۾ ان تي ڪمال جي ڳالهه ڪئي ھئي تہ درد ڀَریو سوز رُڳو آواز ناھي ھوندو، پر اھو ھجر جو آلاپ ھوندو آھي. خوشيءَ کي زبان گهربل ناھي ھوندي ۽ درد وري شرمیلو ھوندو آھي، انجي زبان بڻجڻ ڪا معمولي ڳالهه ناھي. ایران جي وڏي کماچ نواز استاد لُطفي جو قصو آھي تہ ھڪ ڀیري ھڪ شاگرد کیس چیو تہ سندس کماچ ۾ اھو سوز ڇو ناھي، جیڪو استاد لُطفي جي وڄت ۾ آھي، تنھن تي استاد کیس چیو تہ سوز تارن مان نہ پر ساز مان تڏھن نڪرندو آھي، جڏھن درد روح مان رڳن ذریعي لھي آڱرین تائین پُڄندو آھي، تڏھن تہ لطیف سائینءَ بہ “رَڳون ٿیون رباب” چیو ھو. رڳون رباب ائین تہ ناھن ٿیندیون. قدیم زماني ۾ ڪوھ ڪاف جا ماڻهو جبلن جي ھنج ۾ تارن جا ساز وڄائیندا ھئا تہ پوڙھا لوڪ ڏاھا چوندا ھئا تہ آسمانن مان پریون لھي اچي انھن سازن جي تارن ۾ لِڪي ویھندیون آھن ۽ گڏجي انهن ۾ سوز پیدا ڪندیون آھن. نڪولو پگانیني ارڙھین صديءَ جي پڇاڙيءَ ۽ اُڻویھین صديءَ جي پھرئین اڌ جو جَڳَ مشھور وائلن نواز ۽ موسیقار ھو. ھن بابت مشھور ھو تہ سندس شیطان سان سنگت ھئي ۽ ھو جڏھن وائلن وڄائیندو ھو تہ شیطان ڳُجهي نموني وائلن جي تارن مان اھڙو جادوئي سوز پیدا ڪندو ھو جو ماڻهو پاڻ وساري ویھندا ھئا ۽ ماڻهن کان عبادتون وسري ویندیون ھیون. دلچسپ ڳالهه تہ 1840 ۾ جڏھن ھو گذاري ویو تہ پادرین کیس دفنائڻ کان اھو چئي انڪار ڪیو ھو تہ سندس جسم ۾ شیطان روح جي صورت ۾ موجود آھي. دراصل حیرت انگیز تجربن کي ماڻهو مافوق الفطرت تصورن سان منسوب ڪندا ھئا.
مان جارج ٽائون جا آلا رستا، پوڙھیون گهٽیون، ساوا وڻ ۽ سُرمئي بادل ڏسندو، ھلندو ٿَي رھیس ۽ منھنجي اندر ۾ ڊیوڊ جي وائلن جا الاپ ٻُري رھیا ھئا. دل چیو ڪاش! زندگيءَ جون چارئي موسمون وائلن جي چئني تارن جیان پُرڪیف ۽ ھم آھنگ ھجن ھا تہ زندگي ڪیڏي نہ حسین ھجي ھا. دل ۾ ھڪ ارادو ڪیم تہ زندگيءَ ۾ ھڪ ساز ضرور سکندس، جو ساز ۽ سُٺي ڪتابَ جي صحبت گهڻن اندر جي گدلن ۽ بي روح ماڻهن جي صحبت کان ھزار ڀیرا بھتر ھوندي آھي!
(پبلڪ پارڪ جي آلي بینچ, جارج ٽائون، واشنگٽن- صبح جو یارھین بجي، ۱۰ جنوري 2009)
