امر فياض جي لڙڪن کي موتي سمجهي چونڊيندي عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگويج انجنيئرنگ (AMBILE)،حيدرآباد جي مٿي تي پيل اڇي پڳ پسڻ جو سنڌ کي موقعو مليو آهي. ايستائين اندران صرف اڳڙيون ئي نڪتيون آهن. انگن اکرن جي بيرحم حقيقتن اداري جي انتظامي وهنوار ۽ ڪلچر کاتي جي ”ڏينهن ٽپايو پاليسي“ کي خلق خدا اڳيان الف اگهاڙو ڪري بيھاريو آهي. امر فياض پنھنجي فيس بڪ تي ڪيل لائيو گفتگو ۾ نـ چاهيندي، هٿ ٻڌندي، ٿورا مڃندي، ڳوڙها ڳاڙيندي عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ تي نظر وجهڻ جو موقعو فراهم ڪري ويو آهي.
حيدرآباد ۾ علامـ عمر بن دائود پوٽا لائبريري ۽ سنڌ ميوزيم حيدرآباد جي پويان عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽوٽ جي عاليشان عمارت موجود آهي. عمارت جي مھڙ ۾ لڳل افتتاحي تختي تي ڊسمبر 2019 لکيل آهي ۽ جن جي هٿن مبارڪن افتتاح ڪيو، انهن ۾ ثقافت کاتي جي اڳوڻي وزير سيد سردار علي شاهه ۽ اڳوڻي سيڪريٽري غلام اڪبر لغاريءَ جا اسم گرامي تختيءَ تي موجود آهن. رڪارڊ موجب اداري جون سموريون جايون خالي آهن ۽ اداري ۾ ڪم ڪندڙ سمورا ملازم ڪچا آهن. ايستائين جو امر فياض جي مقرري بـ.
ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتي سنڌ حڪومت جي سيڪريٽري خير محمد ڪلوڙ پاران 5 ڊسمبر 2024ع تي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽوٽ جي تاحيات شريڪ چيئرمين عبدالماجد ڀرڳڙيءَ جي تجويز تي جناب فياض حسين ٻرڙو، جيڪو ڪلچر کاتي جي پلاننگ، ڊولپمينٽ، مانيٽرنگ امپليمينٽيشن سيل ۾ پراجيڪٽ ڪوآرڊينيشن جو ڪم ڪري رهيو آهي، کي عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽوٽ جي معاملن ڏسڻ(لُڪ آفٽر) جي ذميواري سونپي وڃي ٿي. حڪمنامي ۾ وڌيڪ لکيل آهي ته فياض حسين تدريسي ادارن، انتظامي کاتن سان لھه وچڙ ۾ ايندو ۽ گڏوگڏ ٻوليءَ سان لاڳاپيل اداري جي ٽيڪنيڪل معاملن کي بـ ڏسندو. نوٽيفڪيشن جي متن جو سنڌي ترجمو لڳ ڀڳ اهو ئي وڃي بيھي ٿو.

امر فياض کي پلاننگ، ڊولپمينٽ، مانيٽرنگ امپليمينٽيشن سيل مان 2020-2021ع کان پگهار ڏني ويندي رهي آهي. جيڪا وڌ ۾ وڌ ٽي لک 87 هزار 97 رپيا ۽ ٻـ لک 96 هزار 6 سؤ 67 رپين کان ٿيندي ڪڏهن گهٽ ته ڪڏهن وڌ مارچ 2026ع ۾ اچي 40 هزار رپين تائين پھتي. ڪلچر کاتي جي سيڪريٽري خير محمد ڪلوڙ کان جڏهن پگهار گهٽجڻ بابت معلوم ڪيو ويو ته هن ٻڌايو تـ امر فياض جي پگهار 96 هزار هئي، آڊٽ آبجيڪشن لڳو ته ڪانٽيجينسي مان وڌ ۾ وڌ 40 هزار روپيا پگهار ڏئي سگهجي ٿي، انڪري پگهار گهٽجي وئي.
هتي اهو واضح ٿيو ته امر فياض جي مقرري ثقافت کاتي جي پلاننگ، ڊولپمينٽ، مانيٽرنگ، امپليمينٽيشن سيل ۾ هئي ۽ اتان ئي سندس پگهار ايندي رهي آهي.
عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ کي گذريل سال 25 -2024ع ۾ 5 ڪروڙ 29 لک 41 هزار روپين جي بجيٽ ملي هئي، جيڪا خرچ ٿي. جڏهن ته تخمينو 14 ڪروڙ 71 لک 16 هزار جو پيش ڪيل آهي. هلندڙ مالي سال 2025-2026ع ۾ بجيٽ بڪ مطابق هڪ ڪروڙ 16 لک 26 هزار روپين جي بجيٽ موجود آهي، جڏهن ته باقي بجيٽ لاءِ سنڌ حڪومت کي لکيو ويو آهي. انسٽيٽيوٽ ۾ ڪل پنج ملازم ڪانٽريڪٽ تي مقرر آهن، جن جي پگهار رڪارڊ مطابق 43 هزار کان 75 هزار رپين تائين آهي. سال ۾ پگهارن جو خرچ 70 لک روپين تائين ٿئي ٿو.
امر فياض دل برداشتہ ۽ حالتن اڳيان بيوس ٿي، پنھنجي گفتگو ۾ چيو هو ته اداري کي پنھنجي گهر جي پئسن ۾ هلائڻ مون لاءِ ممڪن ناهي رهيو ۽ آئون وڌيڪ ڪم نٿو ڪري سگهان. هن باقي جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن، انهن جو ڪلچر کاتي جي صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه کي ضرور جواب ڏيڻ گهرجي، جيڪو عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽوٽ جي بورڊ جا چيئرمين آهن.
سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ سنڌي لئنگويج اٿارٽي جيان قائم ڪيل هي هڪ خودمختيار ادارو آهي، جيڪو سنڌ اسيمبليءَ طرفان عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگويج انجنيئرنگ جي نالي سان قانون سازي تحت قائم ڪيو ويو آهي. هي ادارو ثقافت، سياحت، نوادرات ۽ آرڪائيوز کاتي، حڪومت سنڌ جي انتظامي نگرانيءَ هيٺ ڪم ڪري ٿو۔ انسٽيٽوٽ سنڌي ٻوليءَ جي ڪمپيوٽيشنل ۽ ٽيڪنيڪي ترقي جي واڌاري لاءِ سرگرم عمل آهي.
سنڌ اسيمبليءَ جي منظور ڪيل ايڪٽ مطابق عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ جا الڳ فنڊ هوندا، جن ۾ سرڪاري گرانٽس، امدادون، خريد و فروخت جن ۾ سافٽ ويئرز، ايپليڪيشنون ۽ اداري جون اشاعتون شامل آهن. انهن مان حاصل ٿيندڙ ناڻو اداري جي مالي سگهه بڻبو. اداري جي ڪم جو تعين ۽ فيصلا سازي بورڊ ڪندو۔
بورڊ جو چيئرمين ثقافت کاتي جو صوبائي وزير يا صوبائي صلاحڪار هوندو۔ بورڊ 9 ميمبرن تي مشتمل هوندو، جنھن ۾ چار سرڪاري ۽ پنج غير سرڪاري ميمبر شامل هوندا. انهن مان ٻه سنڌ اسيمبليءجا ميمبر هوندا، جن جا نالا اسپيڪر سنڌ اسيمبلي تجويز ڪندو، جڏهن ته باقي ٽن ميمبرن جا نالا چيئرمين تجويز ڪندو، جن جي مقرري وزيراعليٰ سنڌ ڪندو.

سنڌيءَ کي ڪمپيوٽر جي ٻولي بڻائيندڙ، هن وقت آمريڪا ۾ رهائش پذير سائين عبدالماجد ڀرڳڙي تاحيات بورڊ جو شريڪ چيئرمين رهندو. ثقافت کاتي جي صوبائي وزير يا مشير جي غير موجودگيءَ ۾ عبدالماجد ڀرڳڙي ئي چيئرمين هوندو. جڏهن ته چيئرمين ۽ شريڪ چيئرمين ٻنهي جي غير موجودگيءَ ۾ ثقافت کاتي جو سيڪريٽري بورڊ جو چيئرمين هوندو.
رڪارڊ موجب عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگويج انجنيئرنگ ۾ هيٺيون آساميون موجود آهن، جيڪي خالي آهن ۽ حڪومت انهن تي ڀرتي نٿي ڪري:
• ڊائريڪٽر- بي پي ايس 19
• اسسٽنٽ ڊائريڪٽر- بي پي ايس 17 (2)
• اسسٽنٽ- بي پي ايس 16
• سينيئر ڪلارڪ- بي پي ايس 14
• جونيئر ڪلارڪ- بي پي ايس 11
• چوڪيدار- بي پي ايس 01 (2)
• نائب قاصد- بي پي ايس 01
• سينيٽري ورڪر- بي پي ايس 01

سنڌ اسيمبليءَ پاران ڪيل قانونسازي مطابق ڊائريڪٽر جو عھدو 20هين يا 19هين گريڊ جو هوندو، پر هن وقت 19ھين گريڊ جي پوسٽ رکيل آهي. ايستائين عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگويج انجنيئرنگ جي بجيٽ ڪيئن خرچ ٿيندي رهي آهي، انهي بجيٽ جي منظوري ڪھڙي فورم تان ورتي وئي آهي ۽ بورڊ جا سال ۾ ڪيترا اجلاس ٿيندا رهيا آهن، انهن سوالن جي جوابن اچڻ سان ئي معلوم ٿيندو ته ثقافت کاتو سنڌي ٻوليءَ جي مشيني ذهانت جي دور ۾ ڪھڙي ترقي چاهي ٿو ۽ ترقيءَ جو اهو هدف حاصل ڪرڻ لاءِ کاتي جي وزير، سيڪريٽري ۽ باقي ڪامورن جي ڪيتري دلچسپي آهي.

تفصيلي انگن اکرن تي مشتمل بهترين رپورٽ