Homeفنموسيقيلوڪ موسيقي ۽ معياربنديءَ جو جبر

لوڪ موسيقي ۽ معياربنديءَ جو جبر

انسان ايامن کان هن ڌرتيءَ تي ترقيءَ جي نالي ۾ مصنوعيت ۽ معياربنديءَ (Standardization) جو خودساخته قيدي بڻيل آهي، پر بھرحال مصنوعيت ڏي تيز ڊوڙ باوجود به سندس بڻ بنياد پنھنجي جوهر ۾ فطري هجڻ ڪري هو بار بار فطرت ڏانھن موٽ کائي ٿو. سڄو ڏينھن ايئرڪنڊيشنڊ روم ۾ ويھي ڀلي انسان آسائش ته وٺي ٿو، پر کُليل ماحول، ساوٓڪ، ڇَٻر، وڻ، ٻوٽا، وهندڙ پاڻي ۽ پکين جا آواز ئي سندس روح جي رَمز سمجهائن ٿا، انسان ۽ فطرت جي ڳانڍاپي کي سمجهڻ لاءِ اهو هڪڙو سادو مثال ئي ڪافي آهي. اهڙيءَ ريت، جڏهن انسان راڳ جي ڳُتيل گهاڙيٽن، ٻوليءَ جي پيچيده ساختن، لغت جي ڳرن لفظن ۽ درٻارن جي مصنوعي آدابن کان ٿڪجي پوي ٿو ته هو پنھنجي وجود جي اصل سادگيءَ ڏانھن موٽ کائي ٿو، ۽ اها موٽ ئي لوڪ موسيقي آهي. سخت اصولن، قائدن ۽ قانونن کان آجي هجڻ ڪري لوڪ موسيقي پنھنجي اسلوب ۾ آزاد ٿئي ٿي. شايد انهي لچڪ جي ڪري هر خطي ۾ لوڪ موسيقيءَ کي دل جي امنگن جو سادگيءَ سان اظھار سمجهيو ويندو آهي. هن جي سکيا ۽ وڄت جا اوزار به ائين ئي سادگيءَ وارا ٿين ٿا. لوڪ گيت ڳائڻ وارن لاءِ سڄي ڪائنات ئي اڪيڊمي ۽ حيات جا ڏک ڏاکڙا، خوشيون ۽ فطري ماحول ئي استاد ٿئي ٿو. لوڪ موسيقيءَ جا موضوع به عام ماڻهوءَ جي رواجي زندگي، پنھنجي مٽي، ريتون رسمون، خوشين جا ڏڻ، غم، گوندر ۽ محبت جا داستان هوندا آهن. جيئن ڪلاسيڪي موسيقيءَ لاءِ وڏي مھارت سان وڄائڻ وارا ساز جھڙوڪ تانپورو، سارنگي، طبلو، ستار هارمونيم گهربا آهن، تيئن لوڪ موسيقيءَ لاءِ بوڻينڊو، يڪتارو، چپڙي، مٽڪو، الغوزو، مرلي يا دهل وغيره، مطلب ته مقامي ۽ سادا ساز ئي ڪافي آهن.

Sarangaa لوڪ موسيقي ۽ معياربنديءَ جو جبر

سخت معياربندي، ضابطا ۽ اصول انسان جي آزاد فطري اظھار ۾ رڪاوٽ بنجيو پون، پر لوڪ موسيقيءَ جي فطري آزادي لوڪ گيت ڳائيندڙ کي پنھنجا سرشار جذبا کليءَ دل سان ٻين تائين پھچائڻ لاءِ نه صرف پنھنجو ڪشادو اڱڻ، بلڪه مٽيءَ جي هڳاءُ، ٻھڪندڙ محبتن ۽ ريشمي احساسن جا جهول ڀري به ڏئي ٿي، ان ڪري ئي شايد لوڪ گيت دل تي سڌا اثرائتا ٿين ٿا. لوڪ موسيقيءَ جي بنيادي حسناڪي سماجي روايتن ۽ روزمره جي زندگيءَ تي ٻڌل تاڃي پيٽو آهي. شاديون ۽ خوشيون هجن ته سھرا ۽ لاڏا، ٻار جي پيدائش هجي ته لولي، غم جي ڪا ڪيفيت هجي ته مورو؛ هر ڪاهڻ، فصل ڪٽڻ، مڇي مارڻ، ڀرتُ ڀَرڻ، جنڊ پيھڻ، مال چارڻ، کٽون ۽ ڪپڙو اڻڻ کان وٺي سنڌوءَ جي تار وهڻ جا گيت! مطلب ته لوڪ موسيقي عملي زندگيءَ ۾ محنت ۽ محبت جي هڪ حسين آميزش آهي، جيڪا نفسياتي، سماجي ۽ ثقافتي طور اسان کي آسودو ڪري ٿي.
لوڪ موسيقيءَ جي سڀ کان وڏي خوبي اها به آهي ته اها اُن خطي جي ثقافت جي جيئري جاڳندي تاريخ ۽ جذباتي سڃاڻپ هوندي آهي، جيڪا ڪتابي طور تي نه بلڪه عملي طرح مٽيءَ جي خوشبوءِ سان گڏ ريتن رسمن کي صدين تائين زنده رکي ٿي. سچي ڳالهه اها آهي ته مارئيءَ جي لوئي، سسئيءَ جو پورهيو، نوريءَ جي سادگي ۽ مورڙي جي بھادري يا اهڙا ڪيئي ٻيا ثقافتي داستان اسان وٽ تاريخ جي ڪتابن بدران لوڪ موسيقيءَ ئي هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين وڌيڪ اثرائتي انداز ۾ پھچايا آهن. سنڌ ۾ اڪثر پروگرامن جي آخر ۾ “هو جمالو” ڳايو ويندو آهي ۽ان وقت ماڻهن جو جوش، خوشي ۽ ٻھڪ ڏسي، حيراني ٿيندي آهي. سالن صدين جي مسافرين باوجود هو جمالي جو منفرد احساس ۽ رچاءُ پنھنجي تازگيءَ سان گڏ اڄ به موجود آهي. انهيءَ ڪري هو جمالو سنڌ ۾ خوشي، جوش، بھادري ۽ فتح جو صرف ترانو نه، بلڪه زندگيءَ جي جشن جو آلاپ لڳندو آهي.پر جڏهن اها لوڪ موسيقي پنھنجي فطري ماحول مان نڪري اسٽوڊيوز جي ڀتين ۽ ڪمپيوٽر اسڪرينس تائين پھچي ٿي ته ان ۾ ڪيتريون ئي تبديليون اچيو وڃن. بنيادي طور تي لوڪ موسيقي فطري ماحول ۾ پلجندڙ انساني روح جي هڪڙي بيساخته ۽ بيقاعده لھر آهي، جيڪا ڪنھن به درٻار، اڪيڊمي يا لکت جي قانون جي پابند ناهي هوندي. پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ڊجيٽل ۽ گلوبلائيزيشن جي هن دور ۾، جتي هر شيءِ کي معياربنديءَ جو پابند ڪيو پيو وڃي، اتي لوڪ موسيقي به ان معياربنديءَ جي عمل کان بچي ناهي سگهي. جڏهن اها آزاد لوڪ موسيقي جديد ميڊيا پليٽ فارمز جھڙوڪ ڪوڪ اسٽوڊيو (Coke Studio) يا عالمي ميوزڪ اسٽريمنگ ائپس (International Music Streaming Apps) تي پھچندي آهي ته پوءِ گهرن، ميلن، واهڻن ۽ وسندين ۾ ڪلاڪن تائين ڳائيندڙ گيتن کي به چار يا پنج منٽن جي ڊجيٽل فارميٽ تي، مغربي ڊرم بيٽس جي پاپ ميٽر (Pop Meter) تي ڳائڻ لاءِ پابند ڪيو ويندو آهي. مٿان وري پيداواري معيار (Production Standards) برقرار رکڻ لاءِ سُرن کي ڪمپيوٽر سافٽ ويئرز (Auto-tune) ذريعي ايترو ته هر لحاظ کا مڪمل، پختو ۽ اصولن جي عين مطابق ڪيو ويندو آهي، جو ان مان لوڪ موسيقيءَ جي لچڪ ۽ مٽيءَ وارو مزاج ئي ختم ٿيو وڃي. الميو اهو به آهي ته ڪو لوڪ گيت ڪنھن عالمي پليٽ فارم تان تبديل ٿيل ڌُن سان تيز لَئي ۾ جڏهن مشھور ٿئي ٿو ته پوءِ فنڪار به هميشه اُنهيءَ گيت کي ساڳي مشھور ڌن ۽ لَئي ۾ ڳائي اڳيان وڌائين ٿا، مطلب ته ان لوڪ گيت جو اصل انگ ۽ رنگ هميشه لاءِ غائب ٿيو وڃي. هن سڄي واردات ۾ چڱي ڳالهه اها آهي ته اسان جي لوڪ موسيقي ترقي ڪري دنيا تائين پھچي پئي ۽ نوجوانن خاص طور تي جين زي (Gen Z) سان اسان جي لوڪ موسيقيءَ جي شناسائي به ٿئي پئي، پر گڏو گڏ ڳڻتي اها به آهي ته اهو عمل ثقافتي معياربنديءَ (Cultural Standardization) ڏانهن حقيقي اڳڀرائي آهي.
انسان کي معياربنديءَ جي ضرورت تڏهن پئي، جڏهن انساني سماج ننڍڙن قبيلن مان نڪري وڏن شھرن ۾ تجارتي مرڪز قائم ڪيا. جيستائين ماڻهو ننڍڙن گروهن ۾ هئا، تيستائين بغير ڪنھن معياربنديءَ جي ڪم هلي رهيو هو، پر جيئن ئي سماج پنھنجي واڌ ويجهه سبب پيچيده ٿيو ته نظام، هڪجھڙائي ۽ جٽاء قائم ڪرڻ لاءِ معياربندي (Standardization) اڻٽر ٿي وئي. جديد معياربنديءَ جو آغاز صنعتي انقلاب کان ٿيو، ان کان اڳ هر شيءِ هٿ سان ٺھندي هئي، تنھنڪري هر ڪاريگر جي ٺاهيل شيءِ ٻئي کان مختلف هوندي هئي ۽ هر شيءِ ۾ ڪاريگر جي نفيس منفرد ڪاريگري ڏسي سگهبي هئي.
اها معياربندي شين، مشينن، روڊن ۽ رستن تائين ته ٺيڪ آهي ۽ سمجهه ۾ به اچي ٿي، پر مسئلو تڏهن پيدا ٿئي ٿو جڏهن طاقتور طبقو انسان جي سوچ، ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي عمل، موسيقي ۽ ثقافت کي به معياربنديءَ جي مشين ۾ وجهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. لوڪ موسيقي جي اصل بقا ڪارپوريٽ اسٽينڊرڊائيزيشن (Corporate Standardization) جي زنجيرن ۾ نه، بلڪه مسلسل تبديل ٿيندڙ آزاد ۽ لوڪ مزاج ۾ آهي. اسان کي جديد ٽيڪنالاجي ذريعي ان کي دنيا تائين پھچائڻو ته آهي، پر ان سان گڏ گهرن، گهٽين، ميلن ۽ اوطاقن ۾ هن جي بيساختگي ۽ مٽيءَ جي سادگيءَ کي به بچائڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته ثقافت جڏهن مڪمل طور اسٽينڊرڊائيزڊ ٿي ويندي آهي ته پوءِ ڪنھن ميوزيم جي زينت ته بڻجي سگهي ٿي، پر زندگيءَ جي حرارت وڃائي ويھندي آهي.

ڍ

2 COMMENTS

  1. زبردست ڏاهپ ڀريو ليک..لوڪ سنگيت اصولي طور تي سنگيت جي سڀني شڪلين جي امڙ اهي پر ڪيترائي استاد سڏائيندڙ ن کي اها حقيقت مڃڻ کان انڪار اهي .اهي سنگيت جي اڻ لکيل استئندرائيزيسن کي لوڪ سنگيت مٿان مڙهن چاهين ٿا.لوڪ سنگيت جو ساء ان آزاد آلاپ ۾ اهي .ان کي تانن’پلتن ۽ اسڪيلز ۾ قيد ڪرڻ لوڪ سنگيت جي روح کي ختم ڪرڻ بابت اهي.غامرلطيف صديقي هن ليک سان هڪ صحتمند بحث شروع ڪيو اهي.سارنگا هن موضوع تيُ وڌيڪ ليک به لکرائي…

    • توهان جي ڳاله بلڪل صحيح آهي ته سڀ راڳ راڳڻيون لوڪ موسيقي مان ئي نڪتل آهن. شروعات ۾ ماڻهو پنهنجي روزاني زندگيءَ، خوشي، غمي، ۽ فصلن جي لاهياري وقت جيڪي گيت ڳائيندا هئا، اهي لوڪ ڌنون هيون. اڳتي هلي، جڏهن موسيقيءَ جي ماهرن (سنگيت ڪارن) انهن لوڪ ڌنن کي مخصوص قاعدن، ريگوليشنز، سرن جي ترتيب (آروهي، امروهي) ۽ تال جي پابنديءَ ۾ آندو، ته اهي راڳ بڻجي ويا ۽ ظاهر آهي ته راڳ جي علم جو اهو ارتقائي عمل صدين تي ٻڌل آهي. لک قرب 🙏

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا