سنڌي ماڻهن جي پرڏيھه ڏانھن تعليمي ۽ روزگار واري سفر جي به پنھنجي هڪ تاريخ آهي. هڪ زمانو اهو هو، جڏهن دنيا جا ڪيترائي ملڪ اعليٰ تعليم، تحقيق، روزگار ۽ مستقل رهائش جا دروازا کولي رهيا هئا، پر سنڌ مان ٻاهر نڪرڻ جو رجحان اڃا ايترو عام نه هو. ان وقت سنڌي ماڻهو پرڏيھه ڏانھن تمام ٿوري تعداد ۾ ويندا هئا. انهن ۾ به اڪثر اهي خاندان شامل هوندا هئا، جيڪي معاشي طور مضبوط، شھري پسمنظر رکندڙ يا اڳ ئي تعليم ۽ سرڪاري نوڪرين سان لاڳاپيل هوندا هئا. عام ٻھراڙيءَ جو نوجوان، خاص طور هارين، مزدورن يا وچولي طبقي جي گهرن مان نڪرندڙ شاگرد، اهڙن موقعن کي پري جو خواب سمجهندو هو.
پوءِ آهستي آهستي حالتون تبديل ٿيڻ لڳيون. سنڌي نوجوانن ۾ تعليم بابت شعور وڌيو، انگريزي ٻوليءَ، ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ ۽ عالمي يونيورسٽين تائين رسائي جا رستا کليا. پھرئين مرحلي ۾ شھرن مان ڪجهه پڙهيل خاندانن جا ٻار ٻاهر وڃڻ لڳا؛ ٻئي مرحلي ۾ وچولي طبقي جي نوجوانن به اسڪالرشپن، داخلا ۽ روزگار جي موقعن ڏانهن ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو؛ ۽ پوءِ ٽئين مرحلي ۾ اها تبديلي وڌيڪ وسيع ٿي. هاڻي سنڌ جي ٻھراڙين، ننڍن شھرن ۽ هارين جي گهرن مان به نوجوان اعليٰ تعليم لاءِ نڪرڻ لڳا. انهن مان ڪي ڊگريون مڪمل ڪري واپس پنھنجي وطن آيا، ڪي وري پرڏيھه ۾ ئي روزگار سان لاڳاپجي ويا، ۽ ڪي اهڙا به آهن، جن سنڌ ۽ پرڏيھه جي وچ ۾ علم، تجربو ۽ خدمت جو هڪ نئون رشتو قائم ڪيو.اڄ صورتحال اها آهي ته برطانيا جھڙي ملڪ ۾ به سنڌين جي موجودگي نمايان نموني محسوس ٿئي ٿي. اندازي موجب رڳو برطانيا ۾ هزارين سنڌي آباد آهن، جن جو انگ مختلف حوالن ۾ لڳ ڀڳ 25000 کان 30000 تائين ٻڌايو وڃي ٿو. اهي سنڌي لنڊن، ريڊنگ، برمنگهم، مانچسٽر، ليڊز، ناٽنگهم، گلاسگو ۽ ٻين ننڍن وڏن شھرن ۾ رهن ٿا. ڪي ڪاروبار سان لاڳاپيل آهن، ڪي سرڪاري ۽ خانگي ادارن ۾ ڪم ڪن ٿا، ڪي تعليم، صحت، ٽيڪنالاجي، ٽرانسپورٽ، ريسٽورنٽ، ريٽيل ۽ ٻين شعبن ۾ پنھنجو روزگار ڪمائي رهيا آهن. لنڊن ۾ ته سنڌي ڪميونٽيءَ جي موجودگي وڌيڪ چٽي نظر اچي ٿي، جتي وقت بوقت سنڌي ثقافتي گڏجاڻيون، ادبي محفلون ۽ سماجي ملاقاتون ٿينديون رهن ٿيون.
اهڙن پراڻن ۽ سرگرم خاندانن مان هڪ حوالو پياري گل ميتلو صاحب ۽ سندس خاندان جو به ملي ٿو، جيڪي لنڊن ۾ سنڌين کي ڪنھن نه ڪنھن بھاني گڏ ڪرڻ، هڪ ٻئي سان ملائڻ ۽ ڪميونٽيءَ جو رشتو زنده رکڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪندا رهيا آهن. سندن باري ۾ هڪ الڳ مضمون لکڻ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته پرڏيھه ۾ رهندڙ اهڙيون شخصيتون رڳو پنھنجو ڪاروبار يا زندگي نٿيون هلائن، پر پنھنجي ٻولي، ثقافت، سڃاڻپ ۽ ماڻهن سان لاڳاپو به سنڀالي رکن ٿيون. پر هن وقت منھنجو خاص ڌيان ان ڳالهه تي آهي ته سنڌ جا نوجوان برطانيا ۾ پڙهائيءَ لاءِ ڪيئن اچي سگهن ٿا، ڪھڙن شعبن ۾ اڳتي وڌي سگهن ٿا، ۽ پڙهائي مڪمل ڪرڻ کان پوءِ هتي روزگار جا ڪهڙا موقعا پيدا ٿي سگهن ٿا.
برطانيا ۾ رهندي مون جيڪو سڀ کان اهم احساس ٿيو آهي، اهو هي آهي ته برطانيا ڏانھن سفر فقط جھاز جي ٽڪيٽ، پاسپورٽ ۽ ويزا جو نالو ناهي؛ اهو هڪ ذهني، تعليمي ۽ شخصي سفر به آهي. سنڌ جي ڪنھن ننڍڙي شھر، ڳوٺ، ٻھراڙي يا وچولي طبقي جي گهر مان نڪرندڙ نوجوان جڏهن انگلينڊ جي ڪنھن يونيورسٽيءَ جي دروازي تائين پھچي ٿو، ته هو رڳو پنھنجو ذاتي خواب پورو نٿو ڪري، پر پٺيان ايندڙ ڪيترن نوجوانن لاءِ به هڪ نئون رستو روشن ڪري ٿو. سندس ڪاميابي ٻين کي اهو يقين ڏياري ٿي ته عالمي يونيورسٽيون صرف اميرن، وڏن شھرن يا مخصوص خاندانن لاءِ ناهن؛ اهي انهن سڀني لاءِ آهن، جيڪي محنت، تياري، معلومات ۽ مستقل مزاجي سان اڳتي وڌڻ چاهين ٿا.
برطانيا جي ٿڌي هوا، منظم شھر، وقت جي پابندي، وڏيون لائبرريون، ريسرچ جو ماحول، مختلف قوميتن جا شاگرد، ۽ ڪلاس روم ۾ آزاد نموني سوال ڪرڻ جي روايت، هڪ نوجوان کي اندر کان بدلائي ڇڏين ٿا. هتي شاگرد صرف ڪتاب نٿو پڙهي، پر سوچڻ، سوال ڪرڻ، دليل ڏيڻ، پنھنجي ڳالهه پيش ڪرڻ ۽ دنيا کي نئين نظر سان ڏسڻ سکي ٿو. يونيورسٽيءَ جي ڪلاس ۾ جڏهن ڪنھن سنڌي نوجوان کي پنھنجي ڳوٺ، پنھنجي سماج، پنھنجي پاڻي، پنھنجي صحت، پنھنجي زراعت يا پنھنجي ماڻهن بابت ڳالهائڻ جو موقعو ملي ٿو، تڏهن کيس احساس ٿئي ٿو ته سندس مقامي تجربو به عالمي علم جو حصو بڻجي سگهي ٿو.
اهو سفر نوجوان کي ٻڌائي ٿو ته دنيا فقط انهن حدن تائين محدود ناهي، جيڪي هن پنھنجي ڳوٺ، شھر يا ملڪ ۾ ڏٺيون آهن. دنيا انهن لاءِ کليل آهي، جيڪي پاڻ کي تيار ڪن ٿا. پر اها تياري صرف خواب ڏسڻ سان نه ٿيندي آهي؛ ان لاءِ پڙهائيءَ ۾ سنجيدگي، انگريزي ٻوليءَ تي ڌيان، انٽرنيٽ وسيلي صحيح معلومات ڳولڻ، يونيورسٽين جون ويب سائيٽون پڙهڻ، اسڪالرشپن جون آخري تاريخون نوٽ ڪرڻ، دستاويز وقت تي تيار ڪرڻ، ۽ هر مرحلي ۾ پاڻ تي ڀروسو رکڻ ضروري آهي.
سنڌ جي نوجوانن لاءِ هاڻي وقت اچي ويو آهي ته هو پرڏيھه کي صرف روزگار يا رهائش جو هنڌ نه سمجهن، پر علم، تحقيق، مھارت ۽ عالمي تجربي جو مرڪز سمجهن. برطانيا جھڙا ملڪ انهن نوجوانن لاءِ وڏو موقعو آهن، جيڪي صرف پنھنجي ذاتي ترقي نٿا چاهين، پر پنھنجي خاندان، پنهنجي سماج ۽ پنھنجي ڌرتيءَ لاءِ به ڪجهه ڪرڻ جو ارادو رکن ٿا. سنڌ مان نڪرندڙ هر محنتي نوجوان جڏهن عالمي يونيورسٽيءَ تائين پھچي ٿو، تڏهن هو سنڌ جي نئين نسل کي اهو پيغام ڏئي ٿو ته منزل پري ضرور آهي، پر ناممڪن ناهي.

اڄ سنڌي نوجوانن لاءِ اعليٰ تعليم جا موقعا اڳ کان گهڻا آهن. هاڻي داخلا، اسڪالرشپ، رهائش، ويزا، فيس، يونيورسٽيءَ سان رابطو، سڀ ڪجهه آن لائين ٿي سگهي ٿو. اصل ضرورت ڪنھن وڏي ڪنسلٽنٽ، سفارش يا غيرضروري خرچ جي نه، پر انگريزي پڙهڻ جي همت، معلومات ڳولڻ جي صلاحيت، وقت تي درخواست ڏيڻ، دستاويز سنڀالڻ ۽ مستقل مزاجيءَ جي آهي.
منھنجي ڌيءُ انوشا جو مثال به اهڙو ئي آهي. هن ناٽنگهم يونيورسٽيءَ ۾ پبلڪ هيلٿ ۾ ماسٽرس لاءِ اسڪالرشپ حاصل ڪئي. اهم ڳالهه اها نه آهي ته هوءَ برطانيا پھتي؛ اهم ڳالهه اها آهي ته يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺڻ کان وٺي اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ، رهائش جو بندوبست ڪرڻ، ويزا ۽ سنڌ کان ناٽنگهم تائين سفر جا مرحلا هن پاڻ آن لائين مڪمل ڪيا، بغير ڪنھن ڪنسلٽنٽ جي. اهو تجربو سنڌ جي ٻين نوجوانن لاءِ هڪ واضح پيغام آهي ته جيڪڏهن ارادو مضبوط هجي، محنت مسلسل هجي ۽ معلومات صحيح ذريعن مان ورتي وڃي ته وڏا رستا پاڻ ٺھي وڃن ٿا.
برطانيا ۾ هن وقت ڪجهه شعبا خاص اهميت رکن ٿا. صحت، پبلڪ هيلٿ، ايپيڊيميالاجي، هيلٿ ريسرچ، نرسنگ، سوشل ڪيئر، ڊيٽا سائنس، آرٽيفيشل انٽيليجنس، سائبر سيڪيورٽي، سافٽ ويئر انجنيئرنگ، بايو ٽيڪنالاجي، لائيف سائنسز، ماحولياتي سائنس، ڪلائيميٽ چينج، ڪلين انرجي، انجنيئرنگ، ڪنسٽرڪشن، بزنس اينالسٽڪس، فنانس، اڪائونٽنگ ۽ پروفيشنل سروسز جھڙن شعبن ۾ نوجوانن کي سنجيدگيءَ سان دلچسپي وٺڻ گهرجي. برطانيا جي 2025 واري صنعتي حڪمت عملي ۾ به ڊجيٽل ٽيڪنالاجي، لائيف سائنسز، ڪلين انرجي، ايڊوانسڊ مينوفيڪچرنگ، فنانشل سروسز ۽ پروفيشنل سروسز کي مستقبل جي اهم شعبن طور رکيو ويو آهي. صحت ۽ سوشل ڪيئر بابت به سرڪاري رپورٽن ۾ وڌندڙ گهرج ۽ مھارتن جي کوٽ جو ذڪر ملي ٿو، خاص طور تي عمر رسيده آبادي ۽ ڊجيٽل هيلٿ سبب.
سنڌي نوجوانن لاءِ پبلڪ هيلٿ خاص طور اهم ميدان آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ پاڻ پاڻي، صفائي، غذائيت، ٻوڏ، ماءُ ۽ ٻار جي صحت، وبائن، ماحولياتي تبديلي ۽ صحت جي اڻبرابري جھڙن مسئلن سان منھن ڏئي رهي آهي. جيڪو نوجوان برطانيا مان پبلڪ هيلٿ، هيلٿ ڊيٽا، ايپيڊيميالاجي يا گلوبل هيلٿ پڙهي ٿو، اهو رڳو پنھنجي ڪيريئر لاءِ نه، پر پنھنجي ڌرتيءَ لاءِ به ڪمائتو علم کڻي واپس اچي سگهي ٿو. انوشا جو پبلڪ هيلٿ ڏانھن وڃڻ به ان ڪري فقط هڪ ذاتي ڪاميابي نه آهي؛ اهو سنڌ جي نوجوانن کي ٻڌائي ٿو ته اسان جا مقامي مسئلا عالمي علم سان ڳنڍجي سگهن ٿا.
پر رڳو ڊگري ڪافي ناهي. برطانيا ۾ مقابلو سخت آهي. اتي نوجوان کي وقت جي پابندي، تحقيق، لکڻ، پريزنٽيشن، ڊيٽا اينالسس، ڪميونيڪيشن، ٽيم ورڪ ۽ عملي مھارتن تي ڪم ڪرڻو پوي ٿو. جيڪو شاگرد پڙهائي دوران ئي رضاڪاراڻي ڪم، انٽرنشپ، ريسرچ اسسٽنٽ شپ، يونيورسٽي ڪيريئر سروسز، لنڪڊ اِن، سي وي، ڪور ليٽر ۽ نيٽ ورڪنگ تي ڌيان ڏئي ٿو، ان لاءِ روزگار جا رستا به کلي پون ٿا. ڪئين سنڌي نوجوان اتي برطانيا جي مختلف علائقن ۾ وڃي محنت ڪري سيٽل ٿيا آهن جن سان جڏهن ملاقات ٿئي ٿي ته سچ ته دل خوش ٿي وڃي ٿي. ويجهڙ ۾ لنڊن ۾ ٿيل سانا جي ڪانفرنس ۾ ڪئين سنڌي نوجوان مليا ۽ پنھنجي محنت ۽ ڪاميابين جا داستان کولي ڇڏيا جن جي باري ۾ فردن فردن لکڻ جي نيت آهي. جيڪي گهڻو ڪري هيٺئين ڪلاس مان آيل آهن جيڪا ڳالهه سنڌ جي سماجي تبديليءَ ۽ ڪاميابيءَ لاءِ پائدار ۽ ڊگهي مدي واري ثابت ٿيندي. برطانيا ۾ موجود سنڌي پنھنجي سنڌ مان ايندڙ ماڻهن خاص طور تي نوجوانن جي رهنمائي ڪرڻ ۾ بلڪل نٿا ڪيٻائن، پر حقيقت ۾ ايندڙ پنھنجو رستو مشڪل هوندي به جوڙي وٺن ٿا ۽ کين ٻين جي ضرورت گهٽ پوي ٿي صرف گهر کان نڪرڻ ۽ برطانيا پھچڻ جي جستجو ۽ اڻتڻ هئڻ ضروري آهي.
برطانيا ۾ پڙهائي کان پوءِ ڪم ڪرڻ جا موقعا موجود آهن، پر انهن کي حقيقت پسند نظر سان ڏسڻ گهرجي. برطانيا جي Graduate visa تحت اهل شاگرد پڙهائي مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ڪم ڳولي يا ڪم ڪري سگهن ٿا؛ موجوده سرڪاري ڄاڻ موجب 31 ڊسمبر 2026 تائين درخواست ڏيندڙن لاءِ عام طور 2 سال، ۽ 1 جنوري 2027 کان پوءِ درخواست ڏيندڙن لاءِ 18 مھينا آهن، جڏهن ته پي ايڇ ڊي وارن لاءِ 3 سال آهن. ڊگهي عرصي لاءِ رهڻ چاهيندڙن کي اڪثر Skilled Worker visa جهڙن رستن ڏانھن وڃڻو پوندو، جنھن لاءِ نوڪري، اسپانسر، پگهار ۽ مخصوص قانوني شرطون اهم ٿين ٿيون. برطانيا جي Immigration Salary List ۾ ڪجهه شعبن ۽ نوڪرين لاءِ الڳ پگهار جا معيار به ڏنل آهن، تنھنڪري هر نوجوان کي پنھنجي فيلڊ بابت تازه سرڪاري معلومات پاڻ پڙهڻ گهرجي.
هن سڄي سفر ۾ والدين جو ڪردار انتھائي اهم آهي. اسان جا ڪيترائي والدين اولاد لاءِ محبت ته گهڻي رکن ٿا، پر ڪڏهن ڪڏهن معلومات، اعتماد ۽ تعليمي ماحول ڏيڻ ۾ پوئتي رهجي وڃن ٿا. نوجوانن کي وڏا خواب ڏيارڻ لاءِ گهر ۾ ڪتاب، سوال ڪرڻ جي آزادي، انگريزي ۽ ڪمپيوٽر سکڻ جو ماحول، ڌيئرن تي اعتماد، ۽ ناڪاميءَ کان نه ڊڄڻ جي تربيت ضروري آهي. خاص طور تي پيئرن کي گهرجي ته پنھنجي ڌيئرن ۽ پٽن کي برابر موقعا ڏين. ڌيءُ کي “پرائي امانت” سمجهڻ بدران علم، صلاحيت ۽ قيادت جو مرڪز سمجهڻ گهرجي.
سنڌ کان ناٽنگهم تائين جو سفر هڪ سبق ڏئي ٿو: دنيا جي يونيورسٽين جا دروازا بند ناهن؛ اسان جي تياري اڪثر اڌوري هوندي آهي. نوجوانن کي گهرجي ته هو اڄ کان ئي پنھنجي فيلڊ چونڊين، سٺا نمبر کڻن، IELTS يا انگريزي مھارت بھتر ڪن، ريسرچ ۽ لکڻ جي عادت وجهن، يونيورسٽين جون ويب سائيٽون پاڻ پڙهن، اسڪالرشپن جون آخري تاريخون نوٽ ڪن، ۽ ڪنهن به ايجنٽ تي انڌو ڀروسو نه ڪن. مدد وٺڻ غلط ناهي، پر پنھنجي مستقبل جو مالڪ پاڻ ٿيڻ ضروري آهي.
انوشا جو سفر اهو ٻڌائي ٿو ته سنڌي نوجوان عالمي معيار جي يونيورسٽيءَ تائين پھچي سگهي ٿو، اسڪالرشپ وٺي سگهي ٿو، اڪيلو آن لائين عمل سمجهي سگهي ٿو، ۽ برطانيا جھڙي ملڪ ۾ پاڻ لاءِ علم ۽ روزگار جا رستا ڳولي سگهي ٿو. پر ان لاءِ خواب سان گڏ نظم، محنت سان گڏ ڄاڻ، ۽ جذبي سان گڏ صبر گهرجي.
سنڌ جي نوجوانن کي هاڻي صرف نوڪري ڳولڻ واري سوچ مان نڪرڻو پوندو؛ کين اهڙن شعبن ڏانهن وڃڻو پوندو جتي ايندڙ ڏهن سالن جي دنيا کي ماهرن جي ضرورت هوندي. صحت، ڊيٽا، ٽيڪنالاجي، ماحول، توانائي، تحقيق ۽ سماجي ترقي ـ اهي ئي اهي ميدان آهن جتي سنڌي نوجوان پاڻ کي تيار ڪري نه رڳو پنھنجي زندگي بدلائي سگهي ٿو، پر پنھنجي سماج لاءِ به روشني آڻي سگهي ٿو.
