Homeادبٻوليبیٺڪي ذهن جي آزادي:نگوگي وا ٿيونگو جو فڪر ۽ پاڪستان ۾ ٻولین...

بیٺڪي ذهن جي آزادي:نگوگي وا ٿيونگو جو فڪر ۽ پاڪستان ۾ ٻولین جي صورتحال جو تقابلي جائزو

ڪينيا جي عظيم اديب، مفڪر ۽ بیٺڪي نظام جي سخت مخالف دانشور نگوگي وا ٿيونگو، جيڪو مئي 2025ع ۾ 87 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، دنيا کي اهو سمجهائڻ وارن اهم ترين مفڪرن مان ھڪ هو ته ٻولي رڳو رابطي جو وسيلو نه، پر نوآبادياتي/ بیٺڪي ۽ مابعد نوآبادياتي/ بیٺڪي اقتدار جو هڪ انتھائي طاقتور اوزار پڻ آهي. پنھنجي جڳ مشھور ڪتاب “ڊي ڪالونائزنگ دي مائنڊ” ۾ هن بنھہ سڌو سنئون پر مضبوط دليل ڏئي سمجهايو تہ زمينن تي قبضي لاءِ بندوق جي گولي استعمال ڪئي وئي، ۽ انسان جي ذهن تي دائمي حڪمراني اسڪولن ۽ درسگاهن وسيلي قائم ڪئي وئي.
نگوگي جي نظر ۾ بیٺڪي حڪمرانن طرفان سندن ٻولي مڙهڻ رڳو تدريسي پاليسي نه هئي، پر اهو هڪ اهڙو “ثقافتي بم” هو، جنھن جو مقصد ماڻهن کي سندن پنھنجي نالن، پنھنجي ماحول، پنھنجي تاريخ، پنھنجين گڏيل يادگيرين ۽ پنھنجين تخليقي صلاحيتن کان بيزار ۽ شرمسار بڻائڻ هو.
نگوگي چوي ٿو تہ هر ٻولي صرف ڳالهائڻ جو ذريعو نه هوندي آهي، پر اها پنھنجي اندر هڪ پوري تھذيب، تاريخ ۽ اجتماعي شعور کي محفوظ رکندي آهي. ڪنھن به ٻوليءَ ۾ رڳو لفظ نه هوندا آهن، پر صدين جو موسمي ۽ ماحولياتي علم، تجرباتي ۽ مشاھدي واري سائنس، لوڪ روايتون، اجتماعي يادگيريون، سماجي قدر، مزاح، دانائي ۽ دنيا کي سمجهڻ جا منفرد طريقا پڻ سمايل هوندا آهن. جڏهن ڪنھن قوم جي ٻوليءَ کي تعليم مان ٻاھر ڪيو وڃي ٿو، تنھن سان رڳو لفظن جو ذخيرو ختم نٿو ٿئي، پر حقيقت کي ڏسڻ، سمجهڻ ۽ بيان ڪرڻ جو هڪ مڪمل فڪري نظام به آهستي آهستي پوئتي پوڻ لڳي ٿو.
جيڪڏهن نگوگي جي هن فڪري فريم ورڪ/ گهاڙيٽي کي عام طور تي ننڊي کنڊ ۽ خاص طور تي پاڪستان تي لاڳو ڪري ڏٺو وڃي، ته اھا ڳالهه سامھون ایندي ته ملڪ اڄ به ٻولين واري اھڙي پاليسي یا لساني درجي بنديءَ واري نظام تحت ھلي رھیو آهي، جيڪو بیٺڪي دور ( انگریز جي حڪومت) کان ورثي ۾ مليو هو. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته آزاديءَ کان پوءِ هن جوڙجڪ کي ڊاهڻ بدران گهڻين اهم ڳالهين ۾ ان کي برقرار رکيو ويو آهي.
نگوگي بيان ڪري ٿو ته 1952ع واري ايمرجنسي کان پوءِ ڪينيا ۾ برطانوي بیٺڪي تعليمي نظام اسڪولن اندر گڪويو (Gĩkũyũ) ٻولي ڳالهائڻ کي عملي طور ڏوهه بڻائي ڇڏيو هو. جيڪي ٻار پنھنجي مادري ٻولي ڳالهائيندي پڪڙبا هئا، تن کي سڀني جي سامهون ذليل ڪيو ويندو هو. ڪيترن جي ڳچين ۾ ڌاتوءَ جون پٽيون لڙڪايون وينديون هيون، جن تي لکيل هوندو هو: “مان بيوقوف آهيان.”
انگريزيءَ کي ئي ذهانت، علم، ترقي ۽ سماجي حيثيت جو واحد معيار بڻايو ويو. نتيجي طور، گهر جي ٻولي ۽ تعليم جي ٻوليءَ جي وچ ۾ هڪ اهڙي اُونهي وٿي پيدا ٿي، جنھن کي نگوگي “بیٺڪي اڪیلائي یا ویڳاڻپ” (Colonial Alienation) جو نالو ڏئي ٿو. اهڙيءَ حالت ۾ ٻار ھوري ھوري پنھنجي ٻولي، پنھنجي ثقافت ۽ پنھنجي سڃاڻپ کان شرم محسوس ڪرڻ لڳن ٿا.

Sarangaa بیٺڪي ذهن جي آزادي:نگوگي وا ٿيونگو جو فڪر ۽ پاڪستان ۾ ٻولین جي صورتحال جو تقابلي جائزو

پاڪستان پنھنجي مخصوص تاريخي ۽ سياسي حالتن سان، گهڻي حد تائين انهن ئي رستن تي هليو آھي. 1835ع ۾ ٿامس بيبنگٽن ميڪالي پنھنجي مشھور Minute on Indian Education ذريعي اهڙو تعليمي نظام تجويز ڪيو، جنھن جو مقصد انگريزي پڙهيل اهڙي مقامي اشرافيا پيدا ڪرڻ هو، جيڪا بیٺڪي حڪمرانن ۽ مقامي ماڻهن جي وچ ۾ وچولي ۽ انگریز بھادر جو وفادار محڪوم ۽ نوڪر جو ڪردار ادا ڪري سگهي.
1947ع ۾ آزادي حاصل ٿيڻ کان پوءِ به پاڪستان جي حڪمران طبقن انهيءَ ڍانچي کي ڀليءَ ڀت برقرار رکيو. اعليٰ سول سروس، فوج، عدليا ۽ ڪارپوريٽ دنيا ۾ انگريزي اقتدار، اختيار ۽ سھولتن ۽ سرڪار وٽان ملندڙ فائدن جي ٻولي بڻيل رهي ۽ اڄ تائین آھي. مختلف حڪومتون، ڪڏهن قومي ٻڌيءَ جي نالي تي اردو کي هٿي ڏينديون رهيون، ته ڪڏهن عالمي مقابلي جي نالي تي انگريزيءَ کي وڌيڪ مضبوط ڪنديون رهيون. پر ٻنهي پاليسين ۾ هڪ ڳالهه بنھ ساڳي ھئي: ملڪ جي اڪثريت جي مادري ۽ علائقائي ٻولين کي ابتدائي تعليم جو بنياد ڪڏهن به نه بڻايو وڃي!
پاڪستان ۾ ان پاليسيءَ جو نتيجو هڪ گھري طبقائي تعليمي نظام جي صورت ۾ نڪتو. اشرافیا جا نجي تعليمي ادارا انگريزي ميڊيم ۽ ڪيمبرج نصاب ذريعي پنھنجي شاگردن کي اعلي عھدن ۽ عالمي منڊيءَ لاءِ تيار ڪن ٿا. سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم جو بنيادي ذريعو اردو آهي ( سواءِ سنڌ جي سنڌي سرڪاري اسڪولن جي)، جڏهن ته سماج جي سڀ کان وڌيڪ معاشي طور پٺتي پيل طبقي جا ٻار اهڙن مدرسن ۾ تعليم حاصل ڪن ٿا، جتي گهڻو زور عربي جي روايتي ۽ حفظ تي ٻڌل تعليم تي ڏنو وڃي ٿو۔ اهڙيءَ ريت ٻولي، تعليم ۽ طبقاتي حيثيت پاڻ ۾ ايترو ته ڳنڍجي ويا آهن، جو تعليمي نظام سماجي برابريءَ جو ذريعو بڻجڻ بدران سماجي ویڇي کي وڌيڪ مضبوط ڪري ٿو.
2016ع ۾ پاڪستان جي هڪ مشھور نجي تعليمي اداري پنھنجي اسڪولن جي اندر پنجابي ڳالهائڻ تي باقاعدي پابندي لڳائي ۽ ان کي “نامناسب” يا “غليظ ٻولي” قرار ڏنو. اهو واقعو رڳو هڪ اسڪول جي پاليسي نه هو، پر ان ذهنيت جي عڪاسي هو، جيڪا پنھنجي ئي مادري ٻولين کي گهٽ درجي جو سمجهي ٿي. شھري علائقن ۾ رهندڙ ڪيترائي پنجابي ڳالهائيندڙ خاندان پنھنجن ٻارن سان پنجابي ڳالهائڻ کان ڪیٻائیندا آھن، سنڌین یا ٻین ٻولي ڳالهائڻ وارن ۾ پڻ اھڙا حال ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ڇاڪاڻ تہ سندن ذهنن ۾ اهو احساس ويھي ويو آهي ته مادري ٻولي تعليمي ۽ سماجي ترقيءَ ۾ رڪاوٽ بڻجي سگهي ٿي.
نگوگي وا ٿيونگو جو فڪر رڳو تعليم تائين محدود نہ ٿو رھي، پر هن اهو پڻ ڏيکاريو آھي ته بیٺڪي حڪمرانن مقامي ثقافتي جڳھين کي ڪيئن تباهه ڪيو. روايتي ميلا، لوڪ ناٽڪ، اجتماعي ثقافتي سرگرميون ۽ عوامي فن، جيڪي ماڻهن جي گڏيل سڃاڻپ جا مرڪز هئا، آهستي آهستي ختم ڪيا ويا يا سخت سرڪاري نگرانيءَ هيٺ آندا ويا. ثقافت کي عوام کان ڌار ڪري بند هالن، وڏین عمارتن ( جیڪي غریبن کي پري کان ئي خوف ۾ وجهن ٿیون) اشرافيا جي ادارن ۽ بیٺڪي ذوق رکندڙ حلقن تائين محدود ڪيو ويو. اسان وٽ جیم خانا، ڪلبون، وڏن شھرن جون وڏن ماڻهن جي ھٿ آیل آرٽ ڪائونسلون، ۽ اھڙا ٻیا دالان حقیقي ثقافت ۽ فن کان پرڀرا ٿیل نظر اچن ٿا
1976ع ۾ جڏهن نگوگي ڪاميرئٿو ڪميونٽي ايجوڪيشن اينڊ ڪلچرل سينٽر وسيلي عام ماڻهن لاءِ ثقافتي جڳھه ٻيھر آباد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هارين، مزدورن ۽ ڳوٺاڻن سان گڏجي گڪويو ٻوليءَ ۾ مشھور ناٽڪ “نگاهيڪا نديئندا” پيش ڪيو، ته ڪينيا جي حڪومت ان کي رڳو هڪ ثقافتي سرگرمي نه، پر سياسي خطرو سمجهيو. نتيجي ۾ ناٽڪ تي پابندي لڳائي وئي، نگوگي کي بنا مقدمي جيل موڪليو ويو ۽ سندس تخلیق ڪیل اهو کليل عوامي ٿيئٽر / ناٽڪ گهر به ڊاهي پٽ ڪيو ويو.
پاڪستان جي تاريخ به اهڙن تجربن کان خالي ناهي. 1947ع کان پوءِ، جڏهن ملڪ جي اڌ کان وڌيڪ آبادي بنگالي ڳالهائيندڙ هئي، تڏهن اردو کي واحد قومي ٻولي قرار ڏيڻ جي پاليسي اختيار ڪئي وئي. ان فيصلي بنگال ۾ شديد بيچيني پيدا ڪئي، جيڪا اڳتي هلي ٻوليءَ جي تحريڪ ۾ تبديل ٿي وئي. حقیقت ۾ پاڪستان جي اڌ کي جدا ٿیڻ جو ٻج پوکیو ویو۔ 21 فيبروري 1952ع تي ڍاڪا ۾ شاگردن ۽ نوجوانن تي گوليون هلايون ويون، جن مان ڪيترائي شھيد ٿيا. انهن جي قرباني رڳو هڪ ٻوليءَ جي تحفظ لاءِ نه هئي، پر اها پنھنجي سڃاڻپ، ثقافت ۽ سياسي حقن جي جدوجھد پڻ هئي. آخرڪار 1971ع ۾ اوڀر پاڪستان جي جدائي جو اسان کي سور سھڻو پیو.
سنڌ ۾ به 1972ع ۾ جڏهن سنڌي ٻوليءَ کي ٻيھر صوبي جي سرڪاري ٻوليءَ جو درجو ڏنو ويو، تڏهن ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت ڪيترن ئي شھرن ۾ سخت ٻولي وار فساد ڀڙڪايا ویا. اهي واقعا ان حقيقت ڏانھن اشارو ڪن ٿا ته پاڪستان جي رياست گهڻ ٻولي واري سماج لاءِ اهڙو منصفاڻو ۽ سڀني کي شامل ڪندڙ عوامي نظام جوڙي نه سگهي، جتي مختلف ٻولين کي برابريءَ جو احترام حاصل هجي. ان ڪري ٻولي، جيڪا مختلف قومن ۽ ثقافتن کي پاڻ ۾ ويجهو آڻڻ جو ذريعو ٿي سگهي ٿي، وري وري سياسي تڪرار، نسلي ڇڪتاڻ ۽ سماجي ویڇن جو سبب بڻجندي رهي آهي۔
نگوگي وا ٿيونگو جو خيال هو ته آزاديءَ کان پوءِ به آفريڪا جي ڪيترن ئي سياسي طور باشعور اديبن اهڙو ادب تخليق ڪيو، جنھن کي هن “افرو-يورپي ادب” سڏيو. اهو ادب جيتوڻيڪ آفريڪي سماج بابت هو، پر يورپي ٻولين ۾ لکيل هجڻ سبب عام ماڻهن، خاص ڪري هارين ۽ پورهيتن جي ٻولي ۽ دنيا کان پري رهندو هو. 1978ع ۾ جيل ڪاٽيندي نگوگي پنھنجو پھريون وڏو ناول گڪويو ٻوليءَ ۾ لکڻ شروع ڪیو. جيل ۾ ڪاغذ نه هجڻ ڪري هن بيت الخلا جي ڪاغذ يا ( ٽوئلیٽ پیپر) تي ناول جا ابتدائي خاڪا لکيا. هن شعوري طور اهڙي عام ۽ لوڪ ادب وارو اسلوب ڪتب آندو، جيڪو زباني روايتن، لوڪ ڪھاڻين ۽ عام پڙهندڙ جي ذهني دنيا سان ويجهو هوَ۔
پاڪستان ۾ انگريزي ادب بيشڪ عالمي سطح تي پنھنجي سڃاڻپ قائم ڪئي آهي، پر اهو به گهڻي حد تائين ساڳين گهاڙيٽن واري پِیٽن ۽ پٽن جي اندر ڪم ڪري ٿو. بپسي سڌوا ۽ محسن حامد جھڙا ليکڪ انگريزي وسيلي عالمي پڙهندڙن تائين پھچن ٿا، جڏهن ته پنجابي، سنڌي، پشتو ۽ بلوچي ٻولين جون شاهوڪار ادبي روايتون اڃا تائين محدود ادارتي سھڪار جون محتاج آهن. ڪيترين حالتن ۾ انهن کي زنده فڪري سرمايو سمجهڻ بدران رڳو علائقائي لوڪ ادب سمجهيو وڃي ٿو، جڏهن ته اهي ٻوليون به جديد سماجي، سياسي ۽ فڪري سوالن تي ايتري ئي گھرائيءَ سان ڳالهائي سگهن ٿيون.
پاڪستان جي آئين ۾ اهڙيون شقون موجود آهن، جيڪي ٻولین لاءِ منصفاڻو نظام قائم ڪرڻ لاءِ بنياد فراهم ڪن ٿيون، پر انهن تي مڪمل ۽ برجستو عمل اڃا تائين نه ٿي سگهيو آهي. آئين جو آرٽيڪل 251 اردو کي قومي ٻولي قرار ڏئي ٿو ۽ سرڪاري معاملن ۾ ان جي استعمال لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪري ٿو، جڏهن ته عبوري طور انگريزيءَ جي استعمال جي به اجازت ڏئي ٿو. ٻئي طرف آرٽيڪل 28 هر شھريءٓ کي پنھنجي ٻولي، صورتخطي ۽ ثقافت جي حفاظت ۽ واڌاري جو حق ڏئي ٿو. ان کان سواءِ ارڙهين آئيني ترميم کان پوءِ تعليم جو کاتو صوبن ڏانھن اچي چڪو آهي، جنھن سان مادري ٻوليءَ تي ٻڌل تعليمي پاليسين لاءِ آئيني رستا پيدا ٿيا آهن. پھریون دفعو پنجاب صوبو حڪومتي سطح تي پنجابي ٻوليءَ جي واڌ ويجهه لاءِ اھم قدم کڻي رھیو آھي۔
جیڪڏھن ھڪ وسیع ڪئنواس تي ڏسون تہ عملي طور بیٺڪي نظام جو حڪمراني ٻولي وارو ھٿیار اڄ بہ ھلي رھیو آھي. اقتدار، حڪمراني، اعليٰ آفيسرشاھي، اعليٰ عدالتن، يونيورسٽين ۽ ڪاروباري دنيا ۾ اڄ به انگريزيءَ کي حقيقي ۽ چٽي بالادستي حاصل آهي، جڏهن ته علائقائي ٻوليون اڪثر ڪري ٽئین درجي واري حيثيت ۾ ڏٺیون وڃن ٿیون.
عالمي تحقيق ۽ سائنس پڻ ابتدائي تعليم لاءِ مادري ٻوليءَ جي اهميت کي ڀرپور اجاگر ڪري ٿي. يونيسڪو، عالمي بئنڪ ۽ يونيسيف جي ڪيترين ئي تحقيقن مان ثابت ٿيو آهي ته جيڪي ٻار تعليم جي شروعات پنھنجي مادري ٻوليءَ ۾ ڪن ٿا، انهن جي ذهني واڌ ويجهه، سمجهه، سکيا جي رفتار ۽ ڊگهي مدي واري تعليمي ڪاميابي انهن ٻارن جي ڀيٽ ۾ بھتر هوندي آهي، جن کي شروعات کان ئي ڪنھن پرڏيھي ٻوليءَ ۾ پڙهايو وڃي.
پاڪستان جي نامياري ماهرن، جھڙوڪ ڊاڪٽر طارق رحمان ۽ اياز علي ڪاظمي، پڻ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان اهو دليل پيش ڪيو آهي ته ملڪ ۾ انگريزي ۽ اردو تي ٻڌل موجوده ٻولین واري ورهاست قومي ٻڌي ۽ ایڪي پيدا ڪرڻ بدران تعليم ۾ هڪ نئين قسم جي طبقاتي وڏاءٓ کي جنم ڏنو آهي. تنھن ڪري، جيڪڏهن پاڪستان واقعي هڪ منصفاڻو ۽ جمهوري لساني نظام قائم ڪرڻ چاهي ٿو ته ٽي بنيادي تبديليون ضروري آهن:
پھريون، پرائمري تعليم ان ٻوليءَ ۾ هئڻ گهرجي، جيڪا ٻار پنھنجي گهر ۾ ڳالهائي ٿو، جیڪا سندس ماءُ ٻولي آھي!
ٻيو، علائقائي ٻولين کي رڳو اسڪولن تائين محدود نه رکيو وڃي، پر کين صوبائي انتظاميا، مقامي عدالتن، بلدياتي ادارن ۽ علائقائي معاشي سرگرمين ۾ به حقيقي قانوني ۽ انتظامي حيثيت ڏني وڃي. جيڪڏهن حڪمراني ۽ اقتدار جا دروازا صرف انگريزي يا ڪنھن حد تائين اردو لاءِ ئي کليل رهندا، ته مادري ٻوليءَ ۾ تعليم ماڻهن کي مڪمل طور بااختيار بڻائي نه سگهندي.
ٽيون، انگريزيءَ کي هر ٻار لاءِ اعليٰ معيار واري واڌو ٻوليءَ طور پڙهايو وڃي، پر ان کي اشرافيا جي امتيازي سڃاڻپ بنائڻ بدران علم، تحقيق، روزگار ۽ عالمي رابطن تائين سڀني لاءِ برابر رسائي جو ذريعو بڻايو وڃي.
نگوگي وا ٿيونگو ٻڌایو ھو تہ ڪنھن قوم جي پنھنجي ٻولي ۽ ثقافتي سرمايي جي ڄاڻي واڻي بي قدري، ۽ ان جي نتيجي ۾ پنھنجي ئي سماج، تاريخ ۽ ثقافت کان پيدا ٿيندڙ ویڳڻائپ جھڙن اُونهن زخمن جو ٻڌایو. مٿي ڏنل تجويزون حقیقت ۾ ان گھرن زخمن جو علاج آهن.
پاڪستان جو آزاديءَ کان پوءِ وارو تجربو پڌرو ڪري ٿو ته اقتدار جي ٻولي طور انگريزيءَ کي برقرار رکڻ سان سماجي انصاف تي ٻڌل ترقي حاصل نه ٿي سگهي آهي، ۽ نه ئي وري اردوءَ کي مٿان کان مڙهڻ سان مستقل قومي ٻڌي پيدا ٿي سگهي آهي. ٻنهي طريقن، مختلف صورتن ۾، بیٺڪي دور جي انهن امتيازي ڍانچن کي ئي نئين شڪل ۾ جاري رکيو آهي، جيڪي ماڻهن کي ٻوليءَ جي بنياد تي ورهائيندا رهيا آهن.
نگوگي جي نظر ۾ ذهن جي حقيقي آزادي سياسي آزاديءَ جي اعلانن يا ڪنھن هڪ قومي ٻوليءَ جي سرڪاري حيثيت سان حاصل نٿي ٿئي. اها تڏهن ممڪن بڻجي ٿي، جڏهن ڪو سماج اھا صلاحيت ماڻي، جنھن سان پنھنجن ماڻهن جي ٻولين ۾ سوچي، سکي، تحقيق ڪري، ادب تخليق ڪري،علم پيدا ڪري ۽ پنھنجا گڏیل معامرا نبیري.
اڄ به اهي ٻار، جن کي پنھنجي مادري ٻولي ڳالهائڻ تي شرم محسوس ڪرڻ سيکاريو وڃي ٿو؛ اهي برادريون، جن کي پنھنجي ئي ٻوليءَ ۾ سرڪاري وقار ۽ سڃاڻپ نصيب ناهي؛ ۽ اهي ليکڪ، جيڪي پنھنجي ثقافتي بنیادن سان ڳانڍاپو ۽ عالمي سڃاڻپ جي وچ ۾ چونڊ ڪرڻ تي مجبور آهن؛ اهي سڀ اڃا تائين انهيءَ وقت لاءِ واجهائي رھیا آهن، جڏهن ذهني آزاديءَ جو اهو خواب حقيقت جو روپ ڌاریندو.
(هن مضمون جي تياري لاءِ نگوگي وا ٿيونگو جي ڪتاب Decolonising the Mind ، پاڪستان جي ٻوليءَ واري تاريخ، آئيني شقن، 2023ع جي مردم شماري، ۽ بنگالي ٻوليءَ جي تحريڪ بابت مستند تاريخي ۽ علمي ماخذن مان مدد ورتي وئي آهي. مادري ٻوليءَ ۾ تعليم جي اهميت بابت دليلن جي تائيد لاءِ يونيسڪو (UNESCO)، ورلڊ بئنڪ (World Bank) ۽ يونيسيف (UNICEF) جي تحقيقي رپورٽن کان پڻ فائدو ورتو ويو آهي، جڏهن ته پاڪستان جي ٻولين بابت پاليسي ۽ تعليمي نظام جي تجزيي لاءِ ڊاڪٽر طارق رحمان ۽ اياز علي ڪاظمي جي علمي تحقيق پڻ بنيادي ماخذ طور استعمال ڪئي وئي آهي.)

1 COMMENT

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا