اسان وٽ هر وڏي سانحي کان پوءِ هڪ اهڙو منظر ورجائجي ٿو، جيڪو هاڻي ڄڻ ته قومي عادت بڻجي ويو آهي. ماڻهو ڏک جو اظھار ڪن ٿا، ميڊيا ڪجهه ڏينھن تائين بحث ڪري ٿي، حڪومت جا ذميوار افسوس جو اظھار ڪن ٿا، جاچ ڪاميٽي جو اعلان ٿئي ٿو، ڪجهه ننڍن عملدارن کي معطل ڪيو وڃي ٿو، متاثر خاندانن لاءِ معاوضي جو اعلان ٿئي ٿو ۽ پوءِ آهستي آهستي هر شيءِ معمول تي موٽي اچي ٿي. ائين لڳي ٿو ڄڻ سانحو نه، پر رڳو خبر ختم ٿي آهي. ڪجهه مھينن يا سالن کان پوءِ وري ساڳئي نوعيت جو ٻيو سانحو سامهون اچي ٿو ۽ اسان وري ساڳئي رستي تي هلي پئون ٿا.
شايد اصل سانحو اهو ناهي، جيڪو هڪ ڏينھن پيش اچي ٿو؛ اصل سانحو اهو آهي ته اسان ان مان ڪجهه به نٿا سکون.
جون 2015ع ۾، جڏهن ٽنڊو محمد خان ضلعي جي هڪ سرڪاري پرائمري اسڪول جي ڀت ڪرڻ سبب هڪ اٺن ورهين جو ٻار فوت ٿيو هو، تڏهن مون انگريزي اخبار ڊيلي ايڪسپريس ٽربيون ۾ “ڪرملنگ اسڪولز آف ٿاٽ” جي عنوان سان ڪالم لکيو هو. لڳ ڀڳ ڏهه سال پوءِ، سنڌ جي مختلف اسڪولن ۾ ڇتين ڪرڻ ۽ عمارتن جي زبون حاليءَ بابت مون وري انگريزي اخبار دي نيوز ۾ “بلڊنگ بلوز” جي عنوان سان لکيو. مون کي اميد هئي ته شايد اهي سانحا اسان جي حڪمرانيءَ جي انداز کي بدلائيندا ۽ وري مون کي ساڳئي موضوع تي قلم کڻڻ جي ضرورت نه پوندي.
پر افسوس، اڄ وري ساڳيو سوال منھنجي سامهون بيٺو آهي.

هن ڀيري عمرڪوٽ ۾ هڪ سرڪاري اسڪول جي ڀت ڪرڻ سبب ٽي معصوم نياڻيون حياتي وڃائي ويٺيون، جيڪي رڳو اسڪول ڀرسان لنگهي رهيون هيون. ساڳئي ڏينھن لاهور ۾ هڪ نجي ٽيوشن سينٽر جي ڇت ڪرڻ سبب چوڏهن شاگرد اجل جو شڪار بڻجي ويا.
واقعا ٻه هئا، صوبا ٻه هئا، ادارا به الڳ هئا، پر ٻنهي سانحن جو اصل سبب ساڳيو هو.
اسان اڪثر اهڙن واقعن کي ڪنھن هڪ ٺيڪيدار، ڪنھن هڪ انجنيئر، ڪنھن هڪ هيڊ ماستر يا ڪنھن هڪ کاتي جي نااهليءَ تائين محدود ڪري ڇڏيندا آهيون. حقيقت ان کان گهڻي وڏي آهي. ڀت هڪ ڏينھن ۾ نٿي ڪري، ڇت به اوچتو نٿي وهي پوي. انهن جي ڪرڻ کان گهڻو اڳ سار سنڀال بند ٿي ويندي آهي،عمارتن جو حال ڏسڻ ڇڏي ڏيندا آهيون، خبردارين کي نظرانداز ڪيو ويندو آهي ۽ ذميواري سڀني جي هئڻ باوجود عملي طور ڪنھن جي به نه رهندي آهي.
جڏهن ڀت ڪري ٿي ته دراصل رڳو ملبو نٿو ڪري؛ ان کان گهڻو اڳ حڪمرانيءَ جو اهو تصور ڪري چڪو هوندو آهي، جيڪو خطري کي پيش اچڻ کان اڳ روڪڻ جي صلاحيت رکندو آهي.
اسان وٽ حڪمراني اڪثر سانحي کان پوءِ شروع ٿئي ٿي، جڏهن ته سٺي حڪمراني اها هوندي آهي، جيڪا سانحي کي جنم وٺڻ ئي نه ڏئي.
اسان جي بحثن ۾ اڪثر چيو ويندو آهي ته لکين ٻار غربت، ٻارڙن جي مزدوري يا والدين جي بي ڌيانيءَ سبب اسڪولن کان ٻاهر آهن. اهي سبب پنھنجي جاءِ تي درست آهن، پر هڪ سوال اسان پاڻ کان گهٽ ئي پڇندا آهيون: ڇا رياست پاڻ والدين جو اعتماد حاصل ڪري سگهي آهي؟ والدين لاءِ پھريون سوال اهو ناهي ته اسڪول جو نصاب ڪيترو سٺو آهي؛ سندن پھريون سوال اهو هوندو آهي ته ڇا منھنجو ٻار شام جو سلامت گهر موٽي ايندو؟
انهيءَ سوال جو جواب رڳو عمرڪوٽ يا لاهور نه، پر سنڌ جا هزارين اسڪول ڏين ٿا، جتي اڄ به ڪيترائي اسڪول ٻوڏ جي تباهين جا نشان کڻي بيٺا آهن، ڪيترن وٽ بجلي ناهي، پيئڻ جو صاف پاڻي موجود ناهي، ڇوڪرين لاءِ باوقار واش روم ناهن، ۽ اها صورتحال رڳو پٺتي پيل ڳوٺن تائين محدود ناهي؛ ڪيترن شھري علائقن جا سرڪاري اسڪول به بنيادي سھولتن کان محروم آهن.
انهن ٻنهي سانحن کان ڪجهه ڏينھن اڳ هڪ ٻي خبر به سامهون آئي، جيڪا خوشيءَ جو باعث هئي. حيدرآباد جي هڪ سرڪاري نياڻين جي اسڪول عالمي سطح تي ورلڊز بيسٽ اسڪول پرائيز جي آخري ڏهن اسڪولن ۾ جاءِ ماڻي. بيشڪ اها سڄي سنڌ لاءِ فخر جي ڳالهه آهي. ان اسڪول جي هيڊ مسٽريس، استادن، شاگردياڻين ۽ مقامي برادريءَ کي جس هجي، جن محدود وسيلن هوندي به اهڙو مثال قائم ڪيو.
پر هتي هڪ بنيادي فرق سمجهڻ ضروري آهي.
سٺي حڪمرانيءَ جو معيار انفرادي مثالن سان نه، پر پوري نظام سان ماپيو ويندو آهي. جيڪڏهن چاليھه هزارن جي لڳ ڀڳ سرڪاري اسڪولن مان هڪ يا ٻه اسڪول عالمي سطح تي مڃتا ماڻين ٿا ته اها يقينن خوشيءَ جي ڳالهه آهي، پر ان مان اهو نتيجو ڪڍڻ درست نه ٿيندو ته سمورو تعليمي نظام به ساڳئي معيار تي بيٺل آهي. اصل ڪاميابي تڏهن چئبي، جڏهن ڪنھن به ڳوٺ يا شھر جي ٻار لاءِ محفوظ عمارت، پيئڻ جو صاف پاڻي، بجلي، ڇوڪرين لاءِ واش روم، تربيت يافته استاد ۽ سکڻ لاءِ سازگار ماحول هڪ استثنا نه، پر عام حقيقت بڻجي وڃي.
حقيقت اها آهي ته رياست جي واکاڻ رڳو وڏيون عمارتون اڏڻ يا نيون اسڪيمون شروع ڪرڻ سان ظاهر نٿي ٿئي. رياست جو اصل چھرو ان مان ظاهر ٿيندو آهي ته اها روزمره جي زندگيءَ ۾ عام شھري کي ڪيتري عزت، تحفظ ۽ سھولت فراهم ڪري ٿي. جڏهن هڪ اسڪول جي ڀت سالن تائين مرمت جي انتظار ۾ بيٺي هجي، جڏهن ٻوڏ کان پوءِ به هزارين اسڪول مڪمل بحال نه ٿيا هجن، جڏهن ڇوڪريون اڃا تائين بنيادي سھولتن کان سواءِ تعليم وٺڻ تي مجبور هجن، تڏهن مسئلو رڳو وسيلن جي کوٽ جو نه، پر ترجيحن جو به هوندو آهي.
حڪمراني صرف پاليسين سان بھتر نٿي ٿئي؛ اها ماڻهن سان بھتر ٿئي ٿي. جڏهن صحيح ماڻهو صحيح جاءِ تي ويھندا آهن، جڏهن ايمانداري، قابليت ۽ ضابطن تي عمل ڪرڻ کي اهميت ڏني ويندي آهي، تڏهن ادارا مضبوط ٿيندا آهن. پر جڏهن ميرٽ جي جاءِ سفارش، سياسي وفاداري يا ذاتي مفادن کي ملي وڃي ۽ اصولن تي بيھندڙ ماڻهو غير پسنديده بڻجي وڃن، تڏهن ادارا آهستي آهستي اندر ئي اندر ڪمزور ٿيڻ لڳندا آهن. اهڙي ڪمزوريءَ جو اظھار ڪنھن تقرير ۾ نه، پر ڪريل ڀتين، وهي ويل ڇتين ۽ بيگناهه زندگين جي نقصان جي صورت ۾ ٿيندو آهي.
اڄ سنڌ ۾ سرڪاري ۽ ترقياتي ڀائيوارن جي سھڪار سان هزارين نوان اسڪول تعمير يا بحال ٿي رهيا آهن. اها خوش آئند ڳالهه آهي، پر ساڳئي وقت هڪ وڏو امتحان به آهي. انهن عمارتن جي معيار جي آزاد، فني ۽ غيرجانبدار جاچ ٿيڻ گهرجي، جيئن اهي گهٽ ۾ گهٽ انهن اسڪولن جي معيار تائين ضرور پھچن، جيڪي اڳ بين الاقوامي سھڪار سان تعمير ٿيا هئا. اسان کي رڳو وڌيڪ اسڪول نه، پر وڌيڪ محفوظ ۽ پائيدار اسڪول گهرجن.
منھنجي خيال ۾ پاڪستان جو اصل مسئلو قانونن جي کوٽ نه آهي، جاچ ڪاميٽين جي کوٽ به نه آهي. اصل کوٽ اهڙي رياست جي آهي، جيڪا پنھنجين غلطين مان سکندي هجي. دنيا جون ڪامياب رياستون هر سانحي کي هڪ سبق سمجهن ٿيون؛ هو رڳو ذميوار ڳولهي فائيل بند نٿيون ڪن، پر سڄي نظام کي بدلائڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون، ته جيئن ساڳيو سانحو ٻيھر نه ورجائجي. جيڪڏهن عمرڪوٽ ۾ اسڪول جي ڀت ڪري ٿي ته ان کان پوءِ رڳو عمرڪوٽ نه، پر سنڌ ۽ پاڪستان جي هر ضلعي ۾ اهڙين عمارتن جي جاچ ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن لاهور ۾ هڪ نجي ٽيوشن سينٽر جي ڇت ڊهي پوي ٿي ته پوءِ سڀني صوبن کي پنھنجن خانگي تعليمي ادارن جي حفاظت بابت فوري جائزو وٺڻ گهرجي. ان کي ئي اڳواٽ سوچيندڙ حڪمراني چئبو آهي.
يارهه سال اڳ مون “ڪرملنگ اسڪولز آف ٿاٽ” لکيو هو. گذريل سال “بلڊنگ بلوز” لکيو. مننجي خواهش هئي ته ٽيون ڪالم لکڻ جي ضرورت ئي نه پوي.
پر اڄ به مان ساڳيو سوال ورجائي رهيو آهيان:
اسان سانحن مان ڇو نٿا سکون؟
جيستائين رڳو متاثر خاندان سبق سکندا رهندا ۽ رياست نه سکندي، تيستائين ايندڙ سانحو قسمت جو لکيو نه هوندو؛ اهو اسان جي اجتماعي ناڪام حڪمرانيءَ جو نتيجو هوندو.

تمام بهترين ۽ وقتائتي ونڊ آهي سائين