سج لھي رهيو هو ۽ هن جون اکيون ٻري رهيون هيون. وات ۾ مين پڙي هيس. هن هڪڙي ڳاڙهي ٿُڪ زمين ڏي اڇلائي. مون کي لڳو، هن اها ٿُڪ هن سماج جي مُنھن ۾ ڀري هنئين هجي.
پڇانس، ان کان اڳ چيائين:
“مُجيري رات هڪڙي مردود جي ور چڙهي هيس. هو ته بابي کان به وڏو، پر نڀاڳي الائي ڪھڙا ڪيپسول کاڌا هئا. جسم جو سٓنڌ سٓنڌ ٽوڙي ڇڏيو اٿس.”
سندس ڳالهين جو زهر نٓسن ۾ لھندي ڀانيو هيم.
معمول جيئن جهنگ ڏانھن ويندي، اڄ به ملي وئي هئي.
چيم:
” نڀاڳي ڪاڪوس ته ٺھراءِ. روز کٓلجين ٿي. ڪا ته سھولت ڪر پاڻ لاءِ.”
هڪڙي ڪٺل مرڪ چپن جي لام تي ڦلارجي پئي هيس. سُڏڪو روڪي ڀُڻڪي پئي هئي:
“راما پير هنن ڪامريٽن کي بڇرو ڪري. هارپو ڪري عزت سان ويٺا هئاسون. ابي کي ٽٍيڪرون ڏيئي ڪئمپ ڪرايئون. زمين سان رشتو ٽٽي ويو. ڀاءُ ۽ ابو سڀ واندا ٿي ويا. اسين هاري ماڻهو جن جو ڌرتيءَ سان سنڱ اهو جو ٽٽو ته ٻيو ڪم ڪٿان ملي. بکن گهر ۾ گهوڙا اچي وڌا. پھرين امان ۽ پوءِ وڏي ڀيڻ هن دوزخ جي وٓر چڙهيون. ابي ٺري ۾ پناه ورتي. ڀاءُ به ان ڀيڙو شروع ٿي ويو. ٻنهي اکيون پوري ڇڏيون. غيرت جا اوٺا تار لوڙها. بک جي وائر اڏائي وئي. ڪامريٽن جي ٿُڪ مٺي ٿي ۽ اسان جون حياتيون زهر ٿي ويون.”
پير جي آڱوٺي سان زمين تي ليڪا ڪڍندي، هن جي چھري تي سندس مري ويل خوابن جو تڏو وڇائجي ويو هو.
هو اڌ ڀريل اکين ۽ سڄي ڀريل آواز سان ڄڻ تہ سُورن جي ڌڻ کي پھرائي رواني ٿي هئي.
“مون کي پھريون دفعو ڀاءُ هڪڙي ٿلهي ۽ نشي ۾ ڌت ڀائي وٽ وٺي ويو هو. تڏهن مون ڳوٺ جي ٻارن سان اِٽي راند پئي رمي. رڳو منھن ڌئاري ڪمري ۾ واڙيو ويو هو ۽ ادا ٻاهر ويھي پوڙي پي رهيو هو ۽ منھنجو ننڍڙو جسم سُور جي آوي ٿي پيو هو. مون ايتريون رڙيون ڪيون هيون جو نڙي سُڪي وئي هئي، پر هن ڀائي تي ڪو اثر ڪونه ٿيو هو. هو ته وصولي ڪري رهيو هو ۽ وصولي ڪرڻ وارا رعايت شايد ڪونه ڪندا آهن. وڏي اسُر جو جڏهن ڀاءُ مون کي اتان وٺي نڪتو هو ته آئون اسڪوٽر تي ويھي ڪونه ٿي سگهيس ۽ پوءِ مھيني تائين ان ماڻهوءَ جي ڪوٺيءَ تي ان جهنم ۾ ٻرندي رهيس. ڀاءُ کي پسئا ۽ شراب ملندو هو ۽ آئون ٻُوٽي ٻُوٽي ٿيندي هيس ۽ پوءِ ان کان پوءِ ٻيو، ٽيون، چوٿون ۽ هاڻ ته لکڻ ليکو ناه ڪو…
هنن اٺن سالن ۾ سُوئرن جي ڌڻ سان جهيڙيندي، سڄي جُهري پئي آهيان. روح ايترو اڊڙيو آهي جو هاڻ ته چٓتي لڳڻ جي جاءِ به ناهي.”
هوءَ وسي رهي هئي ۽ آئون ٻري رهيو هوس. هن جي ڳالهين جي سٓنهڙي رستي تان سڄي دراوڙ نسل جو درد مسافري ڪري رهيو هو.
صبح جو اٿيس ته سندس ڪاري سائي وگهي پيٽ سڄيل ماءُ رڙيون ڪندي جهنگ ڏانهن ڀڳي وئي پئي، جتي هوءَ جهنگ جي ان ڪنڊي ۾ لڙڪي رهي هئي جتي ڪڏهن سڱر پٽيندي، هوءَ مور ٻچن جيئن ڦانگون وجهندي هئي.
ماڻهو مٿس حرام ٿي مرڻ جون فتوائون ڏيئي رهيا هئا ۽ مون کي لڳي رهيو هو ته هوءَ سُوئرن جي ديس ۾ ڪنھن حلال هرڻي جيئن هئي.
