حيدر جو آواز سڻندڙ سنڌ جو آئيندو ميرپورخاص وارن جي ننھن ۽ سيوهاڻي سرڪار جي “سسٽم” خلاف حيدرآباد جي ٿڌي سڙڪ تي ويٺل آھي. ھيءُ احتجاج رڳو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ميرٽ دشمن امتحاني نتيجن خلاف ناھي، پر ھي احتجاج پنھنجن پٽن، ڌيئرن، ڀائيٽن، ڀاڻيجن ۽ ٻين ويجهن عزيزن کي 16ھين ۽ 17 گريڊ جون نوڪريون “ادي” جي منظوريءَ سان “پارٽي ۽ فيملي سيٽون” چئي ڏياريندڙ سنڌ ڪابينا جي ميمبرن ۽ چونڊيل نمائندن خلاف بہ آھي. ھيءُ احتجاج انهن سڀني جي خلاف آھي، جيڪي حاجي صاحب ۽ اديءَ جي منظوري ۽ مرضيءَ سان ھلندڙ “منظم سسٽم” جا حصيدار آھن. “ادي” رڌڻ واري آھي ۽ “ادا” کائڻ وارا آھن.
جهڏي واري لالڻ سائين جون بد دعائون ڪميشن ۽ ڪرپشن سسٽم ھلائيندڙن کي لوڙھين يا نه، پر حيدر بخش جتوئي، فيض، جالب ۽ اياز جا گيت ڳائيندي ۽ رقص ڪندي احتجاج رڪارڊ ڪرائيندڙ سنڌ جي ڳاڙھن ڳڀروئن جي مزاحمت کين سک سان ويھڻ نه ڏيندي.
ميرٽ جي لتاڙ، پنھنجا نوازي ۽ ڪروڙن جي اگهه تي نوڪريون کپائيندڙن جو ھيءُ سسٽم اجهو ڪي اجهو ڊھڻ تي آھي. اھو يقين احتجاج ۾ شامل ھر نوجوان کي آھي. تڏھن ته ھو ايڏي اعتماد سان نعرا هڻندي ٻڌجن ٿا: “ھو نيٺ ته توکي چاھيندا” “ھم نھين مانتي، ايسي دستور ڪو” “
جيئي سنڌ، جيئي سنڌ جام محبت پيئي سنڌ” “اھو جام مينا ٻه ٽي ڏينھن آھي مگر پوءِ ڀي ڇا ڇا ٻه ٽي ڏينھن آھي”…..
فيلڊ مارشل کي تاحيات قبولي ويٺل موجوده حڪمران سمجهن ٿا ته ھاڻي ھي به شايد تاحيات اسيمبلين ۽ وزارتن ۾ رھندا، ۽ ڇو ته تاحيات کين لھر لوڏو نه آهي، ان ڪري سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جھڙن ادارن کي وڏيرڪي انداز ۾ پيا ھلائيندا. پر نوجوانن جي مستقل مزاجي اھو ثابت ڪيو آهي ته اھو سندن وھم آھي. سنڌ اسيمبليءَ جا ميمبر ادي سسٽم وسيلي اسسٽنٽ ڪمشنر، مختيارڪار ۽ ڊي ايس پي جون سيٽون وٺڻ بعد ھاڻ ته پنھنجي نااهل اولاد لاءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ايجنٽن ۽ ميمبرن کان به پئسن تي نوڪريون خريد ڪن ٿا، جو ڪروڙ کان ساڍن ٽن ڪروڙن ۾ سندن جڏي ڪٽنب مان ڪو نه ڪو ھمراھ اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ڊي ايس پي ٿيو وڃي، جيڪو سودو ھنن لاءِ ڪو گهڻو مھانگو نه آهي.
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن خلاف اٿيل ھن نئين لھر بابت تاثر اھو ھيو تہ شايد ھي احتجاج به ڪجهه ڏينھن کان پوءِ ٿڌو ٿي، ختم ٿي ويندو. پر ايئن ناھي ٿيو ۽ اھا لھر ھوريان ھوريان ھڪ سگهاري تحريڪ جو روپ ڌاري رھي آھي. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي مرڪزي آفيس ٻاھران رڳو حيدرآباد جا ئي نه پر قمبر شھدادڪوٽ، لاڙڪاڻي، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، حيدرآباد جا ئي نوجوان به ويٺل آھن. اھي ايترا ڏينھن ويھڻ باوجود ٿڪا ناھن. احتجاجي ڪئمپ تي نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون جيئن پر امن احتجاج رڪارڊ ڪرائي رھيا آھن، ڪتاب پڙھي رھيا آھن، گيت ڳائي رھيا آھن، رقص ڪري رھيا آھن، اھا ئي محبت ۽ جذبي ڀري مزاحمت سندن مثبت روپ ۽ اصل سگهه آھي. لائبريريون ڇڏي ھو جيئن ناانصافيءَ ۽ ميرٽ جي لتاڙ خلاف اچي روڊ تي ويٺا آھن، سا ڪا عام ڳالهه نه آهي. انھن جي ڪاوڙ، غصو ۽ نفرت ٻڌائي پئي ته سنڌ بدلجي پئي. پر جي سنڌ حڪومت ۽ ان جي حڪمران جماعت اڃا به اکين تي ٻڌل پٽيون نه لاٿيون ته جھڙيءَ ريت حڪمران جماعت جو نوجوان قائد پنجاب ۾ پيپلز پارٽي ۽ جيالا پيو ڳولي، ڪٿي ائين نه ٿئي ته ايندڙ ڏھن سالن دوران ھن کي سنڌ اندر به پيپلز پارٽي ۽ جيالا ايئن سرچ لائٽ کڻي تلاشڻا پون.
ڪتابن سان دوستي ڪرڻ وارا نوجوان پبلو نرودا ۽ اياز جي شعرن جي سگهه ۽ ھمت سان ويٺا آھن، انھن جا سينا مزاحمتي ادب سان سرشار آھن.
ڪميشن ۽ ڪرپشن ڪلچر جي چمتڪار سان طبقو مٽائيندڙ ڪامورا نوجوانن جي ھن احتجاج تي چٿرون پيا ڪن، پر کين ياد رکڻ گهرجي ته توھان جي سسٽم جو دور ماضيءَ جو قصو ٿي ويندو ۽ تخليقي صلاحيتن سان ڀرپور احتجاج ڪندڙ نوجوان تازي ھوا جي جهوٽي جھڙو زمانو پنھنجي تحريڪ ۽ ثابت قدميءَ سان کڻي ايندا.
جيڪڏھن ھن تحريڪ کي بنگلاديشي نوجوانن جي تحريڪ ۽ ڪاڪروچ جنتا پارٽي وانگي ڪا مستقل صورت ملي ته لڳي ٿو ھي ويھن کان ٽيھن سالن جي عمر وارا آزاد روح ملڪ ۾ ايندڙ حڪومتن ۽ حاڪمن بابت بہ فيصلا ڪرڻ جي اھل بڻجي ويندا.
