Homeسنڌنئون نسلجنريشن زي جي بيانيي ۾ چڙ ۽ ڪاوڙ ڇو آھي؟

جنريشن زي جي بيانيي ۾ چڙ ۽ ڪاوڙ ڇو آھي؟

جنريشن زي (Gen Z)، جنھن ۾ عام طور تي 1990ع واري ڏهاڪي جي آخري سالن کان وٺي 2010ع تائین پيدا ٿيل نوجوان شامل آهن، تنھن بابت هڪ عام تاثر اهو ڏنو ويندو آهي ته هيءَ ٽھي نازڪ مزاج، ذهني دٻاءَ هيٺ رهندڙ، گهٽ ڌيان ڏيندڙ، سخت محنت کان ڪيٻائيندڙ ۽ سياسي طور غير سنجيده آهي. پر سوال اهو آهي ته ڇا واقعي مسئلو هن ٽھيءَ ۾ آهي يا ان دنيا ۾ جنھن ۾ هيءَ ٽھي جوان ٿي آهي؟ حقيقت اها آهي ته جن خامين کي اڪثر جنريشن زي جي ڪمزوري سمجهيو وڃي ٿو، اهي گهڻي ڀاڱي انهن غيرمعمولي معاشي، سماجي، ماحولياتي ۽ سياسي حالتن جو ردعمل آهن، جيڪي هن ٽھيءَ کي ورثي ۾ مليون آهن. تنھن ڪري اصل سوال نوجوانن جي ڪردار بابت نه، پر انهن نظامن بابت هجڻ گهرجي، جن ۾ اهي پلجي وڏا ٿيا آهن.
ڪجهہ ماڻهن لاءِ جوڙيل معيشت
جنريشن زي جي زندگيءَ جو سڀ کان اهم پس منظر هڪ اهڙو معاشي نظام آهي، جنھن ۾ دولت ۽ طاقت ٻنهي جو ٿورڙن ماڻهن وٽ گڏ ٿیڻ، ڪیپیٽلسٽ جي شاھوڪاريءٓ ۾ تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي. عالمي انگن اکرن موجب دنيا جي امير ترين هڪ سيڪڙو ماڻهن وٽ هاڻي هيٺئين 95 سيڪڙو انسانن جي گڏيل دولت کان به وڌيڪ ملڪيت موجود آهي. 2025ع تائين عالمي دولت 600 ٽريلين ڊالرن تائين پھچي وئي، پر ان واڌاري جو وڏو حصو نئين پيداوار يا حقيقي معاشي سرگرمين بدران اثاثن/ وسیلن جي قيمتن ۾ واڌ سبب پيدا ٿيو. نتيجي طور جن وٽ اڳ ئي زمينون، شيئر، ڪاروبار يا ٻيا وسیلا موجود هئا، انهن وٽ دولت جا ڍیر ٿیندا ویا، جڏهن ته باقي آباديءَ لاءِ معاشي ویڇو وڌندو ويو.

Sarangaa جنريشن زي جي بيانيي ۾ چڙ ۽ ڪاوڙ ڇو آھي؟

هيءَ نابرابري رڳو دولت تائين محدود ناهي؛ اها سياسي ۽ ادارتي طاقت ۾ به تبديل ٿي وڃي ٿي. دنيا جي پنجاهه وڏين ڪارپوريشنن مان ٽئين حصي کان وڌيڪ تي سڌي يا اڻ سڌيءَ طرح ارب پتين جو اثر آهي. اھي حڪومتن جوڙڻ کان وٺي، پالیسین تائین اثرانداز ٿین ٿا؛ اهڙيءَ صورتحال ۾ ٽيڪسن، قرضن، واپاري ضابطن ۽ عالمي ادارن جي وھنوار تي به انهن جو اثر رسوخ وڌي وڃي ٿو. نتيجي طور نوجوانن ۾ اهو احساس وڌڻ لڳو آھي ته معاشي راند جا اصول سڀني لاءِ هڪجھڙا ناهن.
نوجوانن لاءِ هيءَ ورڇ صرف طبقاتي نه پر نسلي ۽ ٽھي کان ٽھيءَ تائین ھلندڙ پڻ آهي. آمريڪا ۾ بيبي بومرز جي سراسري خالص ماليت اٽڪل 288 هزار ڊالر ( في سال) ٻڌائي وڃي ٿي، جڏهن ته نوجوانن وٽ اها صرف لڳ ڀڳ 14 هزار ڊالر آهي. ياد رهي ته ‘بيبي بومرز’ مان مراد اها ٽھي آهي جيڪا ٻي مھاڀاري جنگ جي خاتمي کانپوءِ، يعني عام طور تي 1946 کان 1964 جي وچ ڌاري پيدا ٿي، انهن ڏھاڪن ۾ دنيا ۾ پيدائش جي شرح ۾ اوچتو وڏو واڌارو ڏٺو ويو هو. هيءَ ٽھي هاڻوڪي معاشي نظام ۾ سڀ کان وڌيڪ بیٺل ۽ محفوظ پوزيشن ۾ آهي ۽ دنيا جي وڏي حصي جي ریئل اسٽيٽ ۽ مالي وسیلن تي ان جو قبضو آهي.
اھو منطق عجیب آھي تہ جنريشن زي ڪم ڪرڻ نٿي چاهي يا گهٽ محنتي آهي؛ حقيقت ۾ اھا هڪ اهڙي معاشي راند ۾ شامل ٿي آهي، جنھن جا بھترين موقعا ۽ گهڻا وسيلا اڳ ۾ ئي ٻين جي قبضي ۾ آهن. پنھنجي ڇت، پنھنجو گهر ھنن لاءِ اھڙین حالتن ۾ اڻپوري ٿیندڙ خواب جیان آھي.
جيئري رهڻ جي وڌندڙ قيمت
معاشي اڻبرابريءٓ جو سڀ کان نمايان اثر زندگيءَ گهارڻ جي وڌندڙ قيمت جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿو. جیئڻ ڪارڻ جیڏیون، مون وڏا وس ڪیام واري ڪیفیت مان گذرڻو پوي ٿو۔ خاص طور تي رهائش جو بحران نوجوانن لاءِ هڪ وڏي آزمائش بڻجي چڪو آهي. 2026ع جي هڪ سروي موجب جنريشن زي جي 67 سيڪڙو ماڻهن کي رهائش جا خرچ پورا ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي. هيءَ شرح ٻين سڀني ٽھين کان وڌيڪ آهي. اڄ صورتحال اها آهي ته جنريشن زي مان صرف 27 سيڪڙو ماڻهن وٽ پنھنجو گهر آهي، جڏهن ته بيبي بومرز ۾ اها شرح 70 سيڪڙو کان مٿي آهي. 2015ع کان 2024ع جي وچ ۾ آمريڪا ۾ گهرن جي قيمتن ۾ اٽڪل 50 سيڪڙو واڌ ٿي، جڏهن ته نوجوانن جي پگهارن ۾ رڳو 15 سيڪڙو اضافو ٿيو. ساڳئي وقت تعليمي قرضن جو ٻوجهه به مسلسل وڌيو آهي. اهڙيءَ صورتحال ۾ جيڪڏهن نوجوان شادي، گهر خريد ڪرڻ يا خاندان جوڙڻ جھڙن فيصلن ۾ دير ڪن ٿا ته ان کي ناپختگي نه پر معاشي حقيقتن جي عڪاسي سمجهڻ گهرجي. منزلون ساڳيون آهن، پر انهن تائين پھچڻ جو سفر گهڻو مھانگو ٿي ويو آهي.
ماحولياتي ٿڪ ۽ بيوسي
جنريشن زي پھرين اهڙي ٽھي آهي جنھن پنھنجي سڄي شعوري زندگي موسمياتي تبديليءَ جي خطري هيٺ گذاري آهي. هنن لاءِ موسمياتي بحران ڪو مستقبل جو امڪاني خطرو نه، پر موجوده حقيقت آهي. عالمي سروي ظاهر ڪن ٿيون ته 62 سيڪڙو نوجوان موسمياتي تبديليءَ بابت ڳڻتيءَ جو اظھار ڪن ٿا، جڏهن ته 45 سيڪڙو جو چوڻ آهي ته اها سندن روزمره زندگيءَ تي سڌو اثر وجهي ٿي. پر ان کان به وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته هاڻي انهن نوجوانن ۾ بي وسيءَ جو احساس وڌي رهيو آهي. 2020ع ۾ 33 سيڪڙو نوجوانن جو خيال هو ته انفرادي ڪوششن سان ڪو وڏو فرق نٿو پوي؛ 2024ع تائين اهو انگ وڌي 42 سيڪڙو ٿي ويو. هي لاتعلقي نه پر نااميدي آهي. جڏهن ڪو نوجوان ڏسي ٿو ته دنيا جي امير ترين 0.1 سيڪڙو ماڻهن مان هڪ فرد ساليانو اٽڪل 298 ٽن ڪاربن خارج ڪري ٿو، جڏهن ته دنيا جي غريب اڌ آباديءَ مان هڪ فرد جو حصو صرف 0.8 ٽن آهي، ته پوءِ ماحولياتي انصاف بابت سوال اٿارڻ فطري ڳالهه آهي.
نوان جنگ جا ميدان
اڄ جي دنيا ۾ تڪرار صرف بارود ۽ بمباري تائين محدود ناهن رهيا. معاشي پاليسيون، وسيلن جي ورڇ، ڄاڻ تي ڪنٽرول ۽ عوامي ادارن جي ڪمزوري به طاقت جي جدوجھد جا نوان ميدان بڻجي چڪا آهن. انڊونيشيا، نيپال ۽ ٻين ملڪن ۾ نوجوانن جا احتجاج رڳو ڪرپشن خلاف نه، پر انهن پاليسين خلاف آهن، جيڪي نابرابريءٓ کي ٻيھر پيدا ڪن ٿيون. ساڳئي وقت ڄاڻ پڻ هڪ نئين جنگي ميدان جي حيثيت اختيار ڪري وئي آهي. جتي شھري شعور ۽ سياسي تعليم ڪمزور هوندي آهي، اتي نوجوانن کي حقيقتن کي سمجهڻ بدران جذباتي نعريبازي ۽ مصنوعي تڪرارن ۾ مصروف رکڻ آسان ٿي ويندو آهي. اهڙي ماحول ۾ سچ ۽ ڪوڙ جي وچ ۾ فرق ڪرڻ پاڻ هڪ سياسي جدوجھد بڻجي وڃي ٿو.
سياسي لاتعلقي يا سياسي بي اعتمادي؟
جنريشن زي تي سياسي لاتعلقيءٓ جو الزام عام آهي، پر حقيقت ان کان گهڻي مختلف آهي. تحقيق ظاهر ڪري ٿي ته نوجوانن جو وڏو حصو سياسي طور سرگرم، شھري شعور رکندڙ ۽ جمهوري قدرن سان وابسته آهي. مسئلو لاتعلقيءٓ جو نه، پر بي اعتماديءَ جو آهي. هيءَ ٽھي اهڙي دور ۾ جوان ٿي آهي جتي سياسي ادارا معاشي نابرابري، ڪوڙي جمهوريت، موسمياتي بحران ۽ وڌندڙ مھانگائيءٓ جھڙن مسئلن جو اثرائتو حل پيش ڪرڻ ۾ ناڪام نظر اچن ٿا. نتيجي طور ڪيترا ئي نوجوان روايتي سياسي نظامن کان مايوس آهن. سندن اها مايوسي بي رخي نه آهي، هو جمهوريت کان منھن نٿا موڙين، پر موجوده سياسي ڪارڪردگيءَ کان مطمعن به ناهن.
تنقيد کان اڳ فھم
جنريشن زي بابت ڪيل گهڻيون تنقيدون ان وقت ڪمزور نظر اچن ٿيون، جڏهن انهن کي هن ٽھيءَ جي حقيقي حالتن جي پس منظر ۾ ڏٺو وڃي. جنھن کي پريشاني چيو وڃي ٿو، اهو گهڻو ڪري حقيقي خطرن جو صحيح ادراڪ آهي. جنھن کي لاتعلقي سڏيو وڃي ٿو، اها ڪيترين حالتن ۾ ناڪام ادارن خلاف بي اعتماديءَ جو اظھار آهي. جنھن کي حق جتائڻ سمجهيو وڃي ٿو، اهو دراصل معاشي ناانصافيءَ خلاف ردعمل آهي.
جنريشن زي کي هڪ اهڙي دنيا ورثي ۾ ملي آهي جيڪا اڳين ٽھين کي مليل دنيا جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اڻبرابر، وڌيڪ مھانگي، ماحولياتي لحاظ کان وڌيڪ غير محفوظ ۽ سياسي طور وڌيڪ غير يقينيءٓ واري آهي. ان ڪري هن ٽھيءَ کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته اسان سندن رويي بابت فيصلو ڪرڻ کان اڳ ان دنيا جو جائزو وٺون، جيڪا کين ورثي ۾ ملي آهي. ۽ ٻیو تہ اسان ڪیر ٿیندا آھیون فیصلو ڪرڻ وارا؟! سمجهڻ گهرجي ڪنھن به ٽھيءَ کي انهن بحرانن جي بنياد تي نٿو پرکي سگهجي، جن جي تخليق ۾ ان جو ڪو ڪردار ئي نه رهيو هجي! ایئن پرک ڪري اسان استعماري ڪیپیٽلسٽ لڏي جا ساٿاري تہ نہ ٿي رھیا آھیون؟!

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا