نون انتظامي يونٽن جي نالي جاري منصوبي ۾ سنڌ کي ورهائڻ جو سوچيندڙ پنڊي جا اسٽريٽجڪ پلانر ملڪي آئين جي ڇھين باب تي نظر رکيو ويٺا آهن. هو امڪاني سھارو وٺندا آرٽيڪل 239 جو، سندن اڳين وک لاءِ پنجوڙ بڻيل آهي ساڳئي آرٽيڪل جي شق نمبر چار، جنھن کي ڌر ڌڻي تبديل ڪرڻ ٿا چاهين. پنجوڙ ۾ واضح لکيل آهي ته، آئين ۾ ترميم بابت اهڙو بل جنھن سان ڪنھن صوبي جون حدون تبديل ٿيڻيون هجن، اهو بل صدرِ مملڪت وٽ منظوري لاءِ ان وقت تائين پيش نه ڪيو ويندو، جيستائين اهو بل لاڳاپيل صوبي جي صوبائي اسيمبليءَ طرفان ان جي ڪل ميمبرن جي ٻـ ڀاڱي ٽي واري اڪثريت سان منظور نه ڪيو وڃي.
آئين جو مقدس ڪتاب پنھنجي اکرن جي روح سان چوي ٿو:
(A Bill to amend the Constitution which would have the effect of altering the limits of a Province shall not be presented to the President for assent unless it has been passed by the Provincial Assembly of that Province by the votes of not less than two-thirds of its total membership.)
ڦير ڦار جي نيت سان جن کي آئين جي ويجهو وڃڻ کان سختي سان منع آهي، اهي سنڌ ورهائڻ لاءِ ”آئيني اسڪيم“ جو سھارو وٺڻ جا جتن ڪري رهيا آهن. پنھنجو گهر فتح ڪرڻ جي تاريخ رکندڙ عادي پيشـ ورن آئين کي رديءَ جو ٽڪرو پئي سڏيو آهي. آيل پلان ۾ چيو پيو وڃي ته وفاقي پارليامينٽ ۾ نونين، انصافين ۽ ايم ڪيو ايم جو ووٽ وٺي آئينِ پاڪستان ۾ ترميم ڪري صوبن جي حدن ۾ تبديلي واري پنجوڙ ٽوڙي ويندي يعني آرٽيڪل 239 جي شق نمبر چار ۾ ترميم ڪري، صوبائي اسيمبلي مان بل منظور ڪرائڻ واري شرط کي ختم ڪيو ويندو.
سنڌ اسيمبلي سنڌ جي وحدت ۽ سنڌ جي جاگرافيائي حدن جي تحفظ لاءِ پاڪستان جي قيام بعد ايستائين 9 قراردادون پيش ڪري چڪي آهي. سنڌي ماڻهن جي ووٽ سان قائم سنڌ اسيمبليءَ جي قراردادن کي جيڪڏهن نونين، انصافين ۽ ايم ڪيو ايم جي مدد وٺي پنڊي اورانگهيو ته سنڌ جا ماڻهو ڪنھن به ريت اها زبردستي قبول نه ڪندا. سنڌ اسيمبلي ٽي سيپٽمبر 2026ع تي يڪراءِ اهو فيصلو ٻڌائي چڪي آهي، سنڌ جا اديب، شاعر، دانشور ۽ فنڪار اهو ساڳيو فيصلو دهرائيندا آيا آهن.
سنڌ مان تحريڪ انصاف کي ويجهو ويٺلن ۽ نون ليگ ۾ ويٺلن کي هاڻي تحريڪ انصاف ۽ نون ليگ کي سنڌ جي وطني وحدت بابت واضح ۽ چٽو ٿيڻ لاءِ چوڻو پوندو. تحريڪ انصاف سنڌ اسيمبليءَ ۾ پيش ٿيل قرارداد دوران پنھنجو ووٽ سنڌ جي حق ۾ نه ڏنو، جنھن بعد اها مشڪوڪ ٿي وئي آهي. نون ليگ کي واضح ٿيڻو آهي. ملڪ اندر وفاقي حڪومت نون ليگ جي آهي. کيئل داس ڪوهستاني کان وٺي شاهه محمد شاهه ۽ شاهه محمد شاهه کان وٺي بشير ميمڻ تائين سڀني کي نون ليگ جي قيادت سان سنڌ جي وحدت واري هن اھم مسئلي تي ڳالهائي ڳالهه چٽي ڪرائڻ گهرجي. جيڪڏهن نون ليگ، ايم ڪيو ايم ۽ تحريڪ انصاف جي مدد وٺي قومي اسيمبليءَ ۽ سينيٽ ۾ بل آڻي صوبائي حدن ۾ ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ جي زبردستي ڪئي وئي ته نون ليگ ۽ تحريڪ انصاف ۾ ويٺلن ۽ انهن جي اتحادين لاءِ سنڌ ۾ سياست جو سفر تمام ٿي ويندو.
هن گهڙي پيپلز پارٽي عوامي دٻاءُ بعد سنڌ جي وحدت بابت صفا کلي سنڌ جي وحدت جي پاسي ٿي بيٺي آهي، جيڪڏهن قومي اسيمبليءَ ۽ سينيٽ ۾ اهڙو تڪراري بل آندو ويو ته اهو بل سنڌ ۾ نه رڳو تحريڪ انصاف کي مڪمل اجنبي بنائي ڇڏيندو، پر جيڪي قومپرست ۽ کاٻيءٓ ڌر جون جماعتون هن گهڙي تحريڪ انصاف جون همدرد ۽ اتحادي آهن، انهن جو سياسي چھرو به واضح ٿي سامهون اچي ويندو.
هن وقت سنڌ جا ماڻهو ان ڳالهه جو حق رکن ٿا ته تحريڪ انصاف سان گوڏو گڏي ويٺلن کان پڇن ته تحريڪ انصاف سنڌ اسيمبليءَ جي 3 سيپٽمبر واري سنڌ جي وحدت متعلق قرارداد ۾ سنڌ کي ووٽ ڇو نه ڏنو؟ تحريڪ انصاف، ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي ووٽ جي وقت تي يڪراءِ ٿيو وڃن. سنڌ جي وحدت جي معاملي تي جيڪڏهن تحريڪ انصاف پارلياماني فورمن تي سنڌ جي وحدت جي حق ۾ ووٽ نٿي ڏئي، پنھنجي راءِ نٿي ظاهر ڪري ته پڪ سمجهبو ته اها پنڊي جي اسٽريٽيجڪ ماهرن سان گڏجي وئي آهي. عمران خان جو نالو وٺڻ ۽ هن جو فوٽو هلائڻ جي ٽي وي چئنلن ۽ اخبارن کي جيڪا موڪل ملي آهي، خيبر پختون خواه جي وزير اعليٰ آفريدي کي جيڪو سنڌ جو دورو ڪرڻ جي ڇوٽ ملي آهي، ان کي ڪجهه تجزئي نگار پيپلز پارٽي جي سنڌ جي وحدت بابت موقف جو ردعمل چئي رهيا آهن.
پيپلز پارٽي جي قرارداد ۽ سنڌ اسيمبليءَ ۾ بحث مبحاثي کان پوءِ پنڊي وارن اسلام آباد کي ماڊل صوبو بنائڻ وارو پلان بي ظاهر ڪيو آهي، جنھن اهو واضح ڪري ڇڏيو آهي ته پاڻي، معدني وسيلن ۽ ناڻي جي ورهاست تي ئي اصل واڳ ڌڻين جي نظر آهي. صوبن ۽ وفاق وچ ۾ پاڻي، ناڻي ۽ معدني وسيلن جي ورڇ جيڪا طئـ ٿيل آهي، ان کي پنڊي تبديل ڪرڻ ٿي گهري. پاڻي ۽ ناڻي جي ورهاست جو موجوده فارمولو، ارڙهين آئيني ترميم اصل واڳ ڌڻين جي راھ جي رنڊڪ آھي، ان ۾ ردوبدل ڪرڻ ۽ ترميمون ڪرڻ لاءِ پنڊي جا پلانر پنھنجا فارمولا ۽ منصوبا سامهون آڻين پيا. اهڙن منصوبن تي عملدرآمد لاءِ سندن پيدا ڪيل سياسي پارٽيون، پيدا ڪيل ٽي وي اينڪر، تجزيي نگار، يوٽيوبر ۽ ڪالم نگار ٿوڪ جي حساب سان دستياب آھن. اصل صاحبن جي برڪتن سان هاڻي سڄو ملڪ ملير لڳو پيو آهي، شال سنڌ کي خدا اهڙن برڪتين کان بچائي رکي.
