1947ع تائين سنڌ جي اقتصادي، علمي، ادبي، صحت جي سھولتن ۽ اڏاوتي ترقيءَ جو دارومدار گهڻي قدر سنڌي هندن تي هو. اهي وڻج واپار، شھري زندگي، تعليم، ادبي سرگرمين، ادارتي ڪم ڪار ۽ سماجي خدمتن ۾ نسبتاً وڌيڪ اڳتي هئا. شھرن ۾ سندن موجودگي، واپار ۾ مھارت، تعليم ڏانھن لاڙو، ۽ ادارن سان لاڳاپي سبب سنڌ جي گهڻن شعبن ۾ انهن جو نمايان ڪردار هو. ورهاڱي جي نتيجي ۾ جڏهن انهن مان وڏو حصو سنڌ مان لڏي ويو ته سنڌ جي شھرن، وڻج واپار، تعليمي ۽ سماجي ادارن، صحت جي سھولتن، اڏاوتي ڪم، ۽ سرڪاري ڪاروهنوار ۾ هڪ وڏو خال پيدا ٿيو.
ان خال جي نتيجي ۾ شھر، واپار، ادارتي اختيار ۽ گهڻي حد تائين سرڪاري ڪاروهنوار انهن نون آيل ماڻهن جي هٿ ۾ هليو ويو، جيڪي سنڌ، سنڌي سماج ۽ سنڌي ٻوليءَ سان دلي طور جڙڻ کان پاسيرا رهيا ۽ هيل تائين پاسيرائي آهن. اهڙيءَ طرح سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ماڻهن جي سماجي ۽ ادارتي ترقيءَ جو اهو تسلسل، جيڪو ورهاڱي کان اڳ موجود هو، اهو شديد متاثر ٿيو.
ان وقت باقي اصلوڪا سنڌي گهڻي قدر ٻھراڙين ۾ رهندڙ ۽ پوکي راهيءَ سان لاڳاپيل هئا. انهن مان اڪثريت جي زندگي زراعت، مالداري ۽ روزمره محنت سان جڙيل هئي، پر ان مان به پيٽ قوت مشڪل سان پورو ٿيندو هو. سواءِ چند وڏن زميندارن جي، جن وٽ زمين، وسيلا ۽ سماجي اثر رسوخ موجود هو، عام هاري، ننڍو آبادگار ۽ ٻھراڙيءَ جو ماڻهو معاشي طور ڏکيائين ۾ ڦاٿل هو. ان ڪري ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ماڻهو وڻج واپار، شھري ادارن، جديد تعليم ۽ معاشي موقعن ۾ وڌيڪ پٺتي رهجي ويا.

پر شل اڳئين جھان ۾ انسان دوست زرعي سائنسدان ڊاڪٽر نارمن بورلاگ کي سک ملي، جنھن جي اڳواڻيءَ ۾ 1960ع واري ڏهاڪي ۾ جيڪو نئون زرعي انقلاب، يعني Green Revolution آيو، تنھن ٻين ڪيترن علائقن وانگر سنڌ جي ٻھراڙيءَ جي ماڻهن جي به قسمت تبديل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن زرعي انقلاب جي نتيجي ۾ وڌيڪ پيداوار ڏيندڙ نيون جنسون، بھتر ٻج، ڪيميائي ڀاڻ، زرعي زهر، آبپاشيءَ جا بھتر طريقا، زرعي مشينون ۽ جديد زرعي طريقا متعارف ٿيا. انهن وسيلن جي ڪري فصلن جي پيداوار ۾ نمايان اضافو ٿيو، زرعي آمدني وڌي، ۽ ڪيترن آبادگارن کي پھريون ڀيرو معاشي سُڪون جو ساهه کڻڻ جو موقعو مليو.
انهن نين جنسن ۽ زرعي طريقن جي ڪري ڪڻڪ، چانور، ڪپھه ۽ ٻين فصلن جي پيداوار ۾ واڌ آئي. زراعت رڳو روزي روٽيءَ جو ذريعو نه رهي، پر ڪيترن خاندانن لاءِ آمدني، تعليم، سماجي اڳڀرائي ۽ شھري رابطن جو ذريعو به بڻي. سنڌي ماڻهن جي آمدنيءَ ۾ جيڪا بھتري آئي، ان جي نتيجي ۾ انهن پنھنجي اولاد کي پڙهائڻ شروع ڪيو. ٻھراڙيءَ مان ڪيترائي ٻار اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين تائين پھتا. اهڙيءَ طرح سنڌي قوم اندر هڪڙو پڙهيو لکيو، باشعور، فڪري ۽ سماجي طور سرگرم طبقو پيدا ٿيو.
ان طبقي علم، ادب، هنر، صحافت، سياست، سماجي سجاڳي ۽ سنڌ جي قومي شعور ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ شروع ڪيو. اهو طبقو اڄ تائين پنھنجي وس، حالتن ۽ صلاحيتن مطابق سنڌ جي سجاڳي، تعليم، ٻولي، ثقافت، حقن ۽ ترقيءَ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. ان ئي دور کان سنڌي ماڻهن مان ڪجهه قابل، محنتي ۽ پڙهيل ماڻهو دنيا جي مختلف ملڪن ڏانھن به ويا، جتي انهن تعليم، صحت، انجنيئرنگ، ڪاروبار، تحقيق، سرڪاري ۽ غيرسرڪاري نوڪرين ۽ سماجي خدمتن ۾ پنھنجو مقام ٺاهيو.
اهڙي ئي سنڌي ڊائسپورا جي هڪ جهلڪ مون تازو 25 اپريل 2026ع تي لنڊن ۾ سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا ( SANA)پاران ”انٽرنيشنل سنڌي ڊائسپورا ڪانفرنس “جي عنوان سان ڪوٺايل عالمي ڪانفرنس ۾ پنھنجي اکين سان ڏٺي. ان ڪانفرنس ۾ دنيا جي مختلف ملڪن مان سنڌي ڊاڪٽرن، انجنيئرن، واپارين، شاگردن، نوڪري پيشا ماڻهن، سماجي ڪارڪنن، تنظيمن جي نمائندن ۽ انفرادي شخصيتن شرڪت ڪئي. انهن پنھنجي پنھنجي شعبي، ملڪ ۽ وسيلن جي حوالي سان سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ ٿيندڙ ڪوششن جو ذڪر ڪيو.
ڪانفرنس ۾ اها تجويز به زيرِ غور آئي ته جيڪڏهن دنيا جي مختلف ملڪن ۾ موجود سنڌي ماڻهو الڳ الڳ ڪوششن بدران هڪ گڏيل پليٽفارم تان منظم طريقي سان ڪم ڪن ته سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کي وڌيڪ فائدو پھچي سگهي ٿو. سندن خيال هو ته دنيا ۾ جيڪي تعليم، ڪاروبار، نوڪرين، اسڪالرشپن، تحقيق، ٽيڪنالاجي، صحت، ڪاروباري نيٽ ورڪ ۽ ادارتي رابطن جا موقعا موجود آهن، تن مان سنڌي ماڻهن کي فائدو وٺڻ ۾ وڌي چڙهي مدد ڪرڻ گهرجي. ساڳئي وقت سنڌ اندر، خاص طور تي ٻھراڙين جي ترقيءَ لاءِ، وڌيڪ اثرائتو، مربوط ۽ عملي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
هن ڪانفرنس ۾ مون کي به هڪ زرعي ماهر ۽ ليکڪ جي حيثيت ۾ ٻه اکر ڳالهائڻ جو موقعو مليو. مون مٿي ڄاڻايل تاريخي، سماجي ۽ معاشي پسمنظر جي بنياد تي اها تجويز رکي ته سنڌي ماڻهن جي سجاڳي، تعليم، سماجي اڳڀرائي ۽ معاشي ترقيءَ جو بنياد وڏي حد تائين سنڌ جي زرعي شعبي جي ترقيءَ سان جڙيل آهي. جيڪڏهن زراعت ڪمزور ٿيندي ته ٻھراڙي ڪمزور ٿيندي، جيڪڏهن ٻھراڙي ڪمزور ٿيندي ته عام سنڌي خاندان جي آمدني گهٽ ٿيندي، ۽ جيڪڏهن آمدني گهٽ ٿيندي ته تعليم، صحت، هنر، ڪاروبار ۽ سماجي ترقيءَ جا موقعا به محدود ٿيندا.
بدقسمتيءَ سان سنڌ جو زرعي شعبو هن وقت دنيا جي نئين زرعي ترقي، جديد ٽيڪنالاجي، ڪاروباري سوچ، مارڪيٽ سان ڳانڍاپي، ويليو ايڊيشن، غذائي تحفظ، موسمياتي تبديليءَ سان مطابقت، پاڻيءَ جي بچت، ۽ علم تي ٻڌل زراعت جي حوالي سان تمام گهڻو پٺتي رهجي ويو آهي. روايتي طريقي سان ٿيندڙ زراعت ڪيترن هنڌن تي گهٽ منافعي بخش، بلڪ ڪٿي ڪٿي غير منافعي بخش بڻجي وئي آهي. پيداواري خرچ وڌي رهيا آهن، پاڻيءَ جي کوٽ وڌي رهي آهي، موسمياتي تبديليون فصلن تي اثرانداز ٿي رهيون آهن، مارڪيٽ غير يقيني آهي، ۽ آبادگار کي پنھنجي محنت جو مناسب اجورو نٿو ملي.
ان صورتحال جو هڪ وڏو سبب اهو به آهي ته سنڌ جي زرعي شعبي لاءِ اهڙي جديد، جامع ۽ عالمي معيارن سان هم آهنگ پاليسي ۽ عملي حڪمت عملي موجود ناهي، جيڪا موجوده دور جي ضرورتن سان مطابقت رکي. دنيا ۾ زراعت هاڻي رڳو زمين، پاڻي، ٻج ۽ محنت جو نالو نه رهي آهي، پر اها مارڪيٽ، تحقيق، ٽيڪنالاجي، ڊيٽا، مشينري، ويليو چين، پروسيسنگ، ايڪسپورٽ، موسمياتي لچڪ، غذائي معيار ۽ مقامي صنعت سان جڙيل هڪ مڪمل معاشي نظام بڻجي چڪي آهي. سنڌ کي به هاڻي زراعت کي اهڙي ئي وسيع ۽ جديد تناظر ۾ ڏسڻ جي ضرورت آهي.
روايتي، گهٽ منافعي بخش زراعت جي ڪري غربت وڌي رهي آهي. غربت جي ڪري عام سنڌي ماڻهو تعليم، صحت، هنر، ڪاروبار ۽ سماجي اڳڀرائيءَ ۾ پٺتي رهجندو پيو وڃي. ان ڪري سنڌي سماج ۾ جيڪا پھرين شعور جي ترقي ٿي هئي ۽ جنھن مان هڪڙو پڙهيو لکيو، باشعور ۽ سماجي طور سرگرم طبقو پيدا ٿيو هو، اهو سلسلو وقت سان گڏ سست رفتاري، معاشي دٻاءُ ۽ سطحپڻي جو شڪار ٿي رهيو آهي. جيڪڏهن زراعت کي جديد نه بڻايو ويو ته سنڌي سماج جي تعليمي ۽ سماجي ترقيءَ جو بنياد به ڪمزور ٿيندو ويندو.
ان ڪري مون سانا جي ڪانفرنس ۾ سانا سميت سڀني شريڪ سنڌي دوستن جي سامهون اها تجويز رکي ته سنڌ جي زراعت جي مالڪي ڪئي وڃي. سنڌ جي زراعت کي صرف آبادگارن جو مسئلو نه، پر سنڌي سماج جي بقا، تعليم، معاشي ترقي، عورتن جي بااختياري، نوجوانن جي روزگار، مقامي صنعت ۽ قومي سجاڳيءَ جو بنيادي مسئلو سمجهيو وڃي. ٻين اهم ڪمن سان گڏ سنڌي ڊائسپورا، زرعي ماهر، تعليمي ادارا، سماجي تنظيمون، ڪاروباري ماڻهو ۽ پاليسي ساز گڏجي سنڌ جي زرعي شعبي جي بھتريءَ لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي جوڙين.
ان سلسلي ۾سانا ۽ ٻين ملڪن ۾ ڪم ڪندڙ سنڌي دوستن پاران زراعت متعلق هڪ مستقل ورڪنگ گروپ جوڙڻ گهرجي. ان ورڪنگ گروپ ۾ زرعي ماهر، اقتصاديات، پاڻيءَ، مارڪيٽنگ ۽ ايڪسپورٽ جا ماهر، صحت ۽ غذائيت جا ماهر، يونيورسٽين جا استاد، آبادگار نمائندا، عورتن ۽ نوجوانن جا نمائندا، ۽ سنڌ جي ٻھراڙيءَ سان لاڳاپيل عملي تجربو رکندڙ ماڻهو شامل ٿيڻ گهرجن. هي ورڪنگ گروپ سنڌ جي زراعت بابت هڪ واضح ايجنڊا تيار ڪري، جنھن ۾ پيداواري لاڳت گهٽائڻ، پاڻيءَ جو بھتر استعمال، جديد فصلن جي چونڊ، مارڪيٽ تائين رسائي، ويليو ايڊيشن، زرعي صنعت، نامياتي ۽ غذائيت سان لاڳاپيل زراعت، عورتن جي شموليت، نوجوانن لاءِ زرعي ڪاروبار، ۽ موسمياتي تبديليءَ سان مقابلي جھڙا موضوع شامل هجن.
ان سان گڏ زراعت تي ڪم ڪندڙ عالمي ادارن۽ ٻين لاڳاپيل ادارن سان فني سھڪار لاءِ رابطا ڪيا وڃن. سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ زرعي ماهرن، يونيورسٽين، تحقيقاتي ادارن، آبادگار تنظيمن ۽ سرڪاري ادارن جي شرڪت سان هڪ عالمي يا اعليٰ سطحي ڪانفرنس ڪوٺائي وڃي، جنھن ۾ سنڌ جي زراعت کي عالمي زرعي ترقيءَ جي تناظر ۾ پرکيو وڃي. ان ڪانفرنس جو مقصد صرف تقريرون ڪرڻ نه هجي، پر سنڌ جي زراعت لاءِ هڪ عملي، مرحليوار ۽ مستقبل واري رُخ جو لائحه عمل تيار ڪرڻ هجي.
ساڳئي وقت ڪنھن عالمي يا معتبر فني اداري جي تعاون سان سنڌ جي زرعي شعبي بابت هڪ جامع جائزاتي رپورٽ تيار ڪرائي وڃي. اها رپورٽ زمين، پاڻي، فصلن، پيداوار، مارڪيٽ، لاڳت، نفعي، موسمياتي خطري، ننڍن آبادگارن، عورتن، نوجوانن، زرعي صنعت، ايڪسپورٽ، غذائي تحفظ ۽ پاليسيءَ جي کوٽ ۽ زراعت سان لاڳاپيل ادارن جي حالت بابت واضح تصوير پيش ڪري. پوءِ ان رپورٽ جي بنياد تي سنڌ سرڪار کي هڪ نئين زرعي حڪمت عملي پيش ڪئي وڃي ۽ ان تي عمل لاءِ قائل ڪيو وڃي.
اهڙي حڪمت عملي ۾ سنڌ جي زراعت کي صرف وڌيڪ پيداوار تائين محدود نه رکيو وڃي، پر ان کي وڌيڪ نفعي بخش، پائدار، غذائيت دوست، مارڪيٽ سان ڳنڍيل، پاڻي بچائيندڙ، علم تي ٻڌل ۽ ڪاروباري رخ رکندڙ بڻايو وڃي. زراعت کي مقامي صنعت، پروسيسنگ، اسٽوريج، ڪولڊ چين، پيڪنگ، برانڊنگ، ايڪسپورٽ ۽ جديد ڪاروباري ماڊلز سان ڳنڍيو وڃي. ننڍن آبادگارن ۽ هارين نارين کي رڳو پيدا ڪندڙ نه، پر زرعي ڪاروبار جو حصو بڻايو وڃي.
جيڪڏهن ائين ڪيو ويو ته سنڌ جو زرعي شعبو آهستي آهستي بھتر ٿيڻ لڳندو. زراعت جي بھتريءَ سان ٻھراڙيءَ جي آمدني وڌندي، ٻارن جي تعليم جا موقعا وڌندا، عورتن جي معاشي شموليت وڌندي، نوجوانن لاءِ روزگار ۽ ڪاروبار جا نوان رستا کُلندا، مقامي زرعي صنعت کي هٿي ملندي، صحت ۽ غذائيت ۾ بھتري ايندي، ۽ سنڌي سماج ۾ شعوري، تعليمي، معاشي ۽ سماجي ترقيءَ جو نئون دور شروع ٿي سگهي ٿو.
زراعت کي مضبوط ڪرڻ جو مطلب صرف فصل وڌائڻ نه آهي؛ ان جو مطلب آهي سنڌ جي ٻھراڙيءَ کي مضبوط ڪرڻ، هاريءَ کي عزت ڏيڻ، عورتن کي موقعا ڏيڻ، نوجوانن کي روزگار ڏيڻ، ٻارن کي تعليم ڏيڻ، مقامي صنعت کي هٿي ڏيڻ، ۽ سنڌ جي مستقبل کي مضبوط بنيادن تي بيھارڻ. سنڌ جي ترقيءَ جو رستو تعليم مان ضرور گذري ٿو، پر اها تعليم تڏهن عام ماڻهوءَ تائين پھچندي، جڏهن ٻھراڙيءَ جي معيشت مضبوط هوندي. ۽ ٻھراڙيءَ جي معيشت جو بنياد اڄ به زراعت آهي. تنھن ڪري سنڌ جي زراعت جي نئين سر مالڪي، سُڌارا، جديديت ۽ عالمي سطح جي حڪمت عملي وقت جي سڀ کان وڏي ضرورت آهي.
