Homeادبترجموڊجيٽل ھيومينٽيز: ٽيڪنالاجي ۽ تھذيب(طاھر ڪامران)

ڊجيٽل ھيومينٽيز: ٽيڪنالاجي ۽ تھذيب(طاھر ڪامران)

ڊجيٽل هيومينٽيز (Digital Humanities)(DH)اڀياس جو هڪ جديد شعبو آهي، جيڪو روايتي انساني علمن (Humanities) کي ڊجيٽل ٽيڪنالاجيءَ جي دنيا سان ڳنڍي ٿو. هيومينٽيز ۾ ادب، تاريخ، فلسفو، ٻوليون، مذهب، آرٽ، قديم آثارن جو علم، ۽ تھذيبي اڀياس جھڙا مضمون شامل آهن. اهي شعبا اسان کي انساني زندگي، خيالن ۽ آدرشن، تخليق پڻي، ۽ سماج کي سمجهڻ ۾ سھائتا ڪن ٿا. صدين تائين انهن علمن جا ماهر، گهڻي ڀاڱي ڪتابن، مسودن، آرڪائيوز، هٿ سان لکيل نوٽس ۽ مَتن جي اُونھي اڀياس تي ڀاڙيندا رهيا. ڪمپيوٽرن ۽ انٽرنيٽ جي اُڀار تحقيق جي ان عمل کي ڊرامائي انداز ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آھي. انهن ٽيڪنالاجيڪل تبديلين جي موٽ طور ڊجيٽل هيومينٽيز اُڀري، جنھن تھذيب، تاريخ ۽ انساني علم جي اڀياس لاءِ ڊجيٽل اوزارن ۽ ڪمپيوٽيشنل طريقن وسيلي نوان رستا جوڙيا.
ڊجيٽل هيومينٽيز جو مقصد روايتي علمي تحقيق جي جاءِ وٺڻ ناھي. مؤرخ اڃا به تاريخي واقعن جو مطالعو ڪن ٿا، ادبي نقاد اڃا به ناولن ۽ شاعريءَ جي تشريح ڪن ٿا، ۽ فلسفي اڃا به فڪري خيالن ۽ اخلاقيات جو جائزو وٺن ٿا. پر DH تحقيق جي امڪانن کي اڃا ڦونڊائي ٿي. اها عالمن کي ڄاڻ جي اهڙن وڏن ذخيرن تي ڪم ڪرڻ جي سگهه ڏئي ٿي، جن جو اڳوڻي نموني سان تجزيو ڪرڻ عملي طور ناممڪن هوندو. مثال طور، ٻوليءَ ۾ تبديليءَ جو مطالعو ڪرڻ لاءِ ڪجهه ناول پڙهڻ بدران، هڪ محقق هاڻي ڪمپيوٽر سافٽ ويئر ذريعي هزارين ڪتابن جو گڏيل جائزو وٺي سگهي ٿو. اهڙيءَ ريت هو صدين دوران ورجائجندڙ موضوعن، نمونن، جذباتي لھجن يا لکڻ جي انداز ۾ ٿيندڙ تبديلين کي سڃاڻي سگهي ٿو. ان لحاظ کان ڊجيٽل ٽيڪنالاجي هڪ اضافي دوربينيءَ وانگر ڪم ڪري ٿي، جنھن وسيلي انساني تھذيب کي وڌيڪ اُونهائيءَ ۽ وسعت سان ڦلهوري سگهجي ٿو.
ڊجيٽل هيومينٽيز جو هڪ اهم رُخ متن جو تجزيو (Text Analysis) ڪرڻ ھوندو آهي، جنھن کي گهڻي ڀاڱي ٽيڪسٽ مائننگ (Text Mining) يا قدرتي ٻوليءَ جي پروسيسنگ(Natural Language Processing – NLP) چيو ويندو آهي. اهي طريقا ڪمپيوٽرن کي لکتي مواد جي وڏن مجموعن جو جائزو وٺڻ ۽ لفظن، موضوعن يا جملن جي بناوٽ ۾ موجود ڍنگن (pattern ) کي سڃاڻڻ جي قابل بڻائين ٿا. مثال طور، شيڪسپيئر تي تحقيق ڪندڙ هڪ عالم سافٽ ويئر جي مدد سان سندس ڊرامن جي ٻوليءَ جو مقابلو ساڳئي دور جي ٻين اديبن سان ڪري سگهي ٿو. اهڙيءَ طرح مؤرخ مختلف ڏهاڪن جي اخبارن جو تجزيو ڪري اھو معلوم ڪري سگهن ٿا ته جنگين، انقلابن يا سماجي تحريڪن دوران عوامي راءِ ڪيئن تبديل ٿي. اهي طريقا اهڙا وڏ پيماني سوال وارڻ ممڪن بڻائين ٿا، جن جا جواب رڳو روايتي اڀياس ذريعي آسانيءَ سان حاصل نٿا ڪري سگهجن.
DH جو ٻيو اهم ڀاڱو ڊيٽا جي تصورگري (Data Visualization) آهي. ڄاڻ جا وڏا ذخيرا لکت جي صورت ۾ سمجهڻ ڏکيا هوندا آهن. ان ڪري ڊجيٽل هيومينٽيز جا ماهر ڊيٽا کي چارٽن، نقشن، گرافن، واقعن جي تاريخ وار فھرست timeline يا بين العمل بصري نماءَ ( interactive visual displays) جي شڪلين ۾ آڻيندا آهن. اهي بصري اوزار محققن ۽ عام ماڻهن، ٻنهي کي لاڳاپن ۽ رجحانن کي وڌيڪ چٽيءَ ريت ڏسڻ ۾ مدد ڪن ٿا. مثال طور، ڪو نقشو قديم واپاري رستن جي ڦھلاءَ، لڏپلاڻ دوران آباديءَ جي چُرپر يا ادبي تخليقن جي جاگرافيائي پسمنظر کي پڌرو ڪري سگهي ٿو. اهڙيءَ ريت تصور گري مجرد ڄاڻ کي، ايتري تائين جو اڻ ماھرين واسطي، وڌيڪ سمجهڻ جھڙو ۽ رسائيءَ جوڳو بنائي ٿي.
ڊجيٽل نقشگيري (Digital Mapping) ۽ جاگرافيائي معلوماتي نظام(Geographic information Systems) (GIS) پڻ هن شعبي ۾ وڏي پيماني تي استعمال ٿيندا آھن. مؤرخ ۽ قديم آثارن جا ماهر تاريخي واقعن، جنگي ماڳن، واپاري نيٽ ورڪن يا قديم آثارن جي دريافتن کي ڊجيٽل نقشن تي چٽي سگهن ٿا. ان جي ڪري عالم اھو اڀياس ڪرڻ جي اھل بنجن ٿا ته جاگرافي تاريخ ۽ تھذيب تي ڪيئن اثرانداز ٿئي ٿي. ادبي محقق ناولن جي ڪردارن جي ڪيل سفرن کي نقشن تي چٽي ڏيکاري سگهن ٿا، جڏهن ته تھذيبي مؤرخ شھرن جي ارتقا جو جائزو وٺي سگهن ٿا. اهڙو مڪاني تجزيو spatial analysis انساني سرگرمين ۽ طبعي ماڳن کي پاڻ ۾ گڏائي، ھيومينٽيز ۾ تحقيق کي ھڪ نئون رُخ عطا ڪري ٿو.
تھذيبي ورثي جو تحفظ پڻ ڊجيٽل هيومينٽيز جو هڪ بنيادي مقصد آهي. ڪيترا ئي قديم مسودا، فن پارا، آثار، ۽ تاريخي دستاويز قدامت، جنگ، موسمي تبديليءَ يا بي ڌيانيءَ سبب ٽاڪئون ٿيل ۽ فنا ٿيڻ جي جوکم ھيٺ آهن. DH جا منصوبا گهڻي ڀاڱي انهن وَٿن جون اعليٰ معيار واريون ڊجيٽل ڪاپيون تيار ڪندا آهن ته جيئن انهن کي محفوظ ڪري، عالمي سطح تي دستياب ڪري سگهجي. لائبريريون ۽ عجائب گهر هاڻي ناياب ڪتابن، تصويرن ۽ فوٽوگرافن کي ڊجيٽل شڪل ۾ محفوظ ڪري، آن لائين دستياب ڪري رهيا آهن. ڪجهه منصوبا ٿري-ڊي ماڊلنگ (3D Modeling) ۽ ورچوئل ريئلٽي (Virtual Reality) وسيلي پراچين عمارتن، قديم آثارن جي ماڳن يا تباهه ٿيل تھذيبي وٿن جي ٻيھر اڏاوت به ڪن ٿا. اهڙيءَ ريت نه رڳو تھذيبي ورثو محفوظ ٿئي ٿو، پر ماڻهو تاريخ کي اُونهي انداز ۾ سُوجهي به سگهن ٿا.
هيءُ شعبو آهستي آهستي اُن ڪم مان نسريو، جنھن کي اڳ ۾ هيومينٽيز ڪمپيوٽنگ (Humanities Computing) طور ڄاتو ويندو هو، جيڪو ويھين صديءَ جي وچ ڌاري شروع ٿيو. ان جي ابتدائي بانيڪارن مان هڪ Roberto Busa هو، جيڪو هڪ اطالوي جيسوئيٽ پادري ۽ عالم هو. هن 1940ع واري ڏهاڪي ۾ IBM سان گڏجي Thomas Aquinas جي لکڻين جي ڪمپيوٽرائيزڊ ڏسڻي تيار ڪئي. ان وقت ڪمپيوٽر تمام وڏا هوندا هئا ۽ سائنسي يا حڪومتي ڪمن کان سواءِ سندن استعمال تمام گهٽ هوندو هو، تنھنڪري هيءُ ڪم انقلابي نوعيت جو هو. بوسا جي تحقيق ثابت ڪيو ته مشينون انساني مَتنن جي تجزيي ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿيون. ايندڙ ڏهاڪن ۾ عالمن ڪمپيوٽرن کي لفظ ڳڻپ، ڏِسڻيون جوڙڻ، ۽ ڊيٽابيس ٺاهڻ جھڙن ڪمن لاءِ واپرائڻ شروع ڪيو. جڏهن ويھين صديءَ جي آخري ڏهاڪن ۾ ذاتي ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ عام ٿيا، تڏهن هيءُ شعبو تيزيءَ سان وڌيو ۽ جيڪا شڪل اختيار ڪئي، تنھن کي اڄ ڪلهه ڊجيٽل هيومينٽيز جو نالو ڏنو وڃي ٿو.
انٽرنيٽ جي اڀار DHکي هڪ انتھائي وسيع ۽ متحرڪ شعبو بڻائي ڇڏيو. محقق هاڻي صرف ڇپيل مَتنن جي ڊجيٽل صورتن تائين محدود نه رهيا، پر انهن ”ڊجيٽل صورت ۾ ڄميل“ مواد، جھڙوڪ ويب سائيٽن، سوشل ميڊيا پوسٽن، بلاگن، آن لائين برادرين، وڊيو گيمن ۽ ڊجيٽل آرٽ جو به اڀياس شروع ڪيو. انھيءَ منتقليءَ اهو تسليم ڪيو ته انساني تھذيب پاڻ به وڏي پيماني تي ڊجيٽل ماحول ۾ جُڙي رهي آهي. تنھن ڪري ڊجيٽل هيومينٽيز نه رڳو تاريخي مواد جو اڀياس ڪري ٿي، پر جديد ٽيڪنالاجيءَ جي سماجي ۽ ثقافتي اثرن جو به جائزو وٺي ٿي. عالم اهڙا سوال پڇن ٿا ته الگورٿم عوامي راءِ تي ڪيئن اثرانداز ٿين ٿا، سوشل ميڊيا ابلاغ کي ڪيئن بدلائي ٿي، ۽ ڊجيٽل پليٽ فارم تشخص، سياست ۽ علم جي تشڪيل ڪن ٿا.
ڊجيٽل هيومينٽيز وڏي نموني مختلف شعبن (Interdisciplinary) جو ڳانڍاپو آهي، جنھن مان مراد آھي ته اھا مختلف شعبن جي ماهرن جي گڏيل ڪم تي آڌاريل آھي. هڪ ئي منصوبي ۾ مؤرخ، لائبريرين، ڪمپيوٽر پروگرامر، ڊزائنر، آرڪائيوسٽ، لسانيات جا ماهر ۽ ڊيٽا سائنسدان گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿا. روايتي هيومينٽيز واري تحقيق جي ابتڙ، جيڪا گهڻو ڪري انفرادي سطح تي ٿيندي هئي،DH جا منصوبا عام طور ٽيم جي صورت ۾ مڪمل ڪيا ويندا آهن. اها گڏجي ڪم ڪرڻ جي نوعيت ڊجيٽل تحقيق جي پيچيدگيءَ کي ظاهر ڪري ٿي، جتي فني مھارت ۽ انساني تشريح گڏو گڏ ڪم ڪن ٿيون.
هيءُ شعبو کليل رسائي (Open Access) ۽ عوامي اسڪالرشپ (Public Scholarship) سان به سگهاري نموني لاڳاپيل آهي. ڪيترن ئي DH منصوبن جو مقصد ڄاڻ کي يونيورسٽين يا مھانگين اشاعتن تائين محدود رکڻ بدران مفت ۾ آن لائين دستياب ڪرڻ ھوندو آهي. ڊجيٽل آرڪائيوز، آن لائين ڊيٽابيس، اوپن سورس اوزار ۽ تعليمي وسيلا اڪثر عالمن سان گڏ عام ماڻهن لاءِ به تيار ڪيا ويندا آهن. هيءُ جمهوري رويو ان ويساهه جو پَرتوو آھي ته تھذيبي علم تائين وسيع نموني رسائي هئڻ گهرجي.
ساڳئي وقت، ڊجيٽل هيومينٽيز رڳو ٽيڪنالاجيءَ جي حوالي سان پرجوش ڪونهي. هن شعبي جو هڪ اهم پاسو ڊجيٽل دنيا تي تنقيدي نظر وجهڻ به آهي. DH جا ماهر اھو ڄاڻين ٿا ته ٽيڪنالاجيون سماجي اڻبرابريءَ کي ڪيئن مضبوط ڪري سگهن ٿيون يا تعصب پيدا ڪري سگهن ٿيون. سرچ انجڻون، ھٿرادو ڏاھپ ۽ سوشل ميڊيا ۾ استعمال ٿيندڙ الگورٿم، انهن ڊيٽائن ۾ موجود سياسي، نسلي، صنفي يا تھذيبي مفروضن جي عڪاسي ڪري سگهن ٿا، جن جي آڌار اهي تيار ڪيا ويا آهن. تنھن ڪري ڊجيٽل هيومينٽيز جا عالم نگراني، رازداري، نمائندگي، رسائي ۽ طاقت بابت اخلاقي سوال به اٿارين ٿا. اها تنقيدي سوچ DH کي ٻين خالص فني شعبن کان وڌيڪ ممتاز بنائي ٿي.
هن شعبي کي به تنقيد ۽ اندروني بحثن کي منھن ڏيڻو پيو آهي. ڪجهه عالمن جو خيال آهي ته ڊجيٽل هيومينٽيز ڪڏهن ڪڏهن گھِري تشريح ۽ تھذيبي پرک کي نظرانداز ڪري، ٽيڪنالاجيءَ تي حد کان وڌيڪ ڌيان ڌري ٿي. ٻيا اھو ويساھين ٿا ته هن شعبي نسلي، طبقاتي، جنسي، معذوري ۽ عالمي اڻبرابريءَ جھڙن مسئلن سان مُنھن ڏيڻ لاءِ گهڻو ڪجهه نه ڪيو آهي. ان کان علاوه، رسائيءَ بابت به خدشا آهن، ڇاڪاڻ ته هر عالم يا ادارو مھانگي ٽيڪنالاجي ۽ ڊجيٽل وسيلن تائين برابر رسائي نٿو رکي. هڪ ٻي تنقيد ”بليڪ باڪس“ (Black Box) مسئلو آهي، جنھن ۾ محقق سافٽ ويئر استعمال ته ڪن ٿا، پر اهو نه ٿا ڄاڻن ته اهو ڊيٽا کي ڪھڙي طريقي سان ڪم ۾ آڻي ٿو، جنھن جي ڪري غلط نتيجا به اخذ ٿي سگهن ٿا. اهي بحث اهم آهن، ڇو ته اهي هن شعبي کي وڌيڪ غور و فڪر ڏانھن مائل ڪندڙ، مڙني کي پاڻ سان ڳنڍيندڙ ۽ اخلاقي طور ذميوار بنائڻ ۾ مدد ڪن ٿا.
ويجهڙائيءَ وارن ورھين ۾، ھٿرادو ڏاھپ (Artificial Intelligence – AI) ڊجيٽل هيومينٽيز جو هڪ اهم حصو ٿي وئي آهي. AI جا نظام ۽ ٻوليءَ جا وڏا ماڊل مَتنن جو تجزيو، تاتپرچ تيار ڪرڻ، نمونن جي سڃاڻپ ۽ ترجمي ڪرڻ يا نئين سر تاريخي جُڙت ۾ مدد ڪري سگهن ٿا. جيتوڻيڪ اهي ٽيڪنالاجيون نوان امڪان پيدا ڪن ٿيون، پر ساڳئي وقت تصنيف، اصليت، تعصب ۽ ثقافتي تشريح ۾ مشينن جي ڪردار بابت سوال به اڀارين ٿيون. DH جا عالم هاڻي اهو کوجي رهيا آهن ته AI کي انساني علمن جي تحقيق ۾ ڪيئن شامل ڪجي، جو ساڳئي وقت انساني تنقيدي سوچ ۽ اخلاقي شعور به بحال رھي.
آخرڪار، ڊجيٽل هيومينٽيز ٽيڪنالاجي ۽ انساني تھذيب جي وچ ۾ هڪ پل جي نمائندگي ڪري ٿي. اها ثابت ڪري ٿي ته ڪمپيوٽر صرف سائنس ۽ انجنيئرنگ لاءِ ئي ڪمائتا ناهن، پر ادب، تاريخ، ٻولي، فن ۽ سماج بابت اسان جي سمجهه کي به وڌيڪ اُونهو بنائي سگهن ٿا. ڪمپيوٽيشنل اوزارن کي انساني کوجنا سان ملائي،DH تھذيبي ورثي جي حفاظت، ماضيءَ جي تشريح، حال جي تجزيي ۽ مستقبل جي تصور ڪرڻ لاءِ نوان رستا کولي ٿي. عام پڙهندڙ لاءِ ڊجيٽل هيومينٽيز کي سادن لفظن ۾ ائين سمجهائي سگهجي ٿو ته اها جديد ٽيڪنالاجيءَ جي مدد سان معنا، سار، تخليق پڻي، سڃاڻپ ۽ سڀيتا بابت دائمي سوالن کي کوجڻ جو اُدم آهي. هن مضمون جو ليکڪ طاهر ڪامران بيڪن ھائوس نيشنل يونيورسٽي لاھور، جي لبرل آرٽس فئڪلٽي ۾ پروفيسر ۽ نامور مورخ آھي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا