Homeسنڌسنڌيتسنڌ: محبت، سڃاڻپ ۽ وحدت-1

سنڌ: محبت، سڃاڻپ ۽ وحدت-1

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي مارئي هڪ اهڙي ڳوٺاڻي ڇوڪري آهي، جيڪا صدين کان سنڌين جي اجتماعي يادگيريءَ جو حصو بڻيل آهي. هوءَ نه راڻي آهي، نه ڪنھن سلطنت جي وارث، نه جنگ جي فاتح. هوءَ ٿر جي ملير جي هڪ سادي مارئي آهي، جنھن کي بادشاھ عمر سومرو زبردستي پنھنجي محل ۾ قيد ڪري ٿو. هو کيس پَٽ پَٽيھر آڇي ٿو، سونَ جا زيور ڏئي ٿو، راڻي بڻائڻ جو واعدو ڪري ٿو، ۽ محل جون سڀ آسائشون سندس قدمن ۾ رکي ٿو. پر مارئي انهن سڀني کي ٿُڏي ڇڏي ٿي. هن جي خواهش، سِڪ، اُڪير ۽ طلب فقط هڪ آهي: پنھنجي ملير ڏانھن موٽي وڃڻ؛ پنھنجن مارن وٽ، پنھنجن پکن، اُونهن کوهن ۽ ڀٽن ڏانھن.
شاهه لطيف جي مارئي پنھنجي ڌرتيءَ، پنھنجن ماڻهن ۽ پنھنجي سڃاڻپ تي ڪا سوديبازي قبول نٿي ڪري ۽ سون تي سيڻَ مٽائڻ واري ناھي. محل، دولت ۽ اقتدار سندس لاءِ ان مٽيءَ کان وڌيڪ قيمتي ناهن، جنھن ۾ هوءَ پلي وڌي آهي. جڏهن کيس اھو احساس ٿئي ٿو ته ڪٿي هوءَ ساري عمر، عمر جي قيد ۾ باندياڻي ٿي ته نه رھندي، تڏهن به سندس آخري خواهش مرڻ کان پوءِ سندس مڙھ ۽ مٽي ملير موٽائي موڪلڻ جي آهي! شاهه سائين هتي رڳو هڪ لوڪ ڪھاڻي بيان نٿو ڪري؛ هو انسان ۽ ڌرتيءَ جي وچ ۾ اهڙي رشتي کي لفظ ڏئي ٿو، جيڪو ڪنھن به لالچ، طاقت يا جبر کان مٿانھون آهي.
سُر مارئي لڳ ڀڳ ٽن صدين کان يا شايد ان کان به اڳ سنڌين جي زبان تي زنده رهيو آهي. اهو درگاهن تي به ڳايو ويو آهي، اوطاقن ۾ به، سگهڙن ۽ سھرا ڳائيندڙ يا پنھنجن پيڪن کي ساريندڙ عورتن جي آلاپ ۾، گهرن ۾ به، ۽ اسڪولن کان اڳ ماءُ جي هنجَ ۾ به ٻارن کي ٻڌايو ويو آهي. شايد ئي ڪو سنڌ ڄائو يا ڄائي هجي، جنھن مارئيءَ جو نالو نه ٻڌو هجي يا شاهه جي بيتن ۾ سندس “ وطن لاءِ حب“ کي محسوس نه ڪيو هجي. انهيءَ ڪري سنڌين کي ڪڏهن به اها وضاحت ڪرڻي نه پئي آهي ته مارئيءَ جو فيصلو رڳو هڪ عورت جو ذاتي فيصلو نه هو؛ اهو پنھنجي ڌرتيءَ سان وفاداريءَ جو اهڙو اظھار هو، جيڪو سنڌ جي اجتماعي شعور جو حصو ھو، ۽ آھي.
مارئيءَ جي داستان ۾ ملير صرف هڪ ڳوٺ جو نالو ناهي. اهو پنھنجي وطن، پنھنجن ماڻهن ۽ پنھنجي زندگيءَ جو اھڃاڻ آهي. عمر جو محل صرف هڪ بادشاهه جو محل ناهي؛ اهو هر اهڙي طاقت جي علامت آهي، جيڪا ڪنھن ماڻهوءَ کي سندس ڌرتيءَ، سندس ٻولي، سندس سماج يا سندس سڃاڻپ کان ڌار ڪرڻ چاهي ٿي. مارئيءَ جو انڪار ان ڪري رڳو ذاتي وفاداري نه، پر اصولن تي بيھڻ، پنھنجي وجود کي سڃاڻڻ ۽ پنھنجي ڌرتيءَ سان نڀائڻ جو استعارو بڻجي وڃي ٿو. شايد انهيءَ ڪري هر دور پنھنجي حالتن موجب مارئيءَ کي نئين معنيٰ سان پڙهيو آهي، پر سندس جواب ڪڏهن به نه بدليو آهي.
سنڌ کان ٻاهر وارن لاءِ اهو سوال اڄ به حيرت جو سبب بڻجي سگهي ٿو ته آخر سنڌي پنھنجي صوبي جي ورهاست کي ايتري ٻڌيءَ سان ڇو رد ڪن ٿا؟ اهو سوال ورجائيندي، ڪجهه سالن کان پوءِ ڪنھن نه ڪنھن صورت ۾ وري سامهون اچي بيھي ٿو. ڪڏهن اهو انتظامي سڌارن جي نالي تي اٿاريو وڃي ٿو، ڪڏهن شھري ۽ ٻھراڙيءَ جي ورهاست جي نالي تي، ۽ ڪڏهن ڪراچيءَ جي الڳ حيثيت بابت بحثن جي صورت ۾. پر سنڌين جو جواب، هر ڀيري، ساڳيو رهيو آهي. اهو جواب ڪنھن هڪ سياسي جماعت جو موقف نه آهي، نه ڪنھن هڪ پيڙهيءَ جو ردعمل، ۽ نه ئي ڪنھن عارضي سياسي تڪرار جو نتيجو. اهو هڪ گھري تاريخي ۽ تھذيبي يادگيريءَ مان نسري وڌي وڏو وڻ ٿيل آھي. اھا يادگيري صدين کان سنڌ جي فڪر، ادب ۽ روحاني روايت ۾ ڳوھجي محفوظ ٿي وئي آهي.
انهيءَ ڪري جيڪڏهن هن سوال جو جواب ڳولڻو هجي ته شروعات ھاڻوڪي سياست کان نه، پر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سُر مارئيءَ کان ڪرڻي پوندي. ڇو ته سنڌ جي وحدت بابت سنڌين جو موقف اسيمبلين جي قراردادن کان گهڻو اڳ، بيتن ۾، لوڪ ڪھاڻين ۾ ۽ اجتماعي يادگيريءَ ۾ پنھنجي جاءِ ٺاهي چڪو هو. مارئيءَ جي زبان ۾ شاهه لطيف جيڪو جواب ڏنو، اهو ئي جواب صدين کان سنڌ جي ثقافتي شعور جو پڙاڏو رهيو آھي: وطن جي بدلي محل قبول نٿو ڪري سگهجي، ۽ ڌرتيءَ سان وفاداريءَ جو ڪو مَٽ نٿو ٿي سگهي.

سنڌيت: ڌرتي، درياهه ۽ سڃاڻپ
سنڌيت جي وصف ڪنھن ھڪ جملي ۾ بيان نه ٿي ڪري سگهجي. اها نه سنڌي ٻولي ڳالهائڻ جو نالو آهي، نه ڪنھن هڪ پيڙهي، نسل يا ذات سان وابستگيءَ جو، ۽ نه ئي جديد سياسي قومپرستيءَ جو ڪو تصور. سنڌيت هڪ ڊگهي تاريخي عمل جو نتيجو آهي، جنھن ۾ ڌرتي، درياهه، ماڻهو، ٻولي، ثقافت، روحانيت ۽ گڏيل تاريخ آهستي آهستي هڪ ٻئي ۾ رَچي راس ٿي ويا آهن. انهيءَ ڪري سنڌ جي سڃاڻپ ڪنھن هڪ حڪمران، ڪنھن هڪ سلطنت يا ڪنھن هڪ سياسي دور جي پيداوار نه آهي. اها هزارين سالن جي گڏيل زندگيءَ مان جنم ورتل هڪ تھذيبي حقيقت آهي.
سنڌ جي تاريخ تي نظر وجهجي ته خبر پوندي ته هيءَ سرزمين هميشه کُليل دل واري رهي آهي. واپار جا رستا هتي اچي ملندا رهيا، وڻجارا ساري دنيا ڏانھن سفر ڪندا رهيا، مختلف قومون هتي اچي آباد ٿينديون رهيون، نوان مذهب، نيون ٻوليون ۽ نيون ثقافتي روايتون به هتي پھتيون، پر سنڌ انهن کي پاڻ ۾ جذب ڪندي رهي. عرب واپاري، بلوچ قبيلا، فارسي سيد، وچ ايشيا جا ترڪ، پٺاڻ، آفريڪا کان آيل شيدي، گجرات مان وري صدين کان پوءِ موٽي ايندڙ ميمڻ، ۽ ورهاڱي کان پوءِ لڏي آيل لکين اردو ۽ ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ- انهن سڀني سنڌ جي سماج ۾ پنھنجو پنھنجو حصو شامل ڪيو. سنڌيت جي قوت هميشه ان ۾ رهي آهي ته هن ٻين کي ميساريو نه، پر پاڻ ۾ شامل ڪيو. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي تھذيبي سڃاڻپ هميشه وسيع ۽ گهڻ رُخي رهي آهي.
هن سڄي سڃاڻپ جو ھڪ مرڪز آهي، سنڌو درياهه!
سنڌ کي جيڪڏهن ڪنھن هڪ وجود گهاڙيٽو يا قالب ڏنو آهي ته اهو سنڌو آهي. هن درياهه رڳو پَٽن کي سائو نه ڪيو؛ هن ماڻهن جي رهڻي ڪھڻي، زراعت، واپار، ٻولي، لوڪ ادب ۽ اجتماعي يادگيريءَ کي به شڪل ڏني. ”سنڌ” ۽ ”سنڌو” الڳ حقيقتون نه آهن. مھراڻ صرف پاڻيءَ جو وهڪرو ناهي؛ اهو هن سرزمين جي تاريخي وجود جو بنيادي محور آهي. هزارين سالن کان هن درياهه جي لھرن سان گڏ شھر آباد ٿيا، ڳوٺ وجود ۾ آيا، تھذيبن ترقيون ڪيون، ۽ ماڻهن پنھنجي سڃاڻپ جوڙڻ شروع ڪئي. انهيءَ ڪري سنڌي جڏهن سنڌوءَ جو ذڪر ڪن ٿا ته هو صرف درياهه جو نالو نٿا وٺن؛ هو پنھنجي تاريخ، پنھنجي وجود ۽ پنھنجي گڏيل يادگيريءَ جو ذڪر ڪن ٿا.
انهيءَ پسمنظر ۾ سنڌ ۾ ڌرتيءَ سان تعلق صرف معاشي يا جاگرافيائي تعلق نه رهي ٿو. اها زمين رڳو ملڪيت ناهي، ۽ نه ئي صرف فصل پيدا ڪرڻ جو ذريعو. اها ماڻهن جي يادگيرين، سندن ٻولي، سندن درگاهن، سندن قبرستانن ۽ مَساڻن، سندن لوڪ ڪھاڻين ۽ سندن روزمره زندگيءَ سان ڳنڍيل آهي. انهيءَ ڪري جڏهن اسين پنھنجي ڌرتيءَ بابت ڳالهايون ٿا ته اسان صرف مٽيءَ جي ڳالهه نٿا ڪيون؛ اسان پنھنجي سڃاڻپ جي ڳالهه ڪيون ٿا.
شايد انهيءَ ڪري سنڌ ۾ ماحوليات جو تصور به ٻين ڪيترن علائقن کان مختلف رهيو آهي. جڏهن سنڌو ڊيلٽا ۾ مٺو پاڻي گهٽجي ٿو، جڏهن تَمر جا ٻيلا تباهه ٿين ٿا، يا جڏهن سمنڊ آهستي آهستي ٺٽي، بدين ۽ سجاول جي زمينن ڏانھن وڌي ٿو، تڏهن اسان ان کي رڳو ماحولياتي مسئلو نٿا سمجهون، پر اها ڌرتيءَ کي پھتل تڪليف آهي، جنھن سان اسان جي تاريخ ۽ سڃاڻپ ڳنڍيل آهي. انهيءَ ڪري سنڌ ۾ درياهه، ڊيلٽا ۽ زمين؛ جبل، ڪارونجهر جي حفاظت رڳو معاشي ضرورت نه، پر هڪ اخلاقي ذميواري بڻجي وڃي ٿي.
پر سنڌيت جو هڪ ٻيو اهم پاسو به آهي. اها پنھنجي ڌرتيءَ سان وفاداري سيکاري ٿي، پر ڪنھن ٻي ڌرتيءَ سان دشمني نه. شاهه عبداللطيف جي شاعريءَ ۾ سنڌ سان محبت ڪڏهن به تنگ نظري يا برتريءَ جي احساس ۾ تبديل نٿي ٿئي. هو پنھنجي ڌرتيءَ لاءِ خير گُهري ٿو، پر ساڳئي وقت سڄي دنيا کي آباد ڏسڻ جي دعا ڪري ٿو. سچل سرمست انسان کي مذهب، نسل ۽ فرقن جي ديوارن کان مٿانھون ڏسي ٿو. انهيءَ ڪري سنڌيت جو مطلب ڪڏهن به ٻين کي رد ڪرڻ نه رهيو آهي؛ ان جو مطلب پنھنجي ڌرتيءَ، ماڻهن ۽ سڃاڻپ سان وفادار رهڻ آهي، جڏهن ته ٻين جي سڃاڻپ ۽ ڌرتيءَ جي عزت به ساڳئي احترام سان ڪئي وڃي.
اهو ئي فڪر صدين تائين سنڌ جي ادبي، روحاني ۽ سماجي روايت ۾ پختو ٿيندو رهيو. هر دور جي شاعرن، صوفين ۽ مفڪرن ان کي پنھنجي زماني جي ٻوليءَ ۾ بيان ڪيو، پر بنيادي ڳالهه ساڳي رهي: ڌرتيءَ سان محبت، انسان سان انصاف، ۽ پنھنجي سڃاڻپ تي ڪا سوديبازي نه. انهيءَ ڪري سنڌيت ڪنھن هڪ ڪتاب يا هڪ شاعر جي تخليق نه آهي؛ اها صدين تي پکڙيل هڪ گڏيل فڪري روايت آهي، جنھن کي هر نسل پنھنجي حالتن موجب نئين معنيٰ ڏني آهي.

سنڌيت جو سفر: شاهه کان اڄ تائين
سنڌيت ڪنھن هڪ دور ۾ مڪمل نه ٿي هئي. سنڌ جي فڪري روايت به هر دور ۾ نوان تجربا، نوان سوال ۽ نوان اظھار پنھنجي اندر شامل ڪندي رهي آهي. بنيادي قدر ساڳيا رهيا، پر انهن جي تشريح وقت سان گڏ وسيع ٿيندي وئي. هر نسل پنھنجي حالتن موجب انهن کي نئين ٻولي، نئين فڪر ۽ نئين حساسيت سان بيان ڪيو.
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کان اڳ جهوڪ شريف جي شاهه عنايت شھيد هن روايت کي عملي سماجي معنيٰ ڏني. سندس مشھور نعرو، ”جو کيڙي سو کائي”، رڳو زرعي سڌارن جو مطالبو نه هو؛ اهو ان اصول جو اظھار هو ته ڌرتيءَ سان وفاداريءَ جو ڪو به تصور، ان ڌرتيءَ تي محنت ڪندڙ ماڻهن سان انصاف کان سواءِ مڪمل ٿي نٿو سگهي. جيڪڏهن زمين ڪجهه ماڻهن جي دولت بڻجي وڃي ۽ ان کي آباد ڪندڙ ماڻهو پنھنجي محنت جي ثمر کان محروم رهجي وڃن، ته پوءِ ڌرتيءَ سان محبت صرف لفظ رهجي ويندا. شاهه عنايت ان محبت کي عمل سان ڳنڍيو، ۽ انهيءَ اصول جي قيمت پنھنجي جان ڏئي ادا ڪئي.
انهيءَ روايت کي سچل سرمست وڌيڪ وسيع انساني معنيٰ ڏني. هن انسان کي مذهب، نسل ۽ فرقن جي حدن کان اڳ انسان طور ڏٺو. سندس نظر ۾ ڌرتيءَ سان محبت تڏهن ئي معنيٰ رکي ٿي، جڏهن اها انسانن جي وچ ۾ نفرت پيدا نه ڪري، پر سندن گڏيل انسانيت کي وڌيڪ مضبوط بڻائي. سنڌ جي صوفي روايت جو اهو اهم پاسو آهي، جيڪو وطن سان محبت کي ڪڏهن به ٻين سان دشمنيءَ ۾ تبديل ٿيڻ نٿو ڏئي. انهيءَ ڪري سچل جي شاعريءَ ۾ سنڌ صرف هڪ خطو نه رهي ٿي؛ اها اهڙي سرزمين بڻجي وڃي ٿي، جتي مختلف عقيدا، مختلف برادريون ۽ مختلف ثقافتي روايتون گڏجي هڪ گڏيل سماج جوڙين ٿيون.
اڻويھين صديءَ ۾ سامي هن فڪري تسلسل کي پنھنجي شاعريءَ ۾ اڳتي وڌايو. سندس ڪلام اهو ياد ڏياريندو رهيو ته سنڌ جي ثقافتي سڃاڻپ ڪنھن هڪ مذهب يا برادريءَ تائين محدود نه آهي. ورهاڱي کان پوءِ سنڌ جي آباديءَ ۾ وڏيون تبديليون ضرور آيون، پر شاهه، سچل ۽ سامي جي فڪري روايت ماڻهن جي گڏيل يادگيريءَ ۾ زندهه رهي. اها روايت ٻڌائيندي رهي ته سنڌ جي تھذيب جو بنياد گڏجي رهڻ، گڏجي جيئڻ ۽ گڏجي پنھنجي ڌرتيءَ سان نڀائڻ تي بيٺل آهي.
ويھين صديءَ ۾ جڏهن سنڌ نون سياسي ۽ سماجي چئلينجن کي مُنھن ڏئي رهي هئي، تڏهن شيخ اياز انهيءَ قديم روايت کي جديد دور جي ٻولي ڏني. ون يونٽ مڙهجڻ سان سنڌ جي تاريخي حيثيت، ٻولي ۽ آئيني سڃاڻپ بابت جيڪي خدشا پيدا ٿيا، تن کي اياز پنھنجي شاعريءَ ۾ اهڙي شدت سان بيان ڪيو، جو سندس شعر ادبي محفلن کان نڪري عوامي تحريڪن جو حصو بڻجي ويا. هن جي شاعريءَ ۾ سنڌ صرف هڪ جاگرافيائي وحدت نه رهي، پر ماڻهن جي آزادي، عزت، ٻولي ۽ تاريخي حقن جي علامت بڻجي وئي. اياز جي وڏي خوبي اها هئي ته هن شاهه لطيف جي فڪر کي ورجايو نه، پر پنھنجي دور جي سوالن سان ڳنڍي نئين صورت ۾ پيش ڪيو.
شيخ اياز کان پوءِ استاد بخاريءَ هن آواز کي شھرن جي ادبي حلقن مان ڪڍي هارين، مزدورن ۽ ڳوٺن جي اوطاقن تائين پھچايو. هن تمام جلد محسوس ڪري ورتو هو ته سنڌ جو مستقبل رڳو سياسي فيصلن سان طئي نه ٿيندو؛ ان جو واسطو پاڻيءَ، زمين، هاريءَ ۽ ماحول سان به ايترو ئي آهي. جڏهن به سنڌو درياهه، زرعي زمينن يا هارين جي حقن بابت ڪو سوال اٿيو، استاد بخاريءَ جي شاعري ماڻهن جي احساسن جي ترجمان بڻجي سامهون آئي. هن سنڌي عورت کي به صرف علامتي ڪردار طور پيش نه ڪيو، پر سماجي ۽ قومي زندگيءَ جي سرگرم حصيدار طور ڏٺو. ابراهيم منشي، سرويچ سجاولي، جمن دربدر ۽ ڪئين ٻين شاعرن ان تبديليءَ کي اڃا نوان رنگ ڏنا!
ساڳئي فڪري سفر کي حسن درس نئين صديءَ جي ماحولياتي شعور سان ڳنڍيو. سندس شاعريءَ ۾ سنڌ رڳو تاريخ يا سياست جي موضوع طور موجود نه آهي؛ اها پنھنجي درياهه، ريگستان، وڻن، پکين، شھرن ۽ ڳوٺن سميت هڪ جيئري جاگرافي آهي. حسن درس نوجوان نسل کي اهو احساس ڏياريو ته جيڪڏهن ڌرتيءَ سان محبت سچي آهي، ته پوءِ ان جي ماحول، پاڻي، حياتياتي گوناگونيت ۽ قدرتي ورثي جي حفاظت به انهيءَ محبت جو لازمي حصو آهي. هن سنڌ جي جاگرافيءَ کي جديد ماحولياتي حساسيت سان ڳنڍي، هڪ نئون ادبي انداز پيدا ڪيو.
پر سنڌيت جو هيءُ سفر انهن شاعرن تي ختم نٿو ٿئي. نياز همايوني پنھنجي فڪر وسيلي هن روايت کي وڌيڪ گھرو ڪيو. آڪاش انصاري جديد دور جي قومي احساس، خودداري ۽ مزاحمت کي نئين شاعراڻي لھجي ۾ بيان ڪيو. عطيه دائود مارئيءَ جي ڪردار کي جديد عورت جي آزادي، وقار ۽ خودمختياريءَ جي علامت طور نئين معنيٰ ڏني. ادل سومري جديد سنڌي شاعريءَ ۾ محبت، ڌرتي ۽ سڃاڻپ جي احساس کي نئين فڪري نفاست سان پيش ڪيو. انهن کان سواءِ به ڪيترائي سوَن جي انگ ۾ شاعر، اديب، محقق، راڳي ۽ لوڪ فنڪار پنھنجي پنھنجي انداز ۾ هن روايت کي اڳتي وڌائيندا رهيا آهن. انهن سڀني جا موضوع، اسلوب ۽ تجربا هڪجھڙا نه آهن، پر سنڌ سان سندن وابستگي کين هڪ ئي فڪري ڌاڳي ۾ پوئي ٿي. (هلندڙ)

1 COMMENT

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا