ڇا توهان پِٽ ۾ يقين رکو ٿا؟ ڇا واقعي پِٽ لڳندي آهي؟
هن سوال جي حوالي سان اڄ ‘دي گارجين’ ۾ هڪ ڏاڍو دلچسپ ڪالم ڇپيو آهي. ڪالم جي شروعات آئرلينڊ جي فٽبال ٽيم مائيو (Mayo) سان جڙيل هڪ پراڻي بددعا جي ڪھاڻيءَ کان ٿئي ٿي، پر ليکڪ جي اصل ڳالهه بددعا جي سچ يا ڪوڙ هجڻ کان گهڻو اڳتي وڃي ٿي.
1951ع ۾ مائيو آل آئرلينڊ فائنل کٽيو. ان کان پوءِ اها ڳالهه مشھور ٿي ته هڪ پادريءَ ٽيم کي بددعا ڏني آهي ته جيستائين 1951ع جي ٽيم جو آخري رانديگر زنده هوندو، مائيو ٻيھر فائنل نه کٽي سگهندي. ان کان پوءِ ٽيم يارهن ڀيرا فائنل تائين پھتي، پر هر ڀيري هارائي وئي. 2021ع ۾ ان ٽيم جو آخري رانديگر به فوت ٿي ويو ۽ 2026ع ۾ مائيو آخرڪار فائنل کٽي ورتو.
پر ڪالم نگار جو سوال هي آهي:
جيڪڏهن ڪا ڳالهه حقيقت ۾ سچي نه هجي، پر ماڻهو ان کي سچ سمجهڻ لڳن، ته ڇا اهو يقين سندن سوچ، روين ۽ نتيجن تي اثر وجهي سگهي ٿو؟
جواب آهي: ها.
شايد مائيو کي واقعي ڪا بددعا نه هئي. پر جيڪڏهن رانديگرن، مداحن ۽ سماج ۾ اهو يقين ويھي وڃي ته ”اسان فائنل نٿا کٽي سگهون“، ته اهو يقين سندن نفسيات تي اثر وجهي سگهي ٿو، شڪ وڌي سگهي ٿو، اعتماد گهٽجي سگهي ٿو، دٻاءُ وڌي سگهي ٿو ۽ ڪارڪردگي متاثر ٿي سگهي ٿي. پوءِ هر نئين شڪست انهيءَ پراڻي ڪھاڻيءَ کي وڌيڪ مضبوط ڪري ٿي.
يعني ڪڏهن ڪڏهن ڪھاڻي پاڻ کي سچ ثابت ڪرڻ لڳي ٿي.
اسان جي سماج ۾ به اهڙيون ڪيتريون ئي ڪھاڻيون آهن، جيڪي اسان نسلن کان ٻڌندا پيا اچون. سنڌ ۾ پيرن، فقيرن جي ڪرامتن، دعائن ۽ بددعائن جا انيڪ قصا مشھور آهن. انهن مان ڪي شايد ڪنھن حقيقي واقعي سان جڙيل هجن، ڪي محض اتفاق هجن ۽ ڪي وقت سان گڏ وڌي وڻ ٿيل ڪھاڻيون.
مثال طور، جڏهن ملڪ رياض عبدالله شاه غازيءَ جي مزار ڀرسان هڪ رهائشي منصوبو ٺاهيو، جيڪو مزار جي عمارت کان به اوچو هو، ته ماڻهن ۾ اها ڳالهه هلڻ لڳي ته ”ملڪ رياض جو زوال ويجهو آهي.“ ڪجهه عرصي کان پوءِ جڏهن سندس ڪاروباري ۽ قانوني مشڪلاتون وڌيون ته اها ڳالهه وري ماڻهن جي نظر ۾ سچي ثابت ٿيندي نظر آئي.
ڇا واقعي ان جو سبب اها ڳالهه هئي؟ اهو الڳ سوال آهي. هتي اهم ڳالهه اها ناهي ته ڪھاڻي سچي هئي يا ڪوڙ. اهم ڳالهه اها آهي ته ڪھاڻيون ماڻهن جي سوچ ۽ اجتماعي نفسيات تي ڪيترو اثر وجهن ٿيون.
اسان وٽ اهڙيون ئي ٻيون ڪھاڻيون به آهن:
”سنڌي سست آهن.“
”سنڌين کان ڪجهه نه ٿيندو.“
”سنڌي ڪم ڪرڻ نٿا ڄاڻن.“
”هتي سفارش کان سواءِ ڪجهه نٿو ٿي سگهي.“
”ايمانداريءَ سان اڳتي وڌڻ ممڪن ناهي.“
انهن مان هر ڳالهه لازمي طور سچي هجي، اهو ضروري ناهي. پر جڏهن اهڙيون ڳالهيون بار بار ٻڌجن ٿيون ۽ هڪ نسل انهن تي يقين ڪرڻ لڳي ٿو، ته اهي آهستي آهستي ان نسل جي پنھنجي باري ۾ سوچ جو حصو بڻجي سگهن ٿيون.
يعني ڳالهه ائين اڳتي وڌي ٿي: پھريان ڪا ڪھاڻي ٻڌائي وڃي ٿي، پوءِ ماڻهو ان تي يقين ڪرڻ لڳن ٿا. اهو يقين سندن سوچ ۽ روين کي متاثر ڪري ٿو، رويا سندن عملن کي، ۽ عمل آخرڪار اهڙو نتيجو پيدا ڪن ٿا، جيڪو وري ساڳي ڪھاڻيءَ کي سچ ثابت ڪندي نظر اچي ٿو.
مثال طور: جيڪڏهن ڪنھن نوجوان کي بار بار ٻڌايو وڃي ته ”سنڌي سست آهن ۽ ڪجهه نٿا ڪري سگهن“، ته هو آهستي آهستي پاڻ به پنھنجين صلاحيتن تي شڪ ڪرڻ لڳي سگهي ٿو. جيڪڏهن هو ڪوشش گهٽ ڪندو، ته نتيجو به ڪمزور اچي سگهي ٿو. پوءِ ماڻهو چوندا:
”ڏٺوَ! اسان صحيح چوندا هئاسين، سنڌي ڪجهه نٿا ڪري سگهن.“
اهڙيءَ طرح هڪ ڪھاڻي، جيڪا شايد شروع ۾ رڳو هڪ دعويٰ هئي، ماڻهن جي يقين ۽ عملن ذريعي پاڻ کي سچ ثابت ڪندي نظر اچڻ لڳي ٿي.
پر اهو عمل ابتڙ به ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن ڪنھن فرد يا قوم کي مسلسل اهو يقين ڏياريو وڃي ته ”اسان ڪامياب ٿي سگهون ٿا“، ته ان مان اعتماد پيدا ٿي سگهي ٿو؛ اعتماد ڪوشش کي جنم ڏئي سگهي ٿو، ڪوشش نتيجو پيدا ڪري سگهي ٿي ۽ نتيجو هڪ نئين اجتماعي ڪھاڻي ٺاهي سگهي ٿو.
تنھنڪري، جڏهن ڪنھن فرد يا قوم کي اڳتي وڌندي يا پوئتي ويندي ڏسو، ته رڳو اهو نه سوچيو ته ان جي پويان دعا، بددعا يا قسمت جو ڪمال آهي. اهو به ضرور ڏسو ته ان فرد يا قوم کي ڪھڙيون ڪھاڻيون ٻڌايون ويون آهن ۽ انهن ڪھاڻين سندن اميدن ۽ روين کي ڪيئن شڪل ڏني آهي.
ڇو ته ڪھاڻيون رڳو ماضي بيان نٿيون ڪن؛ اهي اسان جون اميدون ٺاهين ٿيون، ۽ اميدون اسان جي عملن کي شڪل ڏين ٿيون.
