Homeسنڌنيوز اسٽوريخانداني ورثي ۾ تبديل ٿيل هڪ تاريخي ادبي ادارو

خانداني ورثي ۾ تبديل ٿيل هڪ تاريخي ادبي ادارو

نئين صورتحال

سنڌ جو ناميارو ادبي ادارو سنڌي ادبي بورڊ هڪ ڀيرو ٻيهر ميڊيا ۾ بحث جو موضوع بڻجي ويو آهي. اها صورتحال 6 مارچ 2026ع تي بورڊ جي موجوده چيئرمئن مخدوم سعيدالزمان جي مُدي پوري ٿيڻ کان ٻه ڏينهن اڳ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ بورڊ جي اڳوڻي ملازم حافظ احمدالدين پاران سنڌ حڪومت خلاف داخل ڪيل سي پي نمبر ڊي:489 2026 کان پوءِ پيدا ٿي آهي، جنهن ۾ هن مطالبو ڪيو آهي ته ”ڪورٽ سڳوري سنڌ حڪومت کي بار بار ساڳئي ئي ماڻهو کي مقرر ٿيڻ کان روڪي ۽  بورڊ جي چيئرمئن جي مقرريءَ لاءِ ڪو ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ، ايس او پي، معيار ۽ طريقئه ڪار طئي ڪري.“ هن لکيو آهي ته سنڌ جو وڏو وزير چيئرمئن ۽ سيڪريٽري جي مقرري ڪنهن به تعليمي قابليت، تجربي، اخباري اشتهار يا انٽرويو کان سواءِ ٿو ڪري، ۽ ان لاءِ هو پنهنجا اختيار استعمال ٿو ڪري.“ اھا درخواست جيڪا ايڊووڪيٽ آصف جمال سومري وسيلي حيدرآباد سرڪٽ بئنچ ۾ داخل ڪئي وئي آھي، تنھن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته بورڊ جي چيئرمئن جي مقرري ٽن سالن لاءِ هوندي آهي، پر موجوده چيئرمئن کي ٻيو مدو چئن سالن لاءِ ڏنو ويو، جيڪو قاعدن جي لتاڙ هيو. جڏهن ته هڪ ئي ڪٽنب کي نسل در نسل نوازڻ جي شڪايت پڻ ڪئي وئي آهي.

 هن درخواست کان پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌي ادبي بورڊ بابت سوشل ميڊيا تي ڳالهه ٻولهه جي نئين لهر شروع ٿي وئي آهي. سوشل ميڊيا تي متحرڪ نامور ليکڪ ممتاز بخاريءَ پنهنجي اسٽيٽس ۾ لکيو آهي ته ”هالا جي پيرن کي هاڻي سنڌي ادبي بورڊ مان هٿ ڪڍڻ گهرجن ۽ سرڪار هن اداري کي ڪو باصلاحيت چيئرمن ڏي، جيڪو سنڌي ادب کي اڄ جي جي دنيا سان سلهاڙي.“ ان تي شاعر عزيز گوپانگ لکيو:”سنڌي ادبي بورڊ ۽ ڪشمير گڏ آزاد ٿيندا.“ هڪ صارف لکيو:”ڪو نجڪاري ڪن، بس“. ساڳي پوسٽ تي نامور پبلشر علي نواز گهانگهري راءِ ڏني:”ٽرانسليشن بيورو کان بلوچ انسٽيٽيوٽ تائين جو ساڳيو حال آهي، جو سنڌ تي قابض حڪمراانن کي ٻولڙين طوطن کي چوڻو پاڻي ڏئي، پنهنجي پڃري ۾ ڦاسائي، تعريفي جملا، ياد ڪرايل ٻول ٻولرائڻا آهن.“

Sarangaa خانداني ورثي ۾ تبديل ٿيل هڪ تاريخي ادبي ادارو

تاريخ ۽ پسمنظر

سنڌي ادبي بورڊ سنڌ جو هڪ ناميارو ۽ تاريخي ادبي ادارو آهي، جنھن سنڌي ادب، ٻوليءَ، تاريخ، لغت، لوڪ ادب جي حوالي سان ڪئين غير معمولي تخليقي، تحقيقي ۽ علمي دستاويز شايع ڪيا آهن. هن اداري ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي سربراهيءَ ۾ لوڪ ادب اسڪيم تحت 40 جلدن ۾ سنڌي لوڪ کي گڏ ڪري شايع ڪيو. جڏهن ته سنڌي لغت اسڪيم ۽ سنڌ جي تاريخ سان لاڳاپيل ڪيترائي يادگار ڪتاب ڇپائڻ سبب هن اداري جي مڃيل حيثيت آهي. 1946ع ۾ شروع ٿيل هن اداري جي رسالي ٽماهي ’مھراڻ‘ جديد سنڌي ادب جي اڏاوت ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو، جنھن کي محمد ابراهيم جويي، غلام محمد گرامي، امداد حسيني، شمشيرالحيدريءَ ۽ نفيس احمد ناشاد جھڙن ايڊيٽرن سنڌي ادب ۾ نئين ادبي سجاڳيءَ جي تحريڪ ۾ بدلايو. ’مھراڻ‘ رسالي نه فقط تخليقي، پر تحقيقي ۽ فڪري ادب کي به زبردست هٿي وٺائي. هڪ سرڪاري اداري جي رسالي هجڻ باوجود ’مھراڻ‘ آمريتن ۽ انتھا پسنديءَ خلاف ويڙهه ۾ هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪيو. اداري پاران ٻارن لاءِ جاري ٿيندڙ رسالي ”گل ڦل“ گذريل ڪيترن ئي ادبي نسلن جي تربيت ۾ مک ڪردار ادا ڪيو. جڏهن ته عورتن لاءِ نڪرندڙ ”سرتيون“ وسيلي اڻ ڳڻيون نيون ليکڪائون اڀري سامهون آيون. وقت گذرڻ سان گڏ ڄاڻايل ٽيئي رسالا نه رڳو وقت سر ڇپجڻ بند ٿي ويا، پر هوريان هوريان  رسالن جي مواد ۽ پيشڪش جو معيار به ڪِرندو رهيو ۽ گذريل وڏي عرصي کان وٺي انهن رسالن جي سرڪيوليشن توڙي پڙهندڙن وٽ مقبوليت نالي ماتر وڃي بچي آهي.

”اسان ’گل ڦل‘ وارو نسل آهيون، جن ادب جي الف بي به اتان سکي. پر هاڻ ’گل ڦل‘ ڏسي، دل نٿي چوي ته پنھنجن ٻارن کي وٺي پڙهايون.“ هڪ سينئر اديب جو چوڻ هو، جنھن پنھنجي لکڻ جي ابتدا ئي گل ڦل کان ڪئي هئي.

بورڊ جي قاعدن ۾ لکيل آهي ته:

1: ادارو قديم قلمي نسخن کي جديد سنڌيءَ ۾ منتقل ۽ ترجمو ڪرائيندو ۽ ٻين ٻولين جو معياري ادب سنڌيءَ ۾ آڻيندو.

2: شاعري ۽ نثر جا معياري ادبي ڪتاب ڇپائيندو.

3: سنڌي اديبن جا عربي، فارسي، اردو ۽ سنڌيءَ ۾ خاص طور سنڌ جي تاريخ، ادب، لوڪ ادب يا ٻين لاڳاپيل موضوعن تي لکيل قديم قلمي نسخا گڏ ڪندو ۽ ڇپائيندو.

4: معياري لغت ۽ معياري سنڌي وياڪرڻ جا ڪتاب سھيڙڻ ۽ ڇپائڻ لاءِ قدم کڻندو.

 پر بورڊ جي انتظاميه گذريل ڪئين سالن کان ڪو ڳڻپ جوڳو معياري ادبي ڪم ڪرڻ بجاءِ اداري جي تزئين ۽ آرائش، ماڻهن کي نوازڻ جي خيال کان ڪيل لاتعداد ڀرتين، باغ باغيچن، گيٽ ٺھرائڻ، رنگ برنگي جهنڊا لڳرائڻ، شادي هالن جھڙي لائيٽنگ ڪرائڻ ۽ ٻين اڻ لاڳاپيل ڪمن تي پئسا خرچيندي رهي آهي. چيو پيو وڃي ته موجوده چيئرمئن مخدوم سعيد الزمان مبينه طور پنھنجي هڪ پٽ کي اداري جو ليگل ايڊوائيزر پڻ رکيو آهي. جڏهن ته ريٽائر ٿيندڙ ڪجهه ويجهن ملازمن جي مدي ۾ ٻيهر واڌ پڻ ڪئي وئي آهي،  سنڌي ادبي بورڊ جي مسجد جي اڳوڻي پيش امام حافظ احمد اها دعوا پڻ ڪئي آهي ته چيئرمئن جي پٽ مخدوم احمد زمان جي آفيس جي مرمت،(جيڪو هالا ضلعي ڪائونسل جو چيئرمئن آهي)، ادبي بورڊ جي پئسن مان ڪرائي وئي آهي. چيئرمئن کي لکيل پنھنجي خط ۾ هن الزام لڳايو آهي ته: ” 2026ع جي آخري قسم ساڍا چار ڪروڙ مان به اوهان ملازمن جون صرف پگهارون رکي، باقي بچيل رقم گل حسن درس سروري ۽ مشتاق لاکو ٺيڪيدار ضلع ڪائونسل جي چيئرمئن (مخدوم احمد زمان پٽ سعيد زمان) جي آفيس جي ڊيڪوريشن ۽ مرمت ڪرائي وئي آهي.“ بورڊ جي هڪ ملازم نالي نه لکڻ جي شرط تي ٻڌايو ته 2019ع کان وٺي هن وقت تائين اداري ۾ 60 کان وڌيڪ نوان ملازم ايڊورٽائيزمينٽ ۽ قاعدي قانون جي پاسداريءَ بنا ڀرتي ڪيا ويا آهن.

بورڊ جي تاريخ

ادبي بورڊ جو پھريون نالو ”سنڌي ادب (ساهت) لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ رکيو ويو هو. هن اداري جو پھريون چيئرمئن سيد ميران محمد شاهه (ٻيون) کي مقرر ڪيو ويو، جيڪو سيپٽمبر 1950ع تائين رهيو. 1950ع ۾ اداري جو نالو ”هاءِ پاور ايگزيڪٽو ڪميٽي فار سنڌي لٽريچر“ رکيو ويو، جنھن جو چيئرمئن سنڌ جو تڏهوڪو وزير تعليم ٿيو. ڊسمبر 1951ع ۾ اداري جو نالو تبديل ڪري، سنڌي ادبي بورڊ رکيو هيو، ۽ ان جو پھريون چيئرمئن تڏهوڪو وزير اعليٰ بڻيو. مارچ 1955ع تائين سنڌ جو وڏو وزير ئي سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمئن رهيو. مارچ 1955 کان سيپٽمبر 1961ع تائين به سنڌ جو تڏهوڪو وڏو وزير محمد ايوب کھڙو ئي بورڊ جو چيئرمئن رهيو. جڏهن ته ارباب غلام رحيم، عبدالقادر هاليپوٽو ۽ سيد قائم علي شاهه به وڏ وزارت دوران بورڊ جا چيئرمئن رهيا آهن. 1961ع ۾ پھريون ڀيرو نامور شاعر ۽ درگاهه نوح سرور جو گادي نشين مخدوم طالب الموليٰ کي پھريون ڀيرو بورڊ جو چيئرمئن مقرر ڪيو ويو، جنھن بعد مخدوم خاندان جا فرد مختلف دورن ۾ بورڊ جا چيئرمئن رهندا اچن ٿا.

بورڊ ۾ مخدوم خاندان جا آيل چيئرمئن

سنڌي ادبي بورڊ ۾ مخدوم خاندان جي چيئرمئن طور مقرري هيٺينءَ ريت رهندي آئي آهي:

-مخدوم طالب الموليٰ: نومبر   1961ع کان جولاءِ 1977 تائين

-مخدوم طالب الموليٰ-   1974ع

-مخدوم طالب الموليٰ 5 جنوري 1979ع کان اپريل 1992ع تائين. هن ئي نوٽيفڪيشن ۾ مخدوم جميل الزمان کي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر پڻ مقرر ڪيو ويو.

-مخدوم طالب الموليٰ   1992ع- کان 1994ع تائين.  هن ئي نوٽيفڪيشن ۾ وري مخدوم جميل الزمان کي بورڊ جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جو چيئرمئن به مقرر ڪيو ويو.

اداري جي خراب حالت، لاوارثي، تباهه حالي ۽ اديبن جي احتجاجن کان پوءِ نيٺ 9 مئي 1993ع تي سنڌ سرڪار بورڊ آف گورنرس کي هٽائي ڇڏيو ۽ نون اديبن تي بورڊ قائم ڪري، شمشيرالحيدريءَ کي بورڊ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو. خود 1993ع جي ’مهراڻ‘ رسالي پنھنجي نوٽ ۾ لکيو ته ”اٽڪل ڏيڍ سال تائين لاوارثيءَ جي حالت ۾ رهڻ کان پوءِ، بھرحال گذريل 9-مئي 1993ع کان سنڌ سرڪار نئون بورڊ جوڙيو آهي.“ ان بورڊ ۾ عبدالقادر جوڻيجو، محمد ابراهيم جويو، امر جليل، علي مير شاهه، تنوير عباسي عبدالجبار جوڻيجو، درشهوار سيد، نورالهدا شاهه ۽ ٻيا شامل هيا.

-مخدوم جميل الزمان- 4 جون 2010 کان

-مخدوم جميل الزمان- 12 مارچ 2014 کان

-مخدوم سعيد الزمان- 7 مارچ 2019 کان 6 مارچ 2022 (ٽن سالن لاءِ)

-مخدوم سعيد الزمان- 7 مارچ 2022 کان 6 مارچ 2026ع. (چئن سالن لاءِ)

مٿين انگن اکرن کي ڏسجي ته سنڌي ادبي بورڊ جي زندگيءَ جو چاليھه سيڪڙو بورڊ تي مخدوم صاحبان جي حڪمراني رهي آهي. ايترو ڊگهو عرصو رهڻ سبب هاڻ هي خاندان لڳ ڀڳ هن اداري کي ذاتي ورثي طور ڏسي ٿو. ملازمن جي اڪثريت به سندن شھر هالا ۽ سروري جماعت سان تعلق رکي ٿي، جنھن سبب هالا لاءِ بورڊ جي الڳ گاڏي نڪري ٿي.

بورڊ جي قانوني حيثيت

سنڌي ادبي بورڊ بظاهر هڪ سرڪاري ادارو آهي، جنھن کي سنڌ جي تعليم واري کاتي وسيلي گرانٽ ملي ٿي ۽ چيئرمئن يا سيڪريٽري جي مقرري به سنڌ سرڪار ڪري ٿي. البته اها هڪ حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه آهي ته بورڊ 1957 ۾ 1860ع واري سوسائٽيز ائڪٽ تحت جوائنٽ اسٽاڪ ڪمپنيز خيرپور ريجن ۾ رجسٽر ٿيل آهي، ۽ 1954ع ۾ ٺھيل بورڊ جي ”رُولس آف بزنيس“ ۾  واضح لکيل آهي ته ”بورڊ جو صدر ۽ نائب صدر به هوندا، جن جي چونڊ پھرين سالياني جنرل گڏجاڻيءَ ۾ بورڊ جا ميمبر ڪندا.“

Sarangaa خانداني ورثي ۾ تبديل ٿيل هڪ تاريخي ادبي ادارو

جيتوڻيڪ بورڊ جو ائڪٽ ٺاهي سنڌ اسيمبليءَ مان پاس ڪرائڻ کپندو هو، پر ان معاملي کي سنڌ حڪومت تي اثر انداز ٿيندڙ مخدوم ڪٽنب به نه ڪرائي سگهيو. مخدوم جميل الزمان جي چيئرميني واري دور ۾ بورڊ آف گورننس جي گڏجاڻيءَ کي آگاهي ڏني وئي هئي ته ”بورڊ لاءِ نئين آئين جو مسودو تيار ڪري، حڪومت سنڌ جي قانون واري کاتي جي حوالي ڪيل آهي، جيڪو جلد اسيمبليءَ مان بل جي صورت ۾ پاس ڪرائبو.“ پر اهو بل پاس ڇو نه ٿيو يا اهو ڪيڏانھن ويو، ان جي خبر خود بورڊ جي انتظاميه کي به نه آهي.

لوگو مان ڍڳي جي بيدخلي ۽ اديبن جو احتجاج

گذريل وڏي عرصي کان وٺي سنڌي ادبي بورڊ جي ڪارڪردگي، معيار ۽ ان ۾ ٿيندڙ فيصلا ادبي حلقن ۾ سخت تنقيد هيٺ رهندا آيا آهن. خاص طور سنڌي ادبي بورڊ جي سڃاڻپ بڻيل موهن جي دڙي واري ڍڳي کي لوگو مان ڪڍڻ بعد سوشل ميڊيا لاڳيتو ان موضوع تي ڳالهائيندي رهي آهي. سنڌي اديبن جي نمائنده تنظيم سنڌي ادبي سنگت پڻ لوگو جي بحاليءَ لاءِ احتجاجي مظاهرا ۽ بک هڙتالون ڪيون، پر بورڊ انتظاميه ڍڳي وارو لوگو بحال نه ڪيو. ”بورڊ جي لوگو مان ڍڳي جي بيدخلي سنڌ جي نقشي سان محبت ۾ نه مخصوص مذهبي مائينڊسيٽ جي نتيجي ۾ ٿي. هي اهو ئي لڏو آهي، جيڪو چوي ٿو ته مهين جي دڙي ۾ ڪافر رهندا هئا ۽ انهن جي علامتن کي استعمال ڪرڻ به ڪفر آهي. افسوس ته اهڙا ماڻهو اهم ادارا هلائي رهيا آهن.“ هڪ سينئر اديب، جيڪو سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي اڳواڻ به رهيو آهي، تنھن سارنگا آنلائن سان ڳالهائيندي چيو.

Sarangaa خانداني ورثي ۾ تبديل ٿيل هڪ تاريخي ادبي ادارو

ڇا بورڊ ۾ ڪا تبديلي ايندي؟

 هن وقت سنڌي ادبي بورڊ جي گرانٽ 17 ڪروڙ آهي، جيڪا سنڌ جي ٻئي ڪنهن به علمي ادبي اداري جي نه آهي. هن گرانٽ جو وڏو حصو بورڊ جي ملازمن جي پگهارن، سهولتن ۽ غير ادبي ڪمن تي خرچ ٿئي ٿو. هڪ وڏو حصو انهن ملازمن جي پگهارن ۾ هليو وڃي ٿو، جيڪي موجوده چيئرمئن بنا ڪنهن اشتهار، ٽيسٽ يا انٽرويو جي کنيا آهن.

ادبي بورڊ جو بنيادي ڪم ادب ۽ خاص طور نئين ادب جي اشاعت، ادبي سرگرمين کي هٿي وٺائڻ، سماج ۾ ادب ۽ اديب جي ڪردار کي اجاگر ڪرڻ آهي، پر گذريل وڏي عرصي کان وٺي بورڊ نئين ادب ۽ نون ادبي لاڙن جي ترويج کان ڪوهين ڏور آهي. ڪا مُک سالياني ادبي تقريب نٿو ڪري، ٻاهرين ٻولين مان ادبي ترجما نٿو ڪرائي، سنڌي ٻوليءَ کي ٻين ٻولين ۾ منتقل نٿو ڪرائي ۽ ڪانفرنسون، سيمينار،ورڪشاپ يا ادبي ميلا ته هن جي اوليت به نه آهن. نتيجي ۾ سوشل ميڊيا تي ماڻهن جو هڪ وڏو انگ هر هفتي ٻئي ادبي بورڊ جي انتظاميه ۽ ان جي پاليسين تي تنقيد ڪندو رهي ٿو. پر اهڙو احتجاج بورڊ جي لوگو ۾ ڍڳي جي واپسي ممڪن بڻائي نه سگهيو، ته اداري ۾ چيئر جي تبديلي ته بنهه وڏو ڪم آهي. خود سنڌي اديبن جي نمائنده جماعت سنڌي ادبي سنگت جو هن سموري صورتحال تي ردعمل به ”دوستاڻي احتجاج“ جھڙو نظر آيو آهي.

هن وقت صورتحال اها آهي ته احمد جي درخواست ڪورٽ ۾ داخل ته ٿي وئي آهي، پر ان تي ٻڌڻي 12 مارچ تي رکي وئي آهي. جڏهن ته موجوده چيئرمئن مخدوم سعيد الزمان جي ٽيهر مقرريءَ جي سمري تعليم کاتي مان نڪري، وڏي وزير جي ٽئبل تائين پهچي چڪي آهي.

جيتوڻيڪ سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمئن مخدوم سعيد الزمان عاطف روايتي طرز جو شاعر به آهي، پر هن جي مقرريءَ جو سبب شاعر هجڻ نه، بلڪ هالا جي مخدوم خاندان سان وابستگي ۽ سياسي اثر رسوخ آهي. مخدوم سعيد الزمان هالا جي مخدوم خاندان سان لاڳاپيل ٽيون فرد آهي، جيڪو بورڊ جو ٻيون ڀيرو چيئرمئن ٿيو آهي. جيتوڻيڪ مخدوم سعيدالزمان جو مدو 6 مارچ 2026ع تي پورو ٿي رهيو آهي، پر سرڪار جي ادبي بورڊ ڏانھن لاتعلقي واري پاليسي، مخدوم خاندان جي سياسي اثر رسوخ ۽ ادبي برادريءَ جي عدم دلچسپيءَ مان نظر اهو ئي ٿو اچي ته سنڌي ادبي بورڊ جي مقبوضه صورتحال ۾ ڪابه تبديلي ناهي اچڻي ۽ مخدوم خاندان جو تسلط ايئن ئي برقرار رهندو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا