مائي ڪِرڙي عرف غلام فاطمہ ڪِيريو
مائي ڪرڙي کان جڏهن مشھور صحافڻ نفيسہ شاه سندس ڳوٺ ۾ انٽرويو ڪرڻ آئي ته، گفتگو کان اڳ هن جهوني حُرياڻي ڏاڍو دلچسپ جملو چيو.
”امان! تون منھنجي ڌيئر برابر آهين، ۽ منھنجي مهمان آهين،! پر جي تون منھنجي مرشد خلاف ڪجهه لکندينءَ يا گفتگو ڪندينءَ ته آئون هنن هٿن سان توکي مار ڪڍنديس.“
حُرتحريڪ دوران سڀني کان وڌيڪ عورتن ڀوڳيو ۽قربانيون ڏنيون، هزارين عورتون حُرڪئمپن توڙي جيلن ۾ قيد رهيون، ڪيتريون عورتون گُم ڪيون ويون، ڪن کي قتل ڪيو ويو. حُر جماعت جي اهڙن ئي عورت ڪردارن مان هڪ اهم ڪردار مائي ڪرڙي عرف غلام فاطمھ جو به هيو.
مائي فاطمه، جي والد جو نالو مريد فقير ڪيريو هو. اصل ويٺل ڳوٺ جانب ڍوري، سانگهڙ تعلقي مکيءَ جا رهاڪو هئا. مکيءَ جو علائقو نه صرف پنھنجي فطري حسن سان خوشحال علائقو هيو، پر ان جا رهاڪو به ڏاڍا سکيا ستابا مالوند ماڻهو هئا. هيءُ هڪ خوشحال خاندان هو، جيڪو حُرمارشل لا دوران ٻين حُر خاندانن وانگي مالي توڙي جاني طور گهڻو متاثر ٿيو. سندن سمورو خاندان حُرتحريڪ دوران قربان ٿي ويو.
جڏهن اڃا حرن خلاف مارشل لا ڪونہ لڳي هئي، ان وقت هرڪو پنھنجي ٻارن ٻچن ويڙهن ۾ خوش هو. انهن خوشين ڀرين لمحن ۾ نوجوان نينگري مائي ڪِرڙي عرف فاطمه کي ڪھڙي خبر ته حُرايڪٽ جي آڙ ۾ سندن مٿان مارشل لا جھڙي مصيبت نازل ٿيڻ واري آهي. انگريز سامراج جڏهن پھرين جون 1942ع ۾ سنڌ جي اوڀر پاسي مارشل لا لاڳو ڪيو، ان کان اڳ انهن ريڊيو توڙي اخبارن ۾ مَکيءَ جي رهاڪن کي علائقو خالي ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو هو. ان دور ۾ ڪٿي انهن ماڻهن وٽ ريڊيا هئا يا ٻھراڙيءَ جا ماڻهو اخبار پڙهندڙ هئا، جو کين انگريز سامراج جي نادري حڪمن جي خبر پوي. مارشل لا لڳي چڪو هئو. ملٽري پاران مکيءَ جي ايريا توڙي اڇڙو ٿر، سانگهڙ ۾ آپريشن جاري ٿيو.
بقول مائي ڪِرڙيءَ جي ’سندس والد مکيءَ ۾ مال پئي چاريو ته اوچتو انگريز ملٽري اچي ڳوٺ کي گهيرو ڪيو. مائي فاطمہ جي والد ملٽري کان نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته سندن مٿان فائرنگ ڪيائون، جنهن تي سخت زخمي ٿي پيو. کيس اسپتال نيو ويو، پر زندگيءَ جي جنگ هارائي ويو. هن شھيد کي گمنام قبر ۾ دفن ڪري ڇڏيائون. ائين جيئن ٻيا ڪيئي حُر گمنام قبرن ۾ دفن ٿي ويا هئا. ڪيترا ئي حُر مِسنگ پرسن آهن، جن جو اڄ تائين پتو پئجي نه سگهيو آهي ته سندن مدفن ڪٿي آهن!
جڏهن خيرپور جو ناظم غلام رسول شاه کينواري جي قلعي ۾ حُرن سان مزاحمت ۾ مارجي ويو، ردعمل ۾ پوليس ۽ فوج سخت ردعمل ڏيکاريو. انهن ئي ڏينھن ۾ مائي فاطمه جي ڳوٺ تي گهيرو ڪيو ويو. ان وقت سندس ٽي ڀائر غازي فقير محمد رمضان، عالم فقير ۽ ننڍو ڀاءُ محمد اسماعيل گهر ۾ موجود هئا. رمضان فقير جيڪو گهر جي ڇت تي ستل هو، اهو گولين جي وسڪاري دوران گهوڙي تي بنا سنج وجهڻ جي چڙهي گهيري مان نڪري ويو. پوئتي پاڻ فاطمه، ٻه ڀائر ۽ ماءُ وڃي رهيا. پوليس ۽ ملٽري گهرن ۾ پيل سامان کڻي وئي. اَن رکڻ جون گُنديون ٽوڙي ڇڏيائون، باقي جيڪو بچيو، گهر سميت ان کي باه ڏيئي ڇڏيائون. انهن ڏينهن ۾ حُرن جي ڪيترن ئي ڳوٺن کي باهه ڏيئي ساڙيو ويو هو. مٺي پاڻيءَ جا کوه پُوريا ويا. مائي فاطمه جي خاندان جون ٽيھه چاليھه مينھون هيون، جيڪي ملٽري وارا ڪاهي ويا.
سائين الهورائي بھڻ سان ڪچهري ڪندي مائي فاطمه ٻڌايو ’اسان عورتن کي گرفتار ڪري اچي جهول حُرڪئمپ ۾ پيش ڪيائون، جتي اڳي ئي ٽي سئو عورتون، ٻارن سميت گرفتار ٿيل هيون. منھنجو ڀاءُ غازي محمد رمضان گرفتار ٿيو ته ، ان کي هڪ مھينو باکوڙو پوليس چوڪيءَ تي کيس ڪُٽيندا رهيا. ايترو ته هن کي ٽارچر ڏنائون، جو سندس سمورو جسم زخمن سان ڀرجي سُڄي ويو. پر نه هن پنھنجي مرشد خلاف شاهدي ڏني، نه ٻين حُر فقيرن متعلق معلومات ڏني. اتان کان کڻي کيس حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ رکيائون. ان بعد سزا ڏيئي کيس ولايت جيل ڏانھن موڪلي ڇڏيائون. (جنھن کي حُرفقير ڪاروپاڻي به سڏيندا هئا) منھنجي مٿان پوليس پنجاه ماڻهن جي خون جو ڪيس داخل ڪيو. مونکي شھيد سورهيہ بادشاه جي تصوير ڏيکاري پڇندا هئا، ’هن کي سڃاڻين ٿي؟‘ مان چوندي هيس، ’هائو، هي منھنجو مرشد آهي.‘ پوءِ چوندا هئا، ’ڦُرٿيل ملڪيت ڪٿي آهي،؟‘ مان چوندي هيس، ’اسان ڪي ڌاڙيل ٿوروئي آهيون. اسان ته مرشد جي لاءِ سڀ ڪجهه ڪيون پيا.‘ اسان کي پوليس انسپيڪٽر محمد صالح ڏهراج ۽ يوسفاڻي ڏاڍو ماريو. هو چون ته، ’تون چئو پيرصاحب اسان کي ماڻهو مارڻ جا حُڪم ڏنا آهن.‘ مون چيو، ’پيرسائين، اسان کي چار تسبيحون لا الاه الله جي ذڪر جون ڏنيون هيون. هن اسان کي ڪو ٻيو ڪو حڪم ڪونه ڏنو.‘ انهي تشدد دوران هتي هڪڙو چغل جماعتي به ويٺو هوندو هو، جيڪو چوندو هو، هي بچو فقير جي پوٽي آهي، سچي ڪڏهن به ڪونه ڪندي. پوءِ اتي هڪ بگٽي صوبيدار هو، ان کي اسان تي رحم اچي ويو، جنھن کي مون چيو، صاحب مونکي ڪئمپ تي پُھچايو. پوءِ ان مونکي عورتن واري ڪئمپ تي پُھچايو، پوءِ هڪ ڏينھن اتي به صالح ڏهراج ڪاغذ کڻي پڇا لاءِ آيو. پوءِ ان وقت مون، لالي وساڻ، ماسي ساران ۽ ٻين ماين سان گڏجي ڏهراج کي کوڙي ڀونڊا ڏنا، ۽ ان تي حملو ڪيوسين، پوءِ ڀڄي ويو. ڇھه مهينا ڪئمپ تي رهڻ بعد حيدرآباد سينٽرل جيل موڪليو ويو. اسان کي هٿ ڪڙيون هڻي وٺي وڃڻ جو حڪم هو، پر پوءِ… مون سان گڏ بچان نظاماڻڻ، راستي راڄڙ لقمان فقير غازي شهيد جي ڀيڻ گڏ هيون. اسان کي ماڙي تي گهرائي چوندا هئا: ’اوهان کي پيرپاڳاري چيو هو ته ماڻهو قتل ڪريو، ۽ ٻين غازي فقيرن جا نالا ٻڌايو.‘ اسان جو ساڳيو جواب هوندو هو. منھنجو پيءُ ته ملٽري شھيد ڪري ڇڏيو هو، پويان امان به گذاري وئي، جنھن جو گهڻو ڏک ٿيو. انهي ڏک ۾ هيس، اتي هڪ هندو جمعدارياڻي اچي جهيڙو ڪيو. مان اڳي ئي سُورن، ڪاوڙ ۾ ڀري پئي هئيس. مون به هڻي ڏند ڀڃي ڇڏيامانس، اتي اچي ٻيون مايون گڏيون. پوليس گڏ ٿي، مونکي جيلر اڳيان پيش ڪيو ويو، اتي هڪ چوهاڻ ذات جي وڏي جعمدارياڻي هئي، تنھن منھنجو ساٿ ڏنو. ان چيو ته هي پنھنجي جاءِ تي خاموش ويٺي هئي، هروڀرون جمعدارياڻي وڃي هن کي گهٽ وڌ ڳالهايو. ائين ڪال ڪوٺڙيءَ جي سزا کان بچي ويس.
جيل ۾ رهڻ دوران ڪيس هليو، پر مون تي ڪو ڏوه ثابت ڪونه ٿيو، ان بعد مونکي واپس نواب شاه جي حُرڪئمپ ڏانھن موڪلي ڇڏيائون. (حوالو: الھورايو بھڻ، جهونگار نمبر: 8 )
هن بھادر عورت سان نالي واري صحافي اسحاق مڱريي به گفتگو ڪئي هئي، ۽ جناب الهورائي بھڻ صاحب پڻ جيڪو ٻاروتڻ ۾ نواب شاه جي لوڙهي ۾ مائي ڪرڙي عرف فاطمه سان گڏ قيد هو، جنھن جو احوال هن پنھنجي يادگيرين ۾ به لکيو آهي، کيس پنھنجي ڀيڻ ڪري سڏيو آهي. محمد عمر چنڊ صاحب به مائي فاطمه جي انٽرويو جي پسمنظر ۾ مضمون لکيو، جنھن مان خبر پوي ٿي ته هيءَ بهادر عورت پنھنجي ڀاءءُ محمد رمضان ڪيريي سان ڪيترو عرصو مکيءَ جي جهنگلن ۾ روپوش رهي. سندس ڀاءُ حفاظت ڪندو رهيو. حُر تحريڪ جي اهڙن ڪردارن تي محمد عثمان ڏيپلائي سانگهڙ ناول لکيو، ۽ ملهار فقير پنھنجو ڪتاب بھادر ڀينرون پڻ لکيو. حُرتحريڪ دوران عورتن جي قربانين تي الڳ تحقيقي ڪتاب لکڻ جي ضرورت آهي، جيئن نئين نسل کي سنڌ جي انهن عورتن جي لازوال قربانيءَ جي ڄاڻ ملي.
آخر ۾ هيءَ بهادر عورت خدا بخش ڪيريئي جي ڳوٺ ۾ رهندڙ 20 نومبر 1998ع تي وفات ڪري وئي. سندس يادگيريون، ڪتابن جي ورقن ۾ محفوظ ڪرڻ جھڙيون آهن.
