2017–18 جو سال. ڪراچيءَ جا روڊ، ٽرئفڪ جو شور، ۽ هڪ عام ڏينھن، جنھن منھنجي زندگيءَ جي سوچ بدلائي ڇڏي.
مان عورتن جي قومي سڃاڻپ ڪارڊ رجسٽريشن مھم جي اڳواڻي ڪري رهي هيس. هزارين عورتن کي قومي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيارڻ منھنجو ٽارگيٽ هو. اهو وقت اڄ جيان آسان نه هو. رجسٽريشن جو عمل پيچيده، اڻکٽ ڪاغذن جون گهُرجون ۽ وقت وٺندڙ هو. هر فارم، هر تصديق، هر دستخط هڪ الڳ ٿڪائيندڙ جدوجھد هئي.پر هڪ ڏينھن، هڪ سگنل تي بيٺل گاڏيءَ ۾ ويٺي، مون هڪ اهڙو سوال ٻڌو، جيڪو ڪنھن به ٽارگيٽ کان وڏو هو.
اهڙو سوال، جيڪو دل ۾ لھي ويو.
گاڏي ڳاڙهي سگنل تي بيٺي. ٻه ٽين جنس رکندڙ ماڻهو شيشي ڀرسان آيا. هٿ اڳتي وڌايائون. پئسا گهريائون.
عام طور ماڻهو نظرون ڦيرائي ڇڏيندا آهن، يا خوف کائيندا آهن، پر جيئن ته مان برابريءَ واري خيال جي اصولن تي زندگي گذارڻ واري آهيان، تنھنڪري مون شيشو هيٺ ڪيو. مون پڇيو:
”نوڪري ڇو نٿا ڪريو؟ ڪو ڪم ڇو نٿا ڪريو؟ هر روز روڊ تي بيھڻ اوهان کي تڪليف نٿو ڏئي“. هڪدم سندن چھري جا تاثر بدلجي ويا.
انهن جي اکين ۾ هڪ اهڙو درد نظر آيو، جيڪو لفظن کان وڏو هو. انهن مان هڪ چيو:
” اسان کي ڪير سڃاڻي ٿو؟ ڪھڙي آ سڃاڻپ? نه ڪير اسان جو آهي، نه اسان کي ڪير قبول ڪندو آهي. هر ڪنھن جي رويي ۽ نظر ۾ اسان لاءِ ڌڪار هوندي آهي.
نه اسان مرد آهيون، نه عورت.
اسان جو نه گهر ۾ نالو آهي، نه سماج ۾ جاءِ.
اسان وٽ پنڻ يا ڊانس ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪھڙو رستو آهي؟
اسان جي ڪا سڃاڻپ ناهي.
ڪڏهن بدتميزي ٻڌڻي پوندي آهي، ڪڏهن گاريون ملنديون آهن، ته ڪڏهن ڌمڪيون.
اسان کي هراسان ڪيو ويندو آهي، تنگ ڪيو ويندو آهي.
اسان کي نوڪري نه ملندي آهي، نه عزت.“
انهن لفظن مون کي اندر تائين ڌوڏي ڇڏيو. ان وقت منھنجا ٽارگيٽ ڪمفرٽ زون تائين محدود هئا. پر پوءِ سُڪل پن ڄڻ ڇڻي ڪِري پيا ۽ ذهن ۾ انساني برابريءَ لاءِ ذميداري نڀائڻ جي عزم سائي گونچ جيئن جنم ورتو.
سگنل به سائو ٿيو. گاڏي اڳتي وڌي وئي ۽ منھنجي سوچ به نئين اتساھ، نئين مقصد سان اڳتي وڌي .ان ڏينھن مون کين پنھنجو نمبر ڏنو. مون چيو، جيڪڏهن اوهان سنجيده آهيو، ته رابطو ڪجو. شايد اسين گڏجي ڪجهه ڪري سگهون.
ڪجهه ڏينھن کان پوءِ هنن رابطو ڪيو، ۽ مون هڪ فيصلو ڪيو، ته مان صرف انگن لاءِ ڪم نه ڪنديس. مان سڃاڻپ لاءِ ڪم ڪنديس.

عورتن جا شناختي ڪارڊ ٺھرائڻ واري مھم جاري هئي ۽ مون ان ۾ ٽرانسجينڊرس کي به شامل ڪيو. مون لاءِ شھريت ڪنھن هڪ صنف تائين محدود نه هئي.
نادرا ۾ موجود ڪجهه سنڌي آفيسرن جو مثبت رويو اميد جو سبب بڻيو. رجسٽريشن جا مرحلا طئي ٿيا. ڪجهه ماڻهن کي سندن چونڊيل سڃاڻپ سان شناختي ڪارڊ ملي ويا.
اهو رڳو هڪ ڪارڊ نه هو. اها سندن وجود جي قبوليت هئي. جڏهن رپورٽنگ جو مرحلو آيو ته انهن مان ٽن ماڻهن پنھنجي سڃاڻپ ”مرد“ طور چونڊي. ڊونر ٽارگيٽ صرف ”عورتن“ لاءِ هو. اهي ٽي نالا لسٽ مان خارج ڪيا ويا. انگ گهٽجي ويا.
پر مون لاءِ سوال اهو هو ته، ڇا انگ اهم آهن، يا انسان؟
پاڪستان ۾ Transgender Persons (Protection of Rights) Act, 2018 خود سڃاڻپ جي حق کي تسليم ڪري ٿو. اهو قانون چوي ٿو ته هر ٽين جنس رکندڙ شخص پنھنجي سڃاڻپ پاڻ چونڊي سگهي ٿو، پر قانون لکڻ ڪافي ناهي. اصل امتحان ادارن جو آهي، اصل امتحان ڊيولپمينٽ فريم ورڪ جو آهي، اصل امتحان اهو آهي ته ڇا اسان انگن کان مٿي انسان ڏسي سگهون ٿا؟
اهي ٽي ماڻهو شايد منھنجي ڪارڪردگيءَ جي شيٽ ۾ شامل نه ٿي سگهيا. پر منھنجي زندگيءَ جي ڪتاب جو اهي سڀ کان اهم صفحو آهن. ڇو ته مون انهن کي صرف هڪ ڪارڊ نه ڏياريو .
انهن کي اهو حق ڏيارڻ ۾ حصو ورتو، جيڪو هر انسان جو بنيادي حق آهي. پنھنجي سڃاڻپ چونڊڻ جو حق.
ٽين جنس جي ماڻهن کي مڪمل اختيار هجڻ گهرجي ته هو پنھنجي سڃاڻپ پاڻ چونڊين، مرد، عورت يا ٽين جنس طور. ۽ رياستي ۽ غير رياستي ادارن تي لازم آهي ته ان چونڊ کي بنا شرط جي قبول ڪن. سڃاڻپ ڪا خاني ۾ ڇڪيل لڪير يا ٽِڪ مارڪ ناهي. سڃاڻپ انسان جو وجود آهي.
اڄ به جڏهن ڪنھن سگنل تي بيھندي آهيان، ۽ ڪو هٿ شيشي تي اچي ٿو، ته مان رڳو هڪ ڳالهه سوچيندي آهيان:
ڇا اسان مان ڪيترا ئي ماڻهو رڳو ان ڪري پوئتي نه رهجي ويا آهن، جو اسان کين سڃاڻپ ڏيڻ لاءِ تيار نه هئاسين؟
جيڪڏهن ترقيءَ جو مطلب سڀني کي ساڻ کڻڻ آهي،ته پوءِ اسان کي انگن کان مٿي انسان ڏسڻو پوندو. ڇو ته اصل ترقي اها آهي، جتي هر انسان کي پنھنجيءَ سڃاڻپ سان جيئڻ جو حق ملي.
