Homeادببلاگحَسن جي حُسن جي ھاڪ

حَسن جي حُسن جي ھاڪ

زندگي ڀلي اهڙي
ٽڪ تي رليءَ جھڙي
مان وڇايان، تون نه ويھين
ڇو نه پوءِ ويڙهي ڇڏيان!

زندگي هن وٽ واقعي به ٽُڪ واري رليءَ جھڙي هئي…..صبح جو موبائيل ته وقت ڏسڻ لاءِ آن ڪيم، پر هڪ خراب خبر وقت جو اڳ جهليو بيٺي هئي….”حسن درس گذاري ويو.“ ان کان پوءِ No more…sad demise ۽ حسن جي شعرن وارا ايس ايم ايس ايندا رهيا. گذريل هفتي کان جڏهن طارق عالم جو وڇوڙو ٿيو آهي، تڏهن کان No more جھڙي منحوس ٽرم وارا الائي ڪيترا ايس ايم ايس ايندا رهيا آهن، پر اهو تصور ۾ به نه هو ته اڄ اهو ساڳيو منحوس ٽرم حسن درس جي حوالي سان به اچي سينو جهليندو. منھنجي هن سان فون تي آخري ڀيرو ڳالهه ان رات ئي ٿي هئي، جنھن صبح تي هن کي سدائين لاءِ وڇڙڻو هو. مون هن کي فون ڪئي ته صبح جو ملڻو آهي، 11 وڳي جو وقت مقرر ڪيوسين، پر شايد هن جو ڪنھن ٻئي هنڌ وقت مقرر ٿيل هو….جنھن ڏينھن طارق گذاري ويو هو، تدفين کان وٺي شام دير تائين اسان گڏ هئاسين، ۽ مون جڏهن هن کي هڪ ڏينھن پھرين فون ڪيو ته ان وقت به هن ٻڌايو ته ميڊم مھتاب کي طارق وارن جي گهر وٺي آيو آهيان، اتي ويٺا آهيون. مان محسوس ٿو ڪريان ته ڄڻ هو طارق جو ڏک ونڊيندي ونڊيندي سنڌ کي هڪ اهڙو ڏک ڏئي هليو ويو آهي، جيڪو ان جي سيني ۾ اونهاري جي باهه جيان دکندو ئي رهندو…اها سنڌ، جنھن کي هن پرينءَ جو پاڇو ڪوٺيو هو. هن لاءِ ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو هئي، ۽ سارا پرين ڄڻ ته سنڌ هئا، جيڪي هن لاءِ جر تي جرڪن پيا.
حسن درس ڇا هو؟ ان سوال جو جواب ڪراچيءَ ۾ برٽش ڪائونسل طرفان ٿيل لٽرري فيسٽيول ۾ حسن جي ئي ويجهي دوست محمد حنيف (ايڪسپلوڊنگ مينگوز جي ليکڪ) ان جو تعارف ڪرائيندي ڏاڍي بھتر نموني ڏنو هو. هن چيو هو ته ”مان جڏهن حسن سان 20 سال پيرين مليو هئس، تڏهن هن ٻڌايو هو ته هو شاعر آهي، ۽ اڄ جڏهن هن سان 20 سالن کان پوءِ مليو آهيان، تڏهن به هو شاعريءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه نٿو ڪري….” واقعي به هن شاعر ٿيڻ پئي چاهيو، شاعر ٿيو، ۽ پويان هن سموري سنڌ سان گڏ پنھنجي شاعريءَ کي به سوڳوار ڇڏيو آهي. شاعر لفظن کي ريجهائيندا آهن، ۽ لفظ شاعرن کي ريجهائيندا آهن، انهن درميان جيڪا لڪ لڪوٽيءَ جي راند هلندي آهي، سا راند جھڙي نموني حسن سان هلندي رهي، مان سوچيان ٿو ته ڄڻ لفظن کي ريجهائڻ وارو شاعر وڇڙي ويو آهي. مون کي لڳي ٿو ته جيئن استاد بسم الله خان جي موت کان پوءِ ان وانگر ڪير شھنائي نٿو وڄائي سگهي، تيئن حسن وٽ لفظن سان راند جو جيڪو هنر هو، ۽ ڊڪشن جو جيڪو آرٽ هو، سو ٻئي ڪنھن جي وس ڳالهه شايد ئي هجي. هن مون کي ٻڌايو هو ته ”مون شاعر ٿيڻ لاءِ درگاهه مشائخ ۾ دعا گهري هئي.“ ماڻهو درگاهن تي پٽ پنڻ لاءِ ويندا آهن، ۽ هيءُ انوکو ماڻهو هو، جنھن درگاهه تي وڃي شاعر ٿيڻ جي دعا گهري…. شاعر ٿيڻ جي دعا، سا به سنڌ ۾، جتي شاعريءَ جي وڏي ۾ وڏي موٽ ”واهه واهه“ کان اڳتي ڪجهه به ڪونهي. ان ديس ۾ ڪو ماڻهو ڪنھن درگاهه تي وڃي شاعر ٿيڻ جي دعا گهري ته اهو ماڻهو يقينن غير روايتي هوندو. پر اها دعا جھڙي نموني سان اگهامي، تنھن رڳو حسن درس کي ئي نه رڱيو، پر سموري سنڌي شاعريءَ کي رڱي ڇڏيو. هڪ غير روايتي ماڻهوءَ جي شاعري به غير روايتي هئي، پر هن جڏهن روايتي موضوع کنيا ته انهن کي به اهڙو رنگين بڻائي ڇڏيائين، جيئن عيد ڏهاڙي ٻارن جا ڪپڙا…..انيڪ رنگن وارا.

مالهي ويو آ ماني کائڻ،
تنهائي پئي ٿي باغ سنڀالي!
ڪيترو نه غير روايتي شعر آهي. سنڀال جو تصور سدائين ڪنھن ماڻهوءَ جي هجڻ سان آهي، پر حسن هتي تنهائيءَ کي باغ جي سنڀال لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو آهي، يا وري هن جون هي سٽون ته:
ٿڌ وسي ٿي واريءَ تي
ٿوهر ٿوهر ننڊ ڪري ٿو.
هو شروع کان شاعر هو، ۽ آخري دم تائين شاعر ئي رهيو. جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاسي ڏني وئي هئي، تڏهن حسن ستين درجي ۾ پڙهندو هو، ۽ هن ئي هن شاعريءَ جي شروعات ڪئي هئي، ۽ اهو لازوال شعر تخليق ڪيو ته، ”ڦاسيءَ جي جهولي ۾ هن کي ننڊ اچي وئي.“ جيڪو شعر پوءِ جيالن جي هر جلسي ۾ پڙهيو ويندو هو. شاعرن کي شعر لکڻ لاءِ رڳو زندگيون Motivate ناهن ڪنديون، پر ڪي اهڙا موت به شعر لکڻ لاءِ اتساهيندا آهن، جن موتن ۾ دراصل زندگي لڪل هوندي آهي. ڪيڏي نه اتفاق جي ڳالهه آهي، جو حسن شھيد ڀٽي جي موت تي به لازوال سٽون تخليق ڪيون، ۽ جڏهن محترمه بينظير جي شھادت ٿي هئي، تڏهن به هن انوکي شاعر هن کي جيڪا ڀيٽا ڏني، ان جو ڪو متبادل ٿي نٿو سگهي.
ادي هيءَ آجيان ڪھڙي
وئي جا موڪلاڻي ٿي!
هي اهڙي مصرع آهي، جنھن هڪڙي مصرع ۾ محترمه جي 18 هين آڪٽوبر آمد کان 27 ڊسمبر شھادت تائين جو ڄڻ ته سمورو منظر چٽجي وڃي ٿو. بينظير جي جيڪا آجيان ٿي هئي، سا ڄڻ ته موڪلاڻي ئي هئي، ۽ لڳي پيو ته هوءَ وطن وري ئي موڪلائڻ لاءِ هجي. پر ان ڪيفيت ۽ منظر کي حسن جھڙو ڪو شاعر ئي سمجهي سگهي ٿو. هو زندگيءَ سان ڀرپور شاعر هو، ۽ هن جي زندگيءَ شاعريءَ سان ڀرپور هئي. خيال هن جي ذهن جي ڊانس فلور تي حسينائن وانگر گڏ ٿيندا هئا، ۽ پوءِ اهي حسينائون حسن جي شاعريءَ ۾ تبديل ٿي وينديون هيون. اوهان حسن جو ڪو به شعر کڻي ڏسو، ان ۾ اوهان کي جيڪا جماليات ملندي، ان مان ئي اندازو هڻي سگهجي ٿو ته حَسن حُسن جي ڪيترو ويجهو هو.
اها سنڌ، جنھن کي حسن پرينءَ جو پاڇو ڪوٺيو هو، سا سنڌ ته ساڳي آهي، پر ان سنڌ ۾ اڄ حسن ڪونهي. سنڌ جون گهٽيون، روڊ رستا، حيدرآباد ۽ ان حيدرآباد جون هوائون هتي ئي رهجي ويون آهن، پر حسن ڪونهي، ۽ اهي هوائون حسن کي يقينن ڳولينديون، ان جي ئي شعر وانگر ته،
هيءَ هوا تنهنجي حسن جي هاڪ ۾،

1 COMMENT

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا