Homeادببلاگ”ڪروڌ“ جي دنيا

”ڪروڌ“ جي دنيا

ممتاز بخاري
ممتاز بخاري
ممتاز بخاري سنڌي ۽ اردوءَ جو نامور ليکڪ آهي، جنھن فڪشن، ڊرامي ۽ ادبي تنقيد جي موضوع تي اهم ڪتاب لکيا آهن. هو سنڌيءَ جو نامور صحافي به آهي، جنھن ڪيترن ئي اهم موضوعن تي دستاويزي فلمون ۽ اسٽوريز به ٺاهيون آهن. وڏي عرصي کان وٺي هو مختلف اخبارن توڙي سوشل ميڊيا لاءِ منفرد موضوعن تي مضمون ۽ بلاگ لکندو رهي ٿو.

”گرانٽا“ رسالي جي 174 هين شماري ۾ فرينچ-آمريڪي آرٽسٽ ۽ ليکڪا لوئي بورخيس Louise Bourgeois جا ننڍپڻ ۾ آرٽ جي انداز ۾ پنن تي لکيل ڪجهه ننڍڙا ليک Psychoanalytic Writings واري حصي ۾ ڇپيا آهن. انهن ليکن ۾ سندس سوچ جي نفسياتي تبديلين، پنھنجي ڪيل ڳالهه کي رد ۽ وري ساڳيءَ ڳالهه تي اچي بيھڻ جھڙيون مختصر لکتون آهن. ڪجهه ته ڏاڍيون فلسفياڻيون آهن، جيئن When I do not ‘attack’ I do not feel myself aliveيا وري I feel threatened so I act threatened جھڙيون سٽون شامل آهن. اڳتي هلي لوئي ڪيترا ئي نفسياتي مضمون لکيا هئا. سندس بنيادي نفسياتي محور ان ڳالهه تي آهي ته ڪيئن ماڻهو پنھنجي اندر ۾ بدلاءُ سان وڙهي رهيو هوندو آهي.

مون کي وري اسان جي ادب ۽ فن جي تاڃي پيٽي سان سندس انهن لکڻين جو جوڙ محسوس ٿيو ۽ پاڻ تي لاڳو ڪندي، هن وقت سنڌ جي ادب ۽ فن جي دنيا ۾ موجود ڪِروڌ جي عنصر تي ڪجهه گھرائيءَ سان سوچيم ۽ ان بنياد تي ڪي نتيجا ڪڍڻ جي ڪوشش ڪيم.

سنڌ ۾ هن وقت ادبي پروگرامن جو گهڻو محور ادبي ميلا/فيسٽيول آهن يا وري ڪي انفرادي طور ٿيندڙ پروگرام آهن. ڪجهه وقت کان انهن پروگرامن تي ”ڪجهه فرد“، جن ۾ اديب يا وري سوشل ڪامينٽريٽر شامل آهن، شديد تنقيد ڪندي نظر اچن ٿا. مثال طور پروگرامن يا سيشنن ۾ شامل ٿيندڙ شخصيتن بابت اها عام راءِ سامهون ايندي آهي ته:

  1. ساڳيا ماڻهو ويھاريا وڃن ٿا.
  2. پروگرام ۾ ڪرسيون خالي پيون آهن.
  3. نوجوانن کي موقعو نه ٿو ملي.
  4. سرڪاري اديب آهن.
  5. پيسن لاءِ پروگرام ڪيا اٿن.
  6. اداري کي چنبڙيو پيو آهي…..

۽ اهڙيون ٻيون ڪيئي ڳالهيون بحث هيٺ پيون اينديون آهن. ڏٺو وڃي ته اهو اڻ سڌيءَ طرح هڪ قسم جو ڪلب بڻجي وڃي ٿو، جيڪو رڳو پاڻ کي ”عقل ڪُل“ سمجهي ٿو ۽ پوءِ هڪ ليول تي اچي جڏهن اهو شدت اختيار ڪري ٿو؛ ته ان مان هڪ ”ڪروڌي ڪلب“ جي شڪل اختيار ڪري وٺي ٿو. اهڙيون ڳالهيون ڪندڙن ۾ ڪي ”اصول پسند“ به ٿي سگهن ٿا. ڪنھن چواڻي ته انهن مان وري ڪن کي پنھنجي ”پيٽ جو سُور“ به هوندو آهي. ممڪن آهي اهو درست به هجي ۽ ساڻن زيادتي به ٿي رهي هجي، پر اهي پنھنجي ڳالهه ڪرڻ بجاءِ ان کي ’اجتماعيت‘ ۾ کڻي ڳالهائن ٿا. هاڻ نُڪتي وار انهن جو مختصر ڇيد ڪريون ٿا:

  1. جڏهن اهڙا ڪي ساڳيا ماڻهو ويھارڻ جي ڳالهه ڪن ٿا ته اڪثر ماڻهن جو ان مان مطلب کين نظر انداز ڪرڻ هوندو آهي ۽ جڏهن پاڻ پروگرام ۾ شامل ٿي ويندا آهن ته پوءِ ڳالهه ختم ٿي ويندي آهي. هونئن ڏٺو وڃي ته پروگرامن ۾ موقعا سڀ کي ملندا آهن، پر باصلاحيت ئي اڳتي نڪري ايندا آهن ۽ پوءِ اهي ئي ٻُڌا ويندا آهن. وري مزي جي ڳالهه اها آهي ته جيڪي ’سوال اٿاريندڙ‘ هوندا آهن، اهي جڏهن پاڻ پروگرام ڪندا آهن ته انهن کي گهرائيندا آهن، جن تي اهي ٻين جي پروگرامن ۾ شموليت تي اعتراض ڪندا رهندا آهن.
  2. ڪيترن ئي پروگرامن يا فيسٽولس جي سيشنن ۾ ڪرسيون خالي هجڻ بابت به طعنا ٻڌڻ ۾ ملندا آهن ۽ اهي سوال اٿاريندڙ به ڪي  ساڳي ”ڪروڌي ڪلب“ وارا هوندا آهن ۽ ڪي وري ان تي علمي انداز ۾ سوال اٿاريندا آهن ۽ ان جي اپٽار به علمي ۽ ادبي انداز ۾ ڪندا آهن. مزي جي ڳالهه ته اهي جڏهن پاڻ پروگرام ڪندا آهن ته ان ۾ به ڪرسيون خالي نظر اينديون آهن. پوءِ ڪجهه وقت خاموش رهندا آهن.
  3. نوجوانن کي موقعو نه ملڻ جي ڳالهه به اڪثر اهي ڪندا آهن، جن جو خيال هوندو آهي ته کين پروگرام ۾ نظرانداز ڪيو ٿو وڃي، پر پنھنجن پروگرامن ۾ ورلي ئي نوجوان گهرائيندا آهن. هن سوال جو سڌو جواب صلاحيت آهي. دنيا ۾ ڪٿي به ادبي ۽ فني ڪٿ عمر سان ناهي ڪئي ويندي، ۽ نه ئي پيڙهي وڇوٽي جي بنياد تي چونڊ ڪئي ويندي آهي. سادو فارمولو هوندو آهي ته باصلاحيت هجي ۽ جنھن موضوع يا شعبي بابت پروگرام آهي، ان تي کيس دسترس هجي. صلاحيت آڏو ڊگري بي معنا بڻجي ويندي آهي.
  4. مختلف اديبن کي ”سرڪاري اديب“ جو طعنو ڏيندڙ اهو ناهن ٻڌائي سگهيا ته اهي ڪنھن کي اهو لقب ’عنايت‘ ڪن پيا. جيڪڏهن سرڪاري نوڪري ڪندڙ کي سرڪاري اديب چون ٿا ته اها شڪايت ڪندڙن جي اڪثريت پاڻ به ڪندي آهي. مراعتون به حاصل ڪندي آهي. ڪي ته گهر ويٺي پگهارون کڻندا آهن. سرڪاري پروگرامن ۾ به شريڪ هوندا آهن. مون کي ته ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا به اهڙا نه سُجهن، جيڪي صفا ڪي ’انقلابي‘ هجن ۽ ٺپ جواب ڏين. مون ذاتي تجربو ڪيو آهي ته اهڙو بيانيو پيش ڪندڙ موقعو ملڻ تي ’اصولن‘ کي به وساري ويھندا آهن. سو سرڪاري اديب دراصل هڪ ’ٺپو‘ آهي، جيڪو پنھنجي داخلا لاءِ کيسي ۾ موجود رهي ٿو. سرڪار سان ويجهڙائپ رکندڙ هڪ ”ادبي لڏو“ ضرور هوندو آهي، پر ان جو مطلب اهو ناهي ته اهو ڪو سندن ڊڪٽيشن تي هلندو هجي. دنيا ۾ سياسي پارٽين سان لاڳاپيل اديب هوندا آهن ۽ پوءِ اها پارٽي اقتدار ۾ اچي وڃي ٿي ته اهي اديب يقيني طور پنھنجي پارٽي ڏانهن ئي لاڙو رکندا، ان ڪري جيڪڏهن سڌو انهن جا نالا کڻي اهو بيانيو پيش ڪيو ويندو ته پوءِ اها ڳالهه ڪنھن حد تائين منطقي سمجهي ويندي. باقي جنرلائيز ڪرڻ سان معاملو نفسياتي ذمري ۾ ايندو. اهو به ٿيندو آهي ته سرڪار ۾ آيل پارٽيءَ جو اديب به ”با اصول“ هوندو آهي. يا ڪنھن به سياسي پارٽي سان لاڳاپو عيب ناهي. ان ڪري ”ٺپي بازي“ ۽ ”سرٽيفڪيٽ ورهائڻ“ واري ادبي گروهن واري لڏي کي ڪنھن جي به ٿورين ڪمزورين ۽ غلطين جو انتظار هوندو آهي.
  5. پيسن لاءِ پروگرام ڪرائڻ واري ڳالهه ڪجهه ماڻهن جي حوالي سان درست ٿي سگهي ٿي. پر دنيا ۾ ايونٽ مينجمنٽ جا پيسا ورتا ويندا آهن. شموليت جو معاوضو ڏنو به ويندو آهي ۽ ورتو به ويندو آهي. البته پئسا مڪمل کائي وڃجن، اها ڪرپشن آهي. هڪڙو دور هيو، جڏهن پروگرام رضاڪاراڻي طور ڪيا ويندا هئا. چندو ڪري ادبي ۽ ثقافتي پروگرام ڪرايا ويندا هئا، پر دنيا ۾ جڏهن کان ڪمرشلزم ۽ ڪارپوريٽ سيڪٽر آيو آهي، ان ”معاوضي واري جذبي“ کي وڌائي ڇڏيو آهي. ڇو ته معاشي بارن سبب ادب ۽ فن وٽ پروفيشنلزم سان سلھاڙجي وڃڻ اوس ضروري ٿي پيو آهي.
  6. ”اداري کي چنبڙيو پيو آهي“ جھڙو واڪا ڪندڙ سوال انتھائي اهم آهي. البته اهو ضرور ڏسجي ته اهو سوال اٿاريندڙ ڪير آهي ۽ ان سوال پٺيان سندس نيت ڪھڙي آهي؟

عام طور ڏٺو وڃي ته اهو سوال نيڪ نيتيءَ سان ادارن جي بھتريءَ لاءِ اٿاريو ويندو آهي. ڇو ته ادب ۽ فن جي ادارن جا ڪي ڪرتا ڌرتا اهڙا هوندا آهن، جيڪي ان کي ياعمر چنبڙيل هوندا آهن. ڪي اهڙا هوندا آهن جيڪي مسلسل ڪم ڪري اداري جي مجبوري بڻجي ويندا آهن ۽ ڪي وري ادارن کي ختم ۽ تباهه ڪرڻ لاءِ ايندا آهن. پر اسان وٽ اهو سوال اهي اٿارين ٿا، جيڪي ادارن جي حقيقتن کان آگاهه ناهن هوندا ۽ ٻُڌ سڌ تي ڪاهي پوندا آهن. ڪي وري سرڪاري ملازم به ان ڪروڌ ۾ ورتل هوندا آهن، جڏهن ته اهي به ڪنھن اداري ۾ 60 سالن جي عمر تائين 25 سالن کان مٿي نوڪري ڪري رهيا هوندا آهن، ڇا ان کي چنبڙڻ چئبو؟. ان ڪري ادارن ۾ ماڻهن جي ميرٽ تي موجودگي هجڻ گهرجي. جڏهن ته چونڊ عمل وسيلي ادارن جي ٿيندڙ سربراهن بابت سوال اٿارڻ جو مطلب اهو به ٿي سگهي ٿو ته انهن اڪثريتي ماڻهن جي فيصلي کي غلط چيو ويو، جيڪي ان کي چونڊين ٿا.

اصل ۾ اهي معاملا جتي ڪجهه ’اصولي‘ آهن ته اتي اڪثريتي ’ڪروڌي‘ آهن. ان کي عام طور هڪ نفسياتي معاملو به چئي سگهجي ٿو، جيڪو فرض ڪيو ته مون جيان هر وقت ڪروڌ ۾ رهي، ان کي “Chronic Anger” چيو ويندو آهي. يا وري “Oppositional / Argumentative Behavior”چيو ويندو آهي. انهن جي ڪارڻن ۽ علامتن کي ڏسڻو هجي ته ’اهڙن‘ ماڻهن سان ڪجهه وقت گذاري ڏسو…..!!

اهڙي ڳالهه جيڪا اهي ڪندا آهن يا سوچيندا آهن، ڪو ٻيو ڪري وجهي ته ان مٿان ڪاوڙجي پوندا. اهڙا ماڻهو جيڪي ڪالهه تائين هڪ ٻئي جي خلاف هوندا آهن، پٽڪن کي ڌوڙ ڪندا آهن، جڏهن ”ڪروڌي ڪلب“ اندر داخل ٿي گڏبا آهن ته هڪ ٻئي جا پڳ مٽ يار ٿي ويندا آهن…!

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا