هر ماڻهوءَ جي هڪ ڪھاڻي هوندي آهي، پر اها ڪھاڻي هلندي ٻئي ماڻهوءَ سان آهي. ڪنھن به فرد جي ڪھاڻي ڪيڏي به خوبصورت هجي، پر اها بيٺل ٻئي ماڻهوءَ جي سھاري تي هوندي آهي. ڪير ڪيڏو به طاقتور ۽ خوشحال ڇو نه هجي، پر انهي جي ڪھاڻي ٻئي ماڻهوءَ وٽ قيد هوندي آهي. اھو قيد ڀلي کڻي ايذائيندڙ نه به هجي، پر ماڻهو ڳالهه جي معاملي ۾ ڄڻ وس ٻئي جي هوندو آهي.
جيئن ڪھاڻي شروع ڪرڻ لاءِ ٻئي سھاري جي ضرورت هوندي آهي، ائين ڪھاڻي ٻڌائڻ لاءِ به ٻيو ماڻهو گهربل هوندو آهي. ڪافي ڪھاڻيون ڀلي کڻي بندي جي چاهڻ کانسواءِ فطري تخليق ٿي وينديون هجن، پر انهن ڪھاڻين ۾ به ٻيو بندو ضرور شامل هوندو آهي، اهو بندو فطرت پنھنجي نظام سان کڻي ايندي آهي يا ڪھاڻي پنھنجي گهرج پوري ڪرڻ لاءِ پاڻ سان گڏ آڻيندي آهي. اهو ته ڪھاڻي تخليق ڪرڻ وارا ئي ٻڌائي سگهن ٿا.
ڪو اهو به ضد ڪري سگهي ٿو ته هڪڙي ماڻهوءَ جي هڪڙي ڪھاڻي ڇو؟ هر ماڻهوءَ جون ڪئين ڪھاڻيون به ٿي سگهن ٿيون. ائين هوندو به آهي، پر اهي ڪھاڻيون به هونديون ٻئي ماڻهوءَ تي بيٺل آهي. ماڻهوءَ جي ڪھاڻي پنھنجي لاءِ ڪجهه به ناهي هوندي، ڪھاڻيءَ جو مطلب ئي آهي ٻئي ماڻهوءَ سان جڙيل ڳالهه. هڪڙو ماڻهو ڪئين ڪھاڻيون به ٿي سگهي ٿو ۽ هڪڙي ڪھاڻي هڪ کان وڌيڪ ماڻهن سان به جڙيل ٿي سگهي ٿي، پر هر ماڻهوءَ جي ڪھاڻي ٻئي ماڻهوءَ کانسواءِ اڌوري هوندي آهي. ڪھاڻي کي مڪمل ٻيو ماڻهو ئي ڪندو آهي.
هڪڙي ماڻهوءَ جي زندگيءَ مان ٻئي ماڻهوءَ جي نڪري وڃڻ سان ان جي ڪھاڻي نامڪمل رھجي ويندي آهي. ڪھاڻيءَ جي نامڪمل ٿي وڃڻ جو احساس تڏهن شديد ٿيندو آهي، جڏهن توهان جي پسند ناپسند ڄاڻڻ وارو ڪو قيمتي فرد توهان جي زندگيءَ مان نڪري ويندو آهي. زندگيءَ مان قيمتي ماڻهوءَ جي نڪري وڃڻ سان توهان جا لطيفا اڌورا ٿي پوندا آهن، انهن کي ٻڌڻ ۽ سمجهڻ وارو ڪو ئي ناهي رهندو. پسند جي موسيقي جي لذت ٻئي کي چکائڻ کان ماڻهو محروم ٿي ويندو آهي. توهان ڪتاب ۽ ليکڪ ڪھڙا پسند ڪندا آهيو، چانھه ۾ کنڊ ڪيتري وجهندا آهيو، برانڊ ڪھڙي ۽ پيڪ ڪيترا پيئندا آهيو، لباس ڪھڙو پائيندا آهيو، خوشبو ڪھڙي پسند ڪندا آهيو، اهو سڀ ڄاڻڻ وارو ماڻهو هليو وڃي ته باقي ساهه کڻڻ واري زندگي رهجي ويندي آهي. ڊگهي مدي وارن رشتن ۽ تعلقاتن ۾ ٻن ماڻهن جي ڪھاڻي ائين گڏوگڏ ۽ ويجهي هلندي آهي جو ٻنهي کان اهو وسري ويندو آهي ته ڪنھن جي ڪھاڻي ڪنھن وٽ وڌيڪ آهي. ان ڳالهه جو پتو تڏهن ئي پوندو آهي، جڏهن ٻنهي مان ڪو هڪڙو نڪري ويندو آهي، ڪھاڻي پوءِ آهستي آهستي محسوس ڪرائڻ شروع ڪندي آهي ته آئون اڌوري آهيان، منھنجو اهم حصو هليو ويو آهي.
پراڻن رشتن تي بيٺل ڪھاڻيءَ ۾ ڪئين موڙ هوندا آهن، ڪئين ڳالهيون هونديون آهن، جيڪي ڪردارن هڪ ٻئي سان ڪيون هونديون آهن يا ڪردارن جون هڪٻئي سان جڙيل هونديون آهن. اهي ڳالهيون بي معنيٰ ٿي وينديون آهن، انهن جي معنيٰ ۽ پسمنظر سمجهڻ لاءِ ساڳيو وقت ۽ ماحول نئين ماڻهوءَ سان جڙي ناهي سگهندو. بس ائين ڪھاڻي اڌوري ٿيو وڃي.
زندگيءَ مان جيڪڏهن لطيفو ٻڌائڻ ۽ ٻڌڻ وارو نڪري وڃي، ڪتاب ونڊڻ وارو نڪري وڃي، سٺي موسيقي ٻڌندڙ ۽ ونڊ ڪندڙ نڪري وڃي ته باقي زندگي رهي ئي ڪھڙي ٿي. هڪڙو ماڻهو دنيا مان ڇا ويندو آهي، پاڻ سان گڏ ڪئين ڪھاڻيون کڻي ويندو آهي. دنيا ڇڏيندڙ ماڻهوءَ لاءِ اڪثر سنڌيءَ ۾ چوندا آهن، مونکي اڌورو ڪري ويو… ان جو مقصد شايد اهو ئي آهي ته دنيا ۾ رهجي ويل جي ڪھاڻي جو اڌ ويندڙ کڻي ويو آهي
