هن وقت جڏهن دنيا هڪ گلوبل وليج بڻجي چڪي آهي، ٽيڪنالاجي دنيا ۾ انقلاب آڻي ڇڏيا آهن، تڏهن به اسان علم، ڏاهپ، سائنس ۽ ترقيءَ جي دڳ تي هلڻ بجاءِ سماجي تحفظ، معاشي حقن، صنفي امتياز جي خاتمي، صحت ۽ طبي سھولتن جي حاصلات، قانون جي حڪمراني، وسيلن ۽ روزگار جي ڊوڙ ۽ بنيادي انساني مسئلن جي حل لاءِ وڙهي رهيا آهيون. اهڙن سمورن مسئلن سان گڏ سڀ کان اهم حق تعليم جو آهي، جيڪا ئي سموري ترقي ۽ اڳتي وڌڻ جو مک هٿيار آهي. بدقسمتيءَ سان اها به اسان لاءِ خواب بڻيل آهي. نسل رُلي رهيا آهن. لکين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن. سرڪار وٽ انگن اکرن جي راند آهي، جيڪا اها هر ڀيري کيڏندي رهي ٿي. سرڪار جي مفت واري تعليم خود سرڪار جا نمائنده، سياستدان، بيوروڪريٽ ۽ استاد به پنھنجن ٻارن کي ڏيارڻ لاءِ تيار نه آهن. خانگي اسڪولن وٽ وري تعليم معنا پئسن ٺاهڻ جي مشين. مقصد ۽ معيار کان وانجهيل مھانگا خانگي اسڪول، پرائمري سطح کان ئي ٻارن جي تربيت بجاءِ انهن جي بگاڙ ۾ ڪردار ادا ڪن ٿا. بظاهر معياري تعليم جا دعويدار اهي ادارا، ٻارن جي شخصيت سازيءَ بجاءِ انهن جي شخصيت کي تباهه ڪري رهيا آهن.
خانگي اسڪول هڪ طرف مهانگين فين سان غريب طبقي کي لٽي رهيا آهن، ٻئي پاسي اڪثر اسڪولن جو معيار سرڪاري اسڪولن کان به خراب آهي. ٻار کي مھانگا ڪتاب، مھانگيون فيون، مھانگا ۽ بي معنا ڏينھن ملهرائيندڙ اسڪول هر ماءُ پيءُ کي چوندا ته ٻار کي ٽيوشن ضرور پڙهايو. جيڪڏهن ٽيوشن ئي پڙهائڻو آهي ته ٻار مھانگي اسڪول ۾ ڇو ٿو پڙهي؟ اڪثر ٽيوشن ڏيندڙ وري ٻار کي اسڪول جو ڪم ڪرائي، پئسا وصول ڪندا. ٻار جي تربيت يا بنيادي ڄاڻ ۾ اضافو وري به نه ٿيندو. وڏن ۽ نالي وارن اسڪولن کي ڇڏي، شھرن جي رهائشي علائقن ۾ موجود ننڍين ننڍين ٻه يا ٽي ماڙ عمارتن ۾ هلندڙ اسڪولن ۾، هوا ۽ روشنيءَ جي مناسب گذر جو بندوبست نه ملندو. گهُٽ ٻوسٽ وارن ڪمرن ۾، بنا ڪنھن راند جي ميدان، جهولن، وڻن يا ٻوٽن جي موجودگيءَ جي، فرضي انگلش نما ماحول ۾ ڪوڙي تعليم جو دوکو هلي رهيو آهي. اسڪولن جي اشتھارن ۾ ڪمپيوٽر ۽ سائنس ليب جو ذڪر هوندو، پر اسڪول ۾ بينچ به سڄي نه هوندي. روز ڪنھن نئين فرمائش جو وزن مائٽن تي وجهندي، اسڪول مھذب ڦرلٽ ڪري رهيا آهن. اهي ادارا هلائيندڙ بظاهر باشعور ماڻهو استادن کي جيڪا اجرت ڏين ٿا، سا ته کل جوڳي آهي ئي، پر استادن جي مقرري به بنا ڪنھن جانچ پڙتال جھڙوڪ: ٽيسٽ، انٽرويو، ڊگري، سکيا، اهليت، معيار ويندي ڊيمو جي به لتاڙ ٿئي ٿي. ڇا هڪ مئٽرڪ يا انٽر پڙهندڙ يا ڪاليج سائيڊ ڊگري ڪندڙ اميدوار ان جي اهل هوندو آهي ته ڇھن کان پندرھن هزارن تائين پگهار ڏئي، ٻارن جو مستقبل ان جي حوالي ڪري ڇڏجي؟. ننڍن اسڪولن ۾ ڊگري هولڊر جو ريٽ ڏھ هزار مقرر ڪيل آهي، جيڪو وري هڪ قسم جو ذهني استحصال آهي. ان صورت ۾ هڪ استاد جنھن جي ۽ شاگردن جي عمر ۾ ڪو وڏو فرق ناهي هوندو، جنھن جي پنھنجي سھپ جي سطح زيرو هجي، ڪلاس روم جو ڊسيپلين قائم رکي سگهندو؟ ڇا هڪ سيکڙاٽ ۽ تربيت کان وانجهيل استاد، سستي پگهار تي نصاب جي تسلي بخش سکيا ڏئي سگهندو؟ غير نصابي سرگرمين توڙي ٻار جي ڪردار سازيءَ ۾ ڪو ڪردار ادا ڪري سگهندو؟ مزي جي ڳالهه ته سرڪار به خانگي اسڪولن جي استادن جي معيار جي جاچ جو ڪو نظام نٿي ٺاهي. وڏن شھرن ۾ سنڌي پڙهائيندڙ استاد پاڻ به سنڌي ناهن. ڇا سرڪار اهو نٿي سمجهي، ته اهڙا استاد ڪھڙي سنڌي پڙهائيندا هوندا.

ٻئي پاسي سرڪار جو سمورو زور پنن ۾ پاليسيون ٺاهڻ تي آهي. سماجي حقيقتن، اسڪولن جي حالت، سھولتن، پاليسين جي نتيجن بابت سروي، اسڪولن جي هلڻ نه هلڻ بابت ڊيٽا ڪليڪشن، استادن جي اسڪولن کان غير حاضر رهڻ بابت ڪنھن سختيءَ سميت هڪ به پاسو اهڙو نه آهي، جيڪو سرڪاري اسڪول پلاءِ ڪشش پيدا ڪري. سرڪار اهو ڇو نٿي سوچي، ته جنھن سرڪاري اسڪول ۾ ميدان به آهي، وڻ به آهن، ڪلاس روم به آهن، ڪتاب به مفت آهن، پوءِ به مائٽ ٻار اتي ڇو نٿا داخل ڪرائن؟ ان جي ڀيٽ ۾ بيڪار ئي سھي، پر خانگي اسڪول طرف ڇو پيا وڃن؟ سبب اهو آهي ته جھڙي به جڳاڙي، وري به تعليم اتي ملي ٿي. ماڻهن ۾ اهو تاثر عام ٿي ويو آهي، جنھن کي ختم ڪرڻ ۽ ماڻهن جو اعتماد بحال ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسان کي فرض شناس استادن جو قدر ڪرڻو پوندو، ۽ اهڙا رول ماڊل اسڪول به ٺاهڻا پوندا، جتي مائٽ خانگي اسڪول مان ٻار ڪڍي، سرڪاري اسڪول ۾ داخل ڪرائين. هر ضلعي ۾ اهڙا ڏهه اسڪول به ٺھن، ته بيڪار خانگي اسڪولن جي تڏا ويڙهه شروع ٿي ويندي.
اي.سي.اي، بي.ايڊ، ايم.ايڊ ۽ سي.ٽي سکيا ڪورسز، استاد مقرر ڪرڻ کا اڳ ورتل ٽيسٽ، هارڊ ۽ سافٽ ايريا لاءِ پيدا ڪيل آسانيون، ايتريقدر جو ڊاڪٽر ۽ انجنئرز جون ماسترن طور ڀرتيون، اسپيسفڪ بجيٽس، اِي پورٽلز، بايو مئٽرڪ سسٽم، ۽ اهي سڀ مرحلا جيڪي سرڪاري نوڪريءَ جي حاصلات لاءِ ڪنھن به اميدوار جي اڌ عمر ڳڙڪائي ٿا وڃن، سي به نيٺ معياري تعليم ۽ معياري شاگرد پيدا ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ڇو ٿي رهيا آهن؟ سرڪار کي ان بابت سنجيدگيءَ سان ويچارڻ جي ضرورت آهي. هاڻي وري ٽيچنگ لائسنس جي شروعات ڪئي پئي وڃي، جيڪو يقينن مثبت عمل آهي. پر اهو لاڀائتو ڪيئن ٿيندو، اهو سرڪار لاءِ چئلينج ضرور آهي.
اي. آئي مطابق دنيا جي 193 ملڪن مان تعليمي لحاظ کان پاڪستان دنيا جي 157 يا 164 نمبر تي آهي ۽ ايجوڪيشن رينڪنگ ڪنٽريز 2026 مطابق 136 نمبر تي ۽ گلوبل ايجوڪيشن سروي مطابق 157 تي…
تعليمي استحصال ۽ ميرٽ جي لتاڙ جو اهم پاسو بورڊ جا امتحان ۽ انهن پويان هلندڙ واپار آهي. مقابلي جا امتحان ته هونئن ئي ان معاملي ۾ بدنام آهن. پئسا ڦينڪ تماشا ديک. شايد ان ڪري ئي اسان وٽ هيروز بجاءِ ٽِڪ ٽاڪرز پيدا ٿي رهيا آهن. سرڪار پاڻ سوچي، ته هوءَ جنھن تعليمي نظام تي ڀاڙي رهي آهي، ان جي نتيجي ۾ مستقبل جو وطن ڪن قابل، پڙهيل، سياسي ۽ معاشي معاملن کان واقف ۽ سنجيده نسل جي هٿن ۾ نه هوندو، بلڪ هر شعبو ۽ هر ادارو ٽِڪ ٽاڪرز ئي سنڀاليندا. نتيجا هر ڪو سمجهي سگهي ٿو.
