پاڪستان ۾ پيٽرول جي قيمت جو 458 رپيا في ليٽر کان مٿي ٿي وڃڻ رڳو هڪ انگن جي تبديليءَ جو معاملو نه آهي، پر هي هن ملڪ جي غريب ۽ پورهيت طبقي خاص طور پورهيت عورتن جي چؤڌاري هڪ اهڙي لوڙهي بيھارڻ برابر آهي، جنھن کي اورانگهڻ هاڻ لڳ ڀڳ ناممڪن بڻجندو پيو وڃي. خاص طور سنڌ جي حوالي سان، جتي غربت ۽ وسيلن جي اڻهوند اڳ ئي وڏا چئلينج آهن، اتي مهانگائيءَ جو هي نئون بم سڌو سنئون عورتن جي چرپر (Mobilty)۽ سندن تعليمي توڙي معاشي آزاديءَ کي ڇيھون ڇيھون ڪري ڇڏيندو.
اڄ جڏهن حڪومت پنھنجا شاهي خرچ پورا ڪرڻ لاءِ عوام جي رت ست تي پلجڻ واري پاليسي تي عمل پيرا آهي، تڏهن ان جو سڀ کان وڌيڪ اثر ان پورهيت عورت تي پئجي رهيو آهي، جيڪا صبح جو سوير ميلن جا ميل پنڌ ڪري مين روڊ تائين پھچي ٿي ته جيئن ڪنھن لوڪل سواريءَ تي چڙهي پنھنجي روزگار واري هنڌ پھچي سگهي. اها فيڪٽري ورڪر، پرائيويٽ اسڪول ٽيچر، آيا، نرس، پوليو ورڪر يا گهٽ پگهار واري پرائيويٽ نوڪري ڪندڙ ۽ خاص طور جسماني طور معذوريءَ جو شڪار (Differently able) فرد ان جو زبردست شڪار ٿيڻا آهن، جو اهي اڳ ئي اچ وچ جي مسئلن کي منھن ڏئي رهيا آهن. انهن لاءِ هاڻي گهر کان ٻاهر نڪرڻ ڪنھن عذاب کان گهٽ نه هوندو.

ڏيکاءَ وارا منصوبا ڏيندڙ اسان جي حڪومت اڪثر “عورتن جي بااختياريءَ” جا نعرا هڻي اسڪوٽر اسڪيمون يا ڪجهه بسون هلائي واهه واهه ڪرائيندي آهي. پر سوال اهو آهي ته جڏهن پيٽرول جي قيمت جي نالي تي حڪومت ۽ ڪمپنين جا غنڊا ٽيڪس ڀرڻ عام انسان جي پھچ کان ٻاهر ٿي ويندا، پوءِ اهي اسڪوٽر ڪنھن “شو پيس” کان وڌيڪ ڪھڙي اهميت رکندا. اهي سهولتون ناهن، پر غريب عوام تي احسان جتائڻ جا طريقا آهن. سنڌ جي پورهيتن ۽ خاص طور عورتن کي اهڙن “نمائشي احسانن” جي ضرورت ناهي، کيس پنھنجا بنيادي انساني حق ۽ هڪ اهڙو نظام گهرجي، جنھن ۾ هوءَ عزت سان ساهه سگهي. پيٽرول جي قيمتن ۾ موجوده واڌ غريب ۽ پورهيت طبقي جي نڙيءَ تي لت برابر آهي.
سڀ کان وڌيڪ ڏکوئيندڙ پھلو اسان جي نياڻين جي تعليم آهي. سنڌ جي ٻھراڙين ۽ ننڍن شھرن ۾ اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون گهرن کان پري آهن. جڏهن هڪ پورهيت پيءُ جي ڏهاڙي پيٽرول جي ٻن ليٽرن اگهه برابر به نه هوندي، ته هو سڀ کان پھرين پنھنجي نياڻيءَ جي تعليم تي سمجهوتو ڪندو. نياڻيون گهرن تائين محدود ٿيڻ شروع ٿينديون. ڇاڪاڻ ته وين ۽ بس جا ڪرايا هاڻي گهر جي راشن تي ڳرو بار بڻجي ويا آهن. تيل جي اگهن ۾ واڌ فقط شين جي مهانگائي نٿي آڻي، پر اسان جي ايندڙ نسلن کي ذهني ۽ معاشي طور تي مفلوج ڪرڻ جي رٿا آهي. اسان وٽ انصاف جا نعرا ۽ ڳالهيون وڏيون آهن، پر هر شعبي ۾ ناانصافي هڪ عام ڳالهه آهي. ان ۾ به پيڙيل طبقا ۽ خاص طور عورتون وڌيڪ پيڙجن ٿيون. موسمي تبديلين ۽ صنفي ناانصافي جي ڳالهه هجي، يا معاشي بحران، سڀ کان وڌيڪ متاثر عورت ئي ٿئي ٿي. سنڌ ۾ اڳ ئي وسيلن جي ورڇ ۾ عورتن کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو، ۽ هاڻي پيٽرول جي هن باهه عورتن لاءِ ٻاهر نڪرڻ جا سمورا رستا به بند ڪرڻ لاءِ نئون جواز فراهم ڪيو آهي.
هيءَ حڪومت، جيڪا عوام جي ٽيڪس تي پلجي ٿي، سا عوام کي جسماني، ذهني ۽ معاشي اذيت ڏيڻ جو ڪو به موقعو هٿان وڃڻ نٿي ڏئي. ڇا انهن پاليسي سازن کي اندازو آهي ته انهن جون پاليسيون عوام لاءِ زندگيءَ کي قبر ۾ ڪيئن بدلائي رهيون آهن?
اسان کي اهڙي ترقي نٿي کپي جيڪا اسان کي گهرن ۾ قيد ڪري ڇڏي. ان کان اڳ جو اسان جي نياڻين جا خواب هن مهانگائيءَ جي نذر ٿي هميشه لاءِ دفن ٿي وڃن، اسان کي سجاڳ ٿيڻو پوندو.

*“It is a good decision by the government that working women should be given such opportunities and facilities.”*