Homeادبتنقيدتاراچند شوقيرام آڏواڻيءَ واري رسالي جي حقيقت

تاراچند شوقيرام آڏواڻيءَ واري رسالي جي حقيقت

تاراچـند شـوقيـرام آڏواڻـيءَ واري رسالي کي تعليم کاتي وارو شاهه جو رسالو به چيو ويندو آهي. هيءُ رسالو  1900ع ۾ سنڌ جي تعليم کاتي وارن هاڻوڪي صورتخطيءَ ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو هو. هن رسالي جو مرتب ان دور ۾ ٽريننگ ڪاليج فار مين جو پرنسيپال تاراچـند شـوقيـرام آڏواڻـي هو.

سماج سڌارڪ راءِ بھادر تارا چند شوقيرام (1850-1893ع)، سنڌ جي مشھور ڪٽنب مان هو. ساڌو هيرانند ۽ ديـــوان نـوَل راءِ سندس ڀائر هئا. تارا چند شوقيرام ٽريننگ ڪاليج جو ڪيترا ئي سال پرنسيپال رهيو ۽ سرڪار طرفان تعليم کاتي ۾ ترجمان طور به ڪم ڪيائين.  ڪيترن ضرورتمند ماڻهن جي مالي مدد ڪيائين. حيدرآباد جي برهمو مندر وٽ پنھنجي ڀاءُ  ساڌو هيرانند جي نالي باغيچو ٺھرايائين، پنھنجي ماءُ شريمتي جواهر ٻائيءَ جي نالي هيرآباد ۾ ڇوڪرين جو اسڪول کولرايائين. حـيدرآباد جـو ”هوپ فــل فــري اسڪـول“، ”ديـــوان نـوَل راءِ ۽ ديــوان تاراچند جي نالي پٺيان سڏجي ٿو. برهمو سماج وارن ڪراچيءَ جي سولجر بازار ۾ هڪ سنڌي اسڪول به سندس نالي پـويان کـوليو هو. تاراچند شوقيرام آڏاواڻي ڪيترا ئي ڪتاب لکيا، جن ۾ هڪ شاهه جو رسالو به شامل آهي.

Sarangaa تاراچند شوقيرام آڏواڻيءَ واري رسالي جي حقيقت

تحقيق موجب شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو سنڌ مان پھريون ڀيرو سنڌي ٽـائيـپ تـي شـايـع ٿيـل رسـالو تاراچـند شـوقيـرام آڏواڻـيءَ جو آهي. اهو رسالـو 14 ڊسـمبر 1900ع ۾ شايع ٿيو، جيڪو بمـبـئي عـلائقـي جـي سرڪـاري تعليـم کاتي طرفان مرڪنٽائيل اسٽيم پريس، ڪراچيءَ مان ڇپجي پڌرو ٿيو. هيءُ رسالو ڊيمي سائيز جي 566 صفحن تي مشتمل هو. هن ڇاپي ۾ سنهي ٽائيپ ۾ موجوده صورتخطي اختيار ڪيل آهي. هن ڇاپي ۾ جملي 3316 بيت ۽ 225 وايون ڇپيل آهن. رسالي جي منڍ ۾ مرتب پنھنجي طرفان مهاڳ لکيو آهي، جنھن مان واضح ٿئي ٿو ته مرتب قلمي ذخيرن مان توڙي بمبئي ۽ ٽرمپ ڇاپن مان استفادو ڪيو. اهو ڪونه ڄاڻايو ويو آهي ته مرتب جي آڏو ڀٽ جو ڪھڙو قلمي نسخو هو، يا ٻيو ’دستخطي رسالو‘ ڪھڙو هو، نه وري بمبئي ڇاپي جي سن جو حوالو ڏنل آهي. هو ڪتاب جي مھاڳ ۾ لکي ٿو ته ”ٽرومپ وارو رسالو جو سرڪار سنه 1866ع ۾ ڊاڪٽر ٽرومپ کان پنھنجي خرچ تي تيار ڪرايو هو، سو هاڻوڪي صورتخطيءَ ۾ لکيل نه هو. تنھنڪري البته پڙهندڙن کي تڪليف ٿي ٿي. تنھن کان سواءِ انهيءَ رسالي ۾ ڪي سُر ڇڏيل هئا، انهيءَ رسالي جا سڀ جلد ٿورن ڏينھن کان کپي ويا، تنھن ڪري جائلس صاحب، سنڌي اڳوڻي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر نئين رسالي تيار ڪرائڻ جي تجويز ڪئي. هن رسالي ۾ ٽرومپ صاحب واري رسالي ۾ ڪاپائتي سُر جي پٺيان هڪ سٽ ڏنل آهي، سا پڻ ٻئي ڇاپي ۾ سسئي آبري ۽ رامڪلي سُرن جي پٺيان جي ٽيھه اکريون ڏنل آهن، سي داخل ڪيون ويون آهن. مطلب ته اهو ڪلام جو اڪثر ڌاريو ڪري ليکبو آهي، سو به هن ۾ گڏيو اٿن. ان ۾ ٻيو به ڪيترو ڌاريو ڪلام آهي.“

Sarangaa تاراچند شوقيرام آڏواڻيءَ واري رسالي جي حقيقت

ان رسالي لاءِ نالي واري محقق ڀيرومل مھرچند آڏواڻيءَ هڪ انڪشاف ڪيو ته اصل ڪم راءِ بھادر تارا چند شوقيرام، نه پر راءِ بھادر ڪوڙيمل چندن مل کلڻاڻيءَ ڪيو هو. هو ’سنڌو‘ رسالي ۾ پنھنجي مضمون ۾ لکي ٿو ته ”مون کي ذاتي خبر آهي، ته هيءُ نئون رسالو سرڳواسي راءِ بھادر ڪوڙيمل چندن مل کلڻاڻيءَ سوڌي تيار ڪيو هو. هو صاحب ان وقت حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج جو پرنسپال هو ۽ سنڌ جو ايجوڪيشنل ٽرانسليٽر به پاڻ هو. رسالي جا ’پروف‘ سرڳواسي ماستر اوڌوداس سترامداس جاچيا هئا، جنھن جو جوڙيل ڪتاب ”پاٺمالا“ اڄ تائين مشھور آهي. رسالي جو سمورو ڪم اڃا پورو ڪين ٿيو، ته ديوان ڪوڙومل پينشن تي ويو. سندس جاءِ تي ديوان تاراچند شوقيرام (هاڻ “راءِ بهادر”) حيدرآباد جي ٽريننگ ڪاليج جو پرنسپال مقرر ٿيو، جنھن رسالي جو باقي رهيو کھيو ڪم پورو ڪري، ديباچي تي صحي پاتي. مون کي انهن حقيقتن جي بروقت سُڌ هئي. انهيءَ وقت ڌاري مرزا قليچ بيگ، ديوان ڪوڙو مل ۽ مان پنھنجا ڪتاب ”قيصريه پريس“ حيدرآباد ۾ ڇپجڻ لاءِ ڏيندا هئاسين. انهيءَ پريس ۾ هنن ٻنهي سنڌي عالمن سان منھنجي واقفيت ٿي ۽ پوءِ پريت جو ناتو وڌيو، جو توڙ تائين هلندو آيو. انهيءَ پريت جي ناتي سبب مان ديوان ڪوڙيمل وٽ ٽريننگ ڪاليج ۾ گهڻو ويندو هوس. ۽ انهن ڳالهين جي سڌ پيم. هيءُ نئون رسالو ڇپجي پڌرو ٿيو، ته بروقت ٽرمپ صاحب واري رسالي ۽ بمبئي ڇاپي واري رسالي سان ڀيٽيم، ته مون کي منجهس ڪي ڇاپي جون چُڪون ۽ ڪي نوان گهوٽالا نظر آيا. پر رسالي جي غلطين لاءِ ڪو به هڪ ڄڻو جوابدار هئو ئي ڪو نه، پوءِ ڏوهه ڪنھن کي ڏجي؟

Sarangaa تاراچند شوقيرام آڏواڻيءَ واري رسالي جي حقيقت

هيءُ رسالو، ثقافت کاتو، حڪومتِ سنڌ هڪ دفعو ٻيهر پھرين  سيپٽمبر 2021ع تي شايع ڪرايو آهي، پر  ان رسالي جي اصل حقيقت کي شامل نه ڪيو ويو آهي. ڪاڪي ڀيرومل مھرچند جھڙو اعليٰ پائي جو محقق، جيڪو ان دور، ان دور جي تحقيق جو اکين ڏٺو شاهد آهي، اهو غلط بياني نه ٿو ڪري سگهي. ڇو ته اهو ليک جولاءِ 1938ع ۾ ’سنڌو‘ رسالي ۾ شايع ٿيو ۽ ان دور ۾ نالي وارا عالم ۽ اديب موجود هئا، جن جي نظر مان اهو سڀ ڪجهه گذريو هو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا