ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه هجڻ کپي ته وفاقي وزير عطاءاللہ تارڙ جو مايوس نوجوان اظھر ميمڻ سان همدرديءَ وارو ورتاءُ قابلِ تعريف آهي۔ کيس شاباس هجي جو هن نوجوان کي اسلام آباد گهرائي پنهنجي آفيس ۾ ويھاريو، بلڪه پنھنجي ڪرسيءَ تي ويھاريو ۽ کيس بيحد عزت ڏني۔ وفاقي وزير جو اهڙو قربائتو رويو محسوس ڪندي اظھر جي اکين مان لڙڪ لڙڻ فطري ردعمل هو۔
جنھن ڇوڪري اهو سمجهي ورتو هو ته سندس قابليت، محنت ۽ اخلاق جو هن ديس ۾ ڪو قدر ناهي، ان کي اوچتو ڪو وزير ايڏو وڏو مان ڏئي، ته اهو يقيناً ڪنھن معجزي کان گهٽ نه لڳندو۔ عطا تارڙ پنھنجي هن عمل سان سنڌ واسين خاص طور، ۽ پاڪستانين جون عام طور، دليون کٽي ورتيون آهن۔ هن سڄي معاملي مان اهو تاثر اڀريو ته سياسي اڳواڻن کي نوجوانن جو خيال آهي، ڀلي اهو وفاقي اڳواڻ ئي هجي؛ حڪومتي نظام ڪم ڪري ٿو؛ ۽ ٽيون اهو ته ميرٽ جو قدر موجود آهي۔ ائين ئي آهي نه؟
پر ٿورو ترسو۔ هن صورتحال جو گھرائيءَ سان جائزو وٺون ٿا، ته جيئن اهو ظاهر ٿي سگهي ته هن معاملي جا اهي پاسا به سامهون اچن، جيڪي سوشل ميڊيا جي شور ۾ دٻجي وڃن ٿا۔ تارڙ صاحب جس لھڻي، جنھن هن نوجوان جي سار سنڀال ڪئي، جنھن کي سنڌ سرڪار مان شايد ڌيان ڏيڻ جي به لائق نه سمجهيو ويو۔ پر مسئلو اهو آهي ته اها اظھر کي مليل نوڪري ميرٽ تي نه، پر همدرديءَ جي بنياد تي ڏني وئي آهي (يعني باقاعده مقابلي بدران ذاتي مداخلت سان)۔ اها نوڪري ڪيترا ڏينھن هلندي، اهو هڪ الڳ سوال آهي۔ پر اظھر جھڙا لکين قابل ۽ بي روزگار نوجوان سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه سميت سڄي ملڪ ۾ موجود آهن. انهن جي واهر ڪيئن ٿيندي؟

تنھنڪري، آئون سمجهان ٿو ته جيتوڻيڪ تارڙ صاحب جو اهو عمل شاندار آهي، پر اهو علامتي به آهي۔ هڪ نوجوان جي وارثي ڪرڻ جو مطلب اهو نه هجڻ گهرجي ته خراب گورننس تي سٺي گورننس جي فتح ٿي وئي آهي، يا هڪ پارٽي خراب ۽ ٻي بھتر آهي۔ هتي ضروري آهي ته اسين مسئلي جي جڙ تائين پھچون، ڇوتہ سطحي ۽ جذباتي تجزيا هن صورتحال ۾ گهڻو مددگار ثابت نٿا ٿين۔
هيءُ رڳو سنڌ جي حالت ناهي، بلڪه پوري پاڪستان ۾ ساڳي صورتحال آهي، جتي هڪ ئي وقت ٽي نظام هلندي نظر اچن ٿا۔ پھريون، فارمل نظام آهي، جنھن ۾ قانون، ڀرتيءَ جا قاعدا ۽ اصول واضح ٿيل آهن۔ ٻيو، غيررسمي يا انفارمل نظام آهي، جتي اقتداري پارٽين جا لاڳاپا، قبيلا ۽ ذاتي رشتا سفارشي نظام کي زنده رکندا اچن ٿا۔ ٽيون، ڏيکاءُ وارو نظام آهي، جيڪو ميڊيا وسيلي ٺھندو آهي، جتي اقتداري ڌريون هڪ يا ٻن علامتي سٺن عملن ذريعي پنھنجو مثبت تاثر ٺاهين ٿيون، ۽ ان سان نظام جون وڏيون خرابيون لڪايون وڃن ٿيون۔
انهن ٽنهي نظامن جو گڏيل الميو اهو آهي ته فارمل نظام ڪمزور آهي، جتي قانون مطابق ميرٽ تي نوڪري حاصل ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو آهي؛ جڏهن ته غيررسمي نظام تمام مضبوط آهي، جتي پئسو، پارٽي سفارش ۽ ذاتي لاڳاپا ڪاميابيءَ جو ذريعو بڻجن ٿا۔ ميڊيا وري ڪنھن هڪ واقعي کي وائرل ڪري سٺو يا خراب تاثر پيدا ڪري ٿي، جيڪو جذبات ته وڌائي ٿو، پر اصل مسئلو حل ڪرڻ ۾ مددگار نٿو ٿئي۔ اهڙا حقيقتن کان پري تاثر ڊگهي عرصي تائين قائم به نٿا رهن.
نوجوان سان همدرديءَ وارو عمل يقيناً وڻندڙ آهي، پر هن طريقي سان ڪيترا نوجوان پنھنجي بيروزگاريء جي دُٻڻ مان نڪري سگهندا؟ ٿورو سوچي ڏسو۔ تارڙ صاحب، توهان حڪومت ۾ ويٺا آهيو. سرڪاري نظام کي بھتر ۽ مضبوط ڪريو، ته جيئن ملڪ جا قابل نوجوان سفارش ۽ پئسي جي کوٽ سبب مايوس ٿي نشي ۾ پناه وٺڻ بدران، ڀرپور ميرٽ تي مقابلو ڪري پنھنجي ۽ ملڪ جي خدمت ڪري سگهن.
