اڄ ڪَلهہ چوماسي جي مند ۾ “ايل نينو” El Nino جو هُل متل آهي. موسميات بابت ڳالهيون ڪندي سائنسدان اڪثر ايل نينو، لا نينا، اينسو ۽ آءِ او ڊي جھڙا ڏکيا اصطلاح استعمال ڪندا آهن. اهي لفظ فني (ٽيڪنيڪل) اصطلاح آهن، جيڪي سمنڊن جي گرمي پد ۽ هوائن ۾ ٿيندڙ تبديلين کي ظاهر ڪن ٿا. اهي موسمياتي لقاءَ سڄيءَ دنيا سميت ڏکڻ ايشيا (۽ پاڪستان جي پڻ) برساتي نظام تي گھرو اثر ڇڏين ٿا.
“ايل نينو” جو اصطلاح ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن پيرو ۽ ايڪواڊور جي اسپيني ٻولي ڳالهائيندڙ مھاڻن ڏنو. هنن ڏٺو ته هر ڪجهه سالن کانپوءِ پئسفڪ سمنڊ جو پاڻي غيرمعمولي طور گرم ٿي ويندو هو، جنھن ڪري سندن مڇين جو شڪار گهٽجي ويندو هو. ڇاڪاڻ تہ اها گرمي اڪثر ڪرسمس جي ڏينھن جي لڳ ڀڳ ايندي هئي، تنھنڪري هنن ان کي “ايل نينو” يعني “ننڍڙو ڇوڪرو” يا “مسيح ٻار” جو نالو ڏنو. بعد ۾ سائنسدانن معلوم ڪيو ته اها سامونڊي گرمي دنيا جي ڪيترن علائقن جي موسم تي اثر انداز ٿئي ٿي.
“لا نينا” ان جي ابتڙ لقاءُ آهي، جنھن جي معنيٰ “ننڍڙي ڇوڪري” آهي. اها ايل نينو جي ابتڙ صورتحال آهي. لا نينا دوران پئسفڪ سمنڊ جي وچولي ۽ اوڀرئين حصي جو پاڻي عام حالتن کان وڌيڪ ٿڌو ٿي وڃي ٿو. اها ٿڌ سامونڊي هوائن ۽ فضائي دٻاءَ جي نظام کي تبديل ڪري ايشيا، آفريڪا ۽ آمريڪا ۾ برساتن جي رواجي ڍنگ کي متاثر ڪري ٿي.
اينسو (ENSO) جو پورو نالو “ايل نينو سدرن آسيليشن” El Nino Southern Osciliation آهي. هي اصل ۾ هڪ وڏو موسمي نظام آهي، جنھن ۾ ايل نينو، لا نينا ۽ پئسفڪ سمنڊ مٿان فضائي دٻاءَ ۽ هوائن ۾ ٿيندڙ تبديليون سڀ شامل آهن. سائنسدان هاڻي “اينسو” کي انهن سڀني لاڳاپيل موسمي تبديلين لاءِ گڏيل اصطلاح طور استعمال ڪن ٿا.
هڪ ٻيو اهم موسمي عنصر “انڊين اوشن ڊائپول” (IOD) آهي، جنھن کي ڪڏهن ڪڏهن “آءِ او ڊي پي” پڻ چيو ويندو آهي. هي هندي سمنڊ جي اوڀرندي ۽ اولھندي حصي جي پاڻي جي گرمي پد ۾ فرق کي ظاهر ڪري ٿو. هاڪاري آءِ او ڊي دوران آفريڪا ڀرسان پاڻي وڌيڪ گرم ۽ انڊونيشيا ڀرسان ٿڌو ٿي وڃي ٿو، جڏهن تہ ناڪاري آءِ او ڊي ۾ صورتحال ابتڙ هوندي آهي. آءِ او ڊي به ڏکڻ ايشيا جي چوماسي تي وڏو اثر وجهي ٿو.
اهي سامونڊي تبديليون چوماسي تي ان ڪري اثرانداز ٿين ٿيون، ڇاڪاڻ تہ چوماسي جي هوائن جو دارومدار زمين ۽ سمنڊ جي گرمي پد جي فرق تي هوندو آهي. ايل نينو دوران پئسفڪ سمنڊ جي گرمي ڏکڻ ايشيا جي چوماسي کي ڪمزور ڪري ڇڏي ٿي، جنھن سبب پاڪستان ۽ هندستان ۾ گهٽ برساتون، سوڪھڙو ۽ گرميءَ جون لھرون ڪر کڻي سگهن ٿيون. ان جي ابتڙ لا نينا اڪثر چوماسي کي سگهارو ڪندو آهي، جنهن سان وڌيڪ برساتون ۽ ٻوڏن جا امڪان وڌي وڃن ٿا.
آءِ او ڊي ڪڏهن اينسو جي اثرن کي وڌائي ٿو ته ڪڏهن انهن کي گهٽائي به سگهي ٿو. مثال طور، هاڪاري آءِ او ڊي ايل نينو واري سال ۾ به چوماسي جي برساتن کي ڪجهه بھتر بڻائي سگهي ٿو، جڏهن تہ ناڪاري آءِ او ڊي سوڪھڙي کي وڌيڪ شديد ڪري سگهي ٿو.
سال 2026ع بابت عالمي موسمي ماڊلن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هاڻوڪيون “اڻ ڌريون اينسو” حالتون آهستي آهستي ايل نينو ڏانھن وڌي سگهن ٿيون. جڏهن تہ اڳتي هلي هاڪاري آءِ او ڊي به پيدا ٿيڻ جا امڪان آهن.
اها صورتحال ڏکڻ ايشيا لاءِ غيريقيني حالت پيدا ڪري ٿي. چوماسي جي شروعاتي مھينن ۾ برساتون گهٽ ٿي سگهن ٿيون، پر اڳتي هلي هاڪاري آءِ او ڊي سبب برساتن ۾ ڪجهه واڌ پڻ ٿي سگهي ٿي.
پاڪستان لاءِ ان موسمي اڳڪٿيءَ جو مطلب وڌيڪ گرمي، گهٽ برساتون ۽ موسم جي شدت ۾ واڌ جي شڪل ۾ نڪري سگهي ٿو. ملڪ جي ڏاکڻي حصن، خاص طور سنڌ ۾، شروعاتي اونهاري دوران سخت گرميءَ جون لھرون ۽ خشڪ موسم برقرار رهي سگهي ٿي. پر جيڪڏهن سوٽ هلي چوماسو (مون سون) سگهارو ٿيو ته سنڌ ۾ ٿوري وقت اندر تمام گهڻيون برساتون پئجي سگهن ٿيون، جيڪي شھري ٻوڏن جو سبب بڻجي سگهن ٿيون. مجموعي طور ماهرن جو خيال آهي ته هن سال به موسم رواجي رهڻ بدران ڪو به انتھائي رخ اختيار ڪري سگهي ٿي۔ ان جو هڪ مثال مئي جي پهرين هفتي ۾ گرميءَ جي سخت سَٽَ هئي جنھن ۾ 4 مئي تي هڪ ڏينھن ۾ 10 ماڻهو مري ويا هئا. اڃا ڇتي گرميءَ جا ڏينھن باقي پيا آهن.
