جڏهن عورت ۽ مرد محبت جي لھر تي گڏجي رقص ڪندا آهن ته رڳو سندن بدن ئي نه پر سڄي ڌرتي به ڪنھن اڻ ڏٺل ۽ اڻ ٻُڌل سُر تي جهومڻ لڳندي آهي…
وڻ ڳائيندا آهن، هوائون ساز بڻجي وڄنديون آهن ۽ فطرت جي هر شيءِ اُن سرمستيءَ ۾ شريڪ ٿي ويندي آهي.
اهو ئي رقص، اها ئي هم آهنگي ۽ اهو ئي فطرت سان عشق مشھور اسپيني جوڙي، Axel Pons ۽ Jamra، جي زندگيءَ جو جوهر آهي. هنن شھرت، دولت ۽ آسائشن سان ڀريل زندگيءَ کي پوئتي ڇڏي دنيا کي اگهاڙن پيرن سان ماپڻ جو رستو اختيار ڪيو….
سندن چوڻ آهي ته اگهاڙن پيرن سان هلڻ کين ڌرتيءَ جي ڌڙڪن ٻُڌڻ ۽ فطرت سان هڪ سڌو روحاني رشتو جوڙڻ جو موقعو ڏئي ٿو.
(Axel Pons) ايڪسل پونس
جيڪو ڪڏهن موٽر سائيڪل ريسنگ جي دنيا جو مشھور نالو هو ۽ ھن جي ساٿياڻي جيمرا (Jamra) هڪ اهڙي زندگيءَ چونڊ ڪئي آهي، جيڪا سادگي، مراقبي، اندروني سڪون ۽ فطرت سان هم آهنگيءَ تي ٻڌل آهي. هنن لاءِ سفر رڳو هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين پھچڻ جو نالو ناهي، پر اهو پنھنجي اندر جي دنيا ڏانھن موٽڻ جو به هڪ وسيلو آهي.

شايد ان ڪري سندن ڪھاڻي ماڻهن کي ايتري موهي وجهي ٿي، جو هنن فقير طبيعت جوڙي دنيا جي چمڪ دمڪ کي ڇڏي ڌرتيءَ جي ڌوڙ سان دوستي ڪئي آهي. هنن ثابت ڪيو آهي ته اصل خوشي دولت ۾ نه پر دل جي سڪون، روح جي آزادي ۽ فطرت سان ويجهڙائيءَ ۾ لڪل هوندي آهي.
آئون سندن وڊيوز ڏسي دير تائين حيران ٿيندي رهيس. دل ۾ بار بار اهو سوال اڀرندو رهيو ته آخر ڪو انسان پکين وانگر ڪيئن خوش رهي سگهي ٿو؟ هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ پوءِ ٽئين کان چوٿين ملڪ تائين سندن سفر ائين لڳندو آهي ڄڻ آسمان جا آزاد پکي هجن، جن جي پرواز ڏسي هر دل کي اُڏامڻ جي خواهش جاڳي پوي. ڇو ته هنن ٻنهي جي زندگيءَ ۾ ڪا تڪڙ ناهي، ڪو مقابلو ناهي، ڪا نمائش ناهي. نه کين دنيا جي واھ واھ جي پرواھ آهي، نه سڀاڻي جي انديشن جو بار آهي… هُو رڳو موجود لمحي سان عشق ڪندا نظر اچن ٿا. ڇو ته زندگي موجود لمحي جو ئي ته نالو آهي.
جبلن، وادين، سمنڊن ۽ اجنبي رستن سان گڏ هو ائين هلن ٿا ڄڻ سڄي ڪائنات سندن گهر هجي.
سندن چھرن تي جيڪا آسودگي، اطمينان ۽ بي ساختہ خوشي نظر اچي ٿي، اها شايد هر دولت، هر شھرت ۽ هر عھدي کان وڌيڪ قيمتي آهي. ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ هنن زندگيءَ جو اهو راز ڳولي لڌو هجي، جنھن جي تلاش ۾ اڪثر ماڻھو سڄي عمر ڀٽڪندا رهن ٿا. هنن ٻنهي ڄاڻي ورتو آهي ته خوبصورت زندگي صرف ڊگها خواب ڏسڻ جو نالو ناهي، پر هر پل کي پوري شعور سان جيئڻ جو هنر به آهي.
کين ڏسي لڳندو آهي ته شايد خوشي وڌيڪ شين حاصل ڪرڻ ۾ نه پر غيرضروري بار لاهڻ ۾ لڪل آهي. ڇو ته سڪون ڪنھن منزل جو نالو ناهي، پر سڪون هڪ اهڙو احساس آهي جيڪو تڏهن جنم وٺندو آهي، جڏهن انسان ٻين جي مرضيءَ بدران پنھنجي دل جي سڏ تي هلڻ شروع ڪري ٿو ۽ شايد پنھنجي لاءِ جيئڻ جو مطلب به اهو ئي آهي ته زندگيءَ کي ڪنھن نظريي، ڪنھن خوف يا ڪنھن سماجي دٻاءَ جي قيد ۾ نه پر پنھنجي روح جي آزاديءَ سان جيئجي.
انهن ٻن کان علاوه به اهڙا ڪيترائي ماڻهو هن دنيا مان گذريا آهن، جيڪي شھرت جي آسمان تي سج وانگر چمڪيا، پر جڏهن سندن نالو عروج جي آخري ڏاڪي تي پھتو ته هنن اوچتو ئي روشنيءَ جي ميلي مان نڪري خاموشيءَ جي وادين جو رُخ ڪيو… تاريخ ۾ اهڙا ڪيترا ئي مشھور اداڪار ۽ فنڪار ملن ٿا جن شھرت، دولت ۽ تعريفن جي شور کي پٺتي ڇڏي، پنھنجي دل جي سڏ تي گُمنامي يا روحانيت جي راھ اختيار ڪئي.
ساڳيءَ طرح Axel Pons ۽ Jamara جھڙا جوڙا به آهن جن هڪ ٻئي جو هٿ جهلي دنيا جي مصنوعي چمڪ دمڪ کان مُنھن موڙي، ڌرتيءَ جي ڌوڙ سان پنھنجو ناتو جوڙي ڇڏيو آهي. سندن لاءِ زندگي شھرت جي اسٽيجن تي بيھي تاڙيون ٻُڌڻ جو نالو ناهي رهي، پر اگهاڙن پيرن سان ڌرتيءَ جي ڌڙڪن محسوس ڪرڻ جو سفر بڻجي وئي آهي..
شايد ڪجھ ماڻهو شھرت حاصل ڪرڻ لاءِ جيئندا آهن، پر ڪجهه ماڻهو اهڙا به هوندا آهن جيڪي شھرت حاصل ڪرڻ کان پوءِ سمجهي ويندا آهن ته اصل سڪون تعريفن جي هجوم ۾ نه پر پنھنجي اندر جي خاموشيءَ ۾ لڪل آهي. اُهي ماڻهو اصل ۾ دنيا کي ٺڪرائيندا ناهن، پر دنيا جي شور کان پري ٿي پنھنجي روح جو آواز ٻُڌڻ لڳندا آهن ۽ شايد اهو ئي سبب آهي جو سندن گمنامي به ڪيترن ماڻهن جي شھرت کان وڌيڪ روشن ۽ يادگار بڻجي ويندي آهي.

بھترين ڪالم .