Homeادبڪالميقين جو ڪرشمو ۽ شعور جي طاقت

يقين جو ڪرشمو ۽ شعور جي طاقت

سنتوش ڪامراڻي
سنتوش ڪامراڻي
ڊاڪٽر سنتوش ڪامراڻي وڏي عرصي کان وٺي سنڌي ۽ اردوءَ ۾ مختلف سماجي علمن بابت مضمون لکندو رهي ٿو. پاڻ ميڊيڪل سائنسز، ماس ڪميونيڪيشن، تعليم، ۽ پبلڪ ايڊمنسٽريشن جي ادارن کان سواءِ يونيسڪو سان به ڪم ڪري چڪو آهي. هن وقت حيدرآباد جي هڪ نجي يونيورسٽيءَ ۾ فلسفو، انساني علم ۽ تعليمي نفسيات جھڙا موضوع پڙهائي ٿو.

انساني شعور جي هڪ عجيب خاصيت آهي ته هي رڳو حقيقت کي نٿو ڏسي، بلڪ حقيقت کي معنا به ڏئي ٿو. ۽ ڪڏهن ڪڏهن هيءَ ئي معنا، حقيقت کان وڌيڪ طاقتور ٿي ويندي آهي. جيڪڏهن توهان ڪنھن اسپتال جي وارڊ ۾ خاموشيءَ سان ويھي رهو، ۽ مريضن جي چھرن کي غور سان ڏسو، ته توهان کي هڪ عجيب تضاد محسوس ٿيندو. ڪجهه مريض شديد بيماريءَ جي باوجود اٽل نظر ايندا، جڏهن ته ڪجهه معمولي تڪليف جي باوجود ھارايل محسوس ٿيندا. هن فرق کي صرف پيٿالاجي يا مرض جي سڃاڻپ سان نٿو سمجهي سگهجي. هتي ڪو ٻيو ٻيو ۽ اڻ ڏٺو عنصر ڪم ڪري رهيو هوندو آهي، جنھن کي اسين يقين، اميد، يا ڪنھن وقت رڳو هڪ خاموش اندروني آٿت چئي سگهون ٿا.
سائنس هن مظھر کي هڪ نالو ڏنو آهي پليسيبو ايفيڪٽ (Placebo Effect). پر نالو رکي ڇڏڻ سان ان جي پراسراريت ختم نٿي ٿئي. هيءُ هڪ اهڙو نفسياتي گورک ڌنڌو آهي جنھن جون پاڙون انساني تاريخ، حياتيات ۽ فلسفي ۾ تمام گھريون کُتل آهن. جيڪڏهن اسين ان کي هڪ خالص علمي نقطئہ نظر سان ڏسون، ته معلوم ٿئي ٿو ته انساني دماغ هڪ اهڙي داخلي دوا سازي آهي، جيڪا رڳو ڪنھن خيال يا توقع جي بنياد تي ڪيمياوي تبديليون آڻڻ جي صلاحيت رکي ٿي. هيءُ بحث ان وقت دلچسپ رخ اختيار ڪري وٺي ٿو، جڏهن اسين ڏسون ٿا ته هڪ مريض رڳو هڪ کنڊ جي گوري کائي ان ڪري ٺيڪ ٿي وڃي ٿو جو کيس پنھنجي طبيب جي مھارت تي مڪمل ڀروسو هوندو آهي. جڏهن ٻي عالمي جنگ دوران زخمي سپاهين تي مشاهدو ڪيو ويو ته رڳو لوڻياٺي پاڻيءَ کي مارفين چئي لڳائڻ سان سندن درد ختم ٿي ويو، ته دنيا کي پھريون ڀيرو پليسيبو ايفيڪٽ جي ان پُراسرار طاقت جي پروڙ پئي، جيڪا انساني اعصابن کي ڪنٽرول ڪري ٿي.
يقين هڪ حفاظتي ديوار جو ڪم ڪري ٿو. البرٽ ايلس جھڙن نفسياتي ماهرن واضح ڪيو ته انسان واقعن کان ايترو متاثر نٿو ٿئي جيترو انھن بابت پنھنجن خيالن ۽ عقيدن کان ٿئي ٿو. جڏهن ڪو فرد اھو يقين ڪري وٺي ٿو ته حالتون بدلجي وينديون يا کيس ڪو غيبي يا ڪائناتي سھارو حاصل آهي، ته ان جي دماغ ۾ ڊوپامائن ۽ اينڊورفنز جون لھرون ڊوڙڻ لڳن ٿيون. هيءُ ڪيمياوي عمل نه صرف ان جي ذھني ڇڪتاڻ(اسٽريس) کي گهٽ ڪري ٿو بلڪ ان جي مدافعتي نظام کي به توانائي بخشي ٿو. اھا به حقيقت آهي ته وجودي اڪيلائيءَ جي خوف کان بچڻ لاءِ انسان کي ڪنھن نه ڪنھن صورت ۾ يقين جي ضرورت هوندي آهي. هتي سوال اھو پيدا ٿئي ٿو ته جيڪڏهن هي يقين رڳو هڪ ذهني سراب آهي، ته ڇا ان جي قدر ۽ قيمت گهٽجي وڃي ٿي؟ عقلي نقطئہ نظر سان، جيڪڏهن هڪ خوش فھمي ڪنھن انسان کي موت جي بستري تان اٿاري ٻيھر زندگيءَ جي ڊوڙ ۾ شامل ڪري سگهي ٿي، ته اهو وهم نه بلڪ هڪ حياتياتي حقيقت بڻجي وڃي ٿي.
ڪڏهن ڪڏهن ڪنھن شيءِ جي حقيقت ان تي يقين ڪرڻ سان ئي جنم وٺي ٿي. هي پاڻ سڃاڻڻ جي اڳڪٿي جو اهو مقام آهي، جتي هڪ ايٿليٽ پنھنجي سوڀ تي يقين ڪري پنھنجي جسماني حدن کان اڳتي نڪري وڃي ٿو. اها اصل ۾ انساني ارادي جي اها پوشيده قوت آهي جيڪا تقدير کي بدلائڻ جي سَگهہ رکي ٿي. جڏهن انسان پنھنجيءَ ذات جي مرڪز سان جڙي وڃي ٿو، ته ان جو اعتقاد هڪ اهڙي قوتِ محرڪه بڻجي وڃي ٿو جيڪا کيس ڏکين حالتن ۾ به ٽٽڻ نٿي ڏئي. هيءُ عمل سماجي طور تي به معاشري کي ڳنڍي رکي ٿو، جتي اجتماعي شعور جي ڪري ماڻهو هڪ گڏيل مقصد تي يقين رکندي، وڏا وڏا انقلاب برپا ڪري ڇڏيندا آهن. جديد نفسيات ۾ البرٽ باندرا ان کي ئي Self-Efficacy يعني پنھنجيءَ صلاحيت تي يقين جو نالو ڏنو، جيڪو ڪارڪردگي کي عملي حد تائين متاثر ڪري ٿو.
نيورو سائنس هاڻي اھو ثابت ڪري رهي آهي ته يقين رڳو هڪ تجريدي احساس ناهي، پر دماغ جي فرنٽل ڪورٽيڪس ۽ لمبڪ سسٽم جي وچ ۾ هڪ پيچيده مڪالمو آهي. تحقيق اسان کي ٻڌائي ٿي ته پليسيبو جو اثر ان وقت به رهي ٿو جڏهن مريض کي خبر هجي ته هو رڳو هڪ نقلي دوا وٺي رهيو آهي. هي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته انساني جبلت ۾ اميد جو مادو ان حد تائين گھرو آهي، جو اهو شعوري علم تي به غالب اچي وڃي ٿو. قديم قبيلا به ان نفسياتي مينيزم جو استعمال ڪندا هئا. سندن علاج جڙي ٻوٽين کان وڌيڪ ان ماحول ۽ يقين تي ٻڌل هوندو هو جيڪو مريض جي اندر شفا جي تڙپ پيدا ڪري ڇڏيندو هو. سماجي ماهر ان عمل کي اجتماعي جوش چون ٿا، جتي هڪ گروهه جو گڏيل يقين فردن جي انفرادي ڪمزورين کي ڍڪي ڇڏيندو آهي.
تنھن هوندي به، هن بحث جو ٻيو رُخ به انتھائي اهم آهي. ڇا اسين يقين کي رڳو هڪ پليسيبو چئي ان جي توهين ڪري رهيا آهيون يا ان کي هڪ سائنسي بنياد فراهم ڪري رهيا آهيون؟ نقادن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن يقين رڳو هڪ ڌوڪو آهي، ته اھو انسان کي حقيقي مسئلن کان پري فرار حاصل ڪرڻ طرف مائل ڪري ٿو. فرائيڊ يقين جي ڪجهه صورتن کي ٻاراڻين خواهشن جي تسڪين قرار ڏنو هو. پر سائنسي برادري اھو مڃڻ تي مجبور آهي ته اميد هڪ اهڙي بقائي ضرورت آهي، جنھن کان سواءِ انساني نسل شايد مايوسيءَ جي بار هيٺ دٻجي ڪڏهوڪو ختم ٿي چڪو هجي ها. برصغير جي لوڪ ڏاهپ ۾ “دردِ دل جي واسطي پيدا ڪيو انسان کي”جھڙا خيال اصل ۾ ان همدردي ۽ گڏيل يقين جي عڪاسي ڪن ٿا جيڪي سماجي ڍانچي کي مضبوط بڻائيندڙ آھن.
يقين جي نوعيت جيتوڻيڪ شفا بخش آهي، پر ان جي افاديت جو سمورو مدار ارادي رضامندي ۽ داخلي قبوليت تي هوندو آهي. جڏهن اسين ڪنھن ٻئي تي پنھنجا عقيدا مڙهڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، ته اسين اصل ۾ Harm Principle (نقصان جو اصول) جي خلاف ورزي ڪندا آهيون. ڪنھن جي شعور تي جبر ڪرڻ ان جي ذاتي خودمختياريءَ کي ڪچلڻ جي برابر آهي، ڇو ته جڏهن ڪو خيال ٻاهر کان مڙھيو وڃي ٿو، ته اهو انسان جي علمي توازن کي بگاڙي ڇڏي ٿو. سياسي مفڪرن آزاديءَ جي جن ٻن تصورن جو ذڪر ڪيو آهي، انهن مان منفي آزادي اها ئي آهي ته فرد کي ان جي داخلي معاملن ۾ مداخلت کان محفوظ رکيو وڃي. جيڪڏهن يقين ذهني سڪون جو باعث آهي، ته اھو سڪون صرف ان وقت ميسر اچي ٿو، جڏهن اھو فرد جي پنهنجي روح جو آواز هجي، نه ڪي ڪنھن معاشرتي دٻاءٓ جو نتيجو. جڏهن معاشرو سماجي جبر ذريعي ڪنھن کي مڃڻ تي مجبور ڪري ٿو، ته اتي سماجي هم آهنگيءَ بجاءِ نفسياتي منافقت جنم وٺي ٿي. اھو عمل فرد جي اندر ۾ سختي پيدا ڪري ٿو جيڪا آخرڪار سماجي ٽوڙ ڦوڙ جو سبب بڻجي ٿي، ڇو ته جبري اعتقاد ڪڏهن به داخلي اطمينان فراهم نٿو ڪري سگهي.
ٻئي طرف، جيڪڏهن ڪو فرد پنھنجيءَ ذات جي تڪليف کي مٽائڻ ۽ وجودي اڪيلائيءَ جي بار کي هلڪو ڪرڻ لاءِ ڪنھن اڻ ڏٺي خيال جو سھارو وٺي ٿو، ته ان کي معنا جي ڳولا جي تناظر ۾ ڏسڻ گهرجي. نفسياتدانن مختلف تجربن مان هڪ حيران ڪندڙ نتيجو ڪڍيو ته اهي قيدي جن وٽ زنده رهڻ جو ڪو معنوي سبب هو، انهن جي زنده رهڻ جا امڪان وڌيڪ هئا. هي بقا جو هڪ طريقو آهي جيڪو رڳو ان وقت تائين ڪارائتو رهي ٿو، جيستائين اھو انفرادي چونڊ جي حد تائين محدود رهي. خود اراديت جو نظريو ٻڌائي ٿو ته انسان جي نفسياتي ڀلائي ان جي خودمختياريءَ ۾ لڪيل آهي. جيڪڏهن ڪنھن جو تخيلاتي سھارو يا ان جو پنھنجو ذاتي ايمان کيس ڊپريشن ۽ نااميديءَ مان ڪڍي رهيو آهي، ته اها ان جي داخلي شفا آهي، پر ان کي هڪ عالمي سچائي بڻائي ٻين تي مڙهڻ هڪ فڪري غلطي آهي. انسان بي يقينيءٓ جي لمحن ۾ پنھنجي نفسياتي تسليءٓ لاءِ ڪجهه مخصوص نظرين جو سھارو وٺي ٿو، پر اھو سھارو رڳو ان وقت تائين ڪارآمد رهي ٿو، جيستائين اھو فرد جي پنھنجي نفسياتي ضرورت کي پورو ڪري. جڏهن اسين ان کي ٻين لاءِ لازمي قرار ڏيون ٿا، ته اسين اصل ۾ انهن جي اعصابي نظام تي حملي آور ٿيون ٿا، جنھن سان دفاعي جارحيت پيدا ٿئي ٿي. ننڍي کنڊ جي تھذيب ۾ به پنھنجي پنھنجي ڊفلي، پنھنجو پنھنجو راڳ جي چوڻي ان ئي انفرادي آزاديءَ جي عڪاسي ڪري ٿي، جيڪا اھو سيکاري ٿي ته يقين جي خوشبو کي صرف پنھنجي روح جي اڱڻ تائين محدود رکڻ ئي انسانيت جي تقاضا آهي، ڇو ته زبردستي لڳايل عطر ڪڏهن به دل کي معطر نٿو ڪري بلڪ ساهه منجهڻ جو احساس ڏياري ٿو.
مختصر طور، هي چوڻ غلط نه ٿيندو ته چاهي يقين هڪ پليسيبو ئي ڇو نه هجي، هي اهو مقدس ڪوڙ آهي جيڪو زندگي کي جيئڻ جي قابل بڻائي ٿو. جيڪڏهن دماغ جا گھرڙا رڳو هڪ مثبت خيال سان پنھنجي مرمت شروع ڪري سگهن ٿا، ته هي ڪائنات جو سڀ کان وڏو معجزو آهي. انسان کي حقيقت پسندي ۽ يقين جي وچ ۾ هڪ اهڙو توازن برقرار رکڻ گهرجي جتي هو پنھنجي عقل کي ته نه وڃائي، پر پنھنجي اميد جي شمع کي به اُجهامڻ نه ڏئي. يقين اصل ۾ انساني ارتقاءَ جو اهو نقطو آهي جتي مادو ۽ روح (ميٽا فزڪس) هڪ ٻئي جي ڳلي ملن ٿا، ۽ هي ثابت ڪن ٿا ته انسان رڳو گوشت جو لوٿڙو ناهي، بلڪ هو پنھنجي خيالن جو مجموعو آهي، ۽ اهو ئي يقين، اها خاموش دوا آهي جنھن کي انسان هميشه پنھنجي اندر کڻي گهمي ٿو. ڪڏهن شعوري طور، ڪڏهن غير شعوري طور ۽ جيڪا کيس بار بار ٽٽڻ جي باوجود ٻيھر اٿي بيھڻ جي صلاحيت ڏئي ٿي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا