Homeسنڌسياستپاڪستاني سياست ۾” گيم آف ٿرونز“۽ فڪري تسلط

پاڪستاني سياست ۾” گيم آف ٿرونز“۽ فڪري تسلط

ڇا ملڪ ۾ سڀ ڪجهه صحيح پيو هلي، پر صرف چند مخصوص ماڻهن کي غلط پيو لڳي؟ يا ماڻهو غلط سَھڻ، غلط ڪرڻ ۽ غلط کي صحيح سمجهڻ جا عادي ٿي چڪا آهن؟ يا ماڻهن مان غلط ۽ صحيح جي حس ئي ڇڏائي وئي آهي؟ يا وري سسٽم ئي اهڙو جوڙيو ويو آهي، جيڪو هر سرنديءَ واري جي ذاتي مفادن جو پورائو ڪري ته جيئن هو اجتماعي غلط جو حصو هجي يا ان تي رضامند رهي! بھرحال، هن غريب معاشري جي ايتري رضامندي واري عجيب روش به ڪمال آهي.

اطالوي مفڪر ۽ فلسفي انتونيو گرامشي (Antonio Gramsci) جي مشھور نظريي هيجموني (Hegemony) يعني بالادستي يا فڪري تسلط مطابق، حڪمران طبقا رڳو پوليس، فوج يا لٺ جي زور تي راڄ ناهن ڪندا، پر اهي عوام جي ذهني رضامندي (Consent) حاصل ڪري پنھنجو اقتدار برقرار رکندا آهن. ذهني رضامنديءَ ذريعي هيجموني برقرار رکڻ به اصل ۾ هڪ جادوئي عمل آهي، جنھن تحت حڪمران طبقو معاشري ۾ پنھنجي فڪر، نظام ۽ ترجيحن لاءِ پنھنجو بيانيو اهڙي نموني پيش ڪري ٿو جو عام ماڻهن کي اهو سڀ ڪجهه فطري ۽ عقلِ سليم لڳندو آهي، نتيجي ۾ عوام اڻڄاڻائيءَ ۾ پنھنجي ئي مظلوميت تي رضامند هوندو آهي. اها هيجموني ڪنھن جيل ۾ نه، پر سول سوسائٽي جي ادارن ذريعي پيدا ڪئي وڃي ٿي. گرامشيءَ جو چوڻ آهي ته اشرافيه، ميڊيا، مذهبي، ثقافتي ۽ تعليمي ادارن ۾ مخصوص بيانيي ذريعي عوام جي ذهنن کي اهڙي نموني پيرويءَ جو عادي بڻائي ڇڏي ٿي جو عام ماڻهو موروثي سياست ۽ اميرن جي هن تسلط کي هڪ اڻٽر فطري نظام سمجهي قبول ڪري وٺي ٿو. هو اهو به چوي ٿو ته هر طبقو پنھنجي سوچ کي ڦھلائڻ لاءِ پنھنجا دانشور پيدا ڪندو آهي. مثال طور، جيئن حڪمران طبقي جا نمائندا پاڻ يا سندن درٻاري دانشور، ڪالم نگار، اينڪرز ۽ بيوروڪريٽس حڪومت جي ناقص ايجنڊا ته ٺھيو پر موجوده نظام جي سمورن خرابين کي به جائز قرار ڏيڻ لاءِ دليل ڳوليندا آهن.

گرامشيءَ جي خيال پٽاندر، جيڪڏهن وچولي يا پورهيت طبقي کي تبديلي آڻڻي آهي ته کين پنھنجا آرگينڪ دانشور (Organic Intellectuals) پيدا ڪرڻا پوندا، جيڪي عوام ۾ سياسي شعور بيدار ڪن. سادن لفظن ۾، آرگينڪ دانشور مان مراد اهي ماڻهو آهن جيڪي ڪنھن خاص سماجي طبقي (جھڙوڪ پورهيت، هاري يا وچولي طبقي) جي اندران پيدا ٿين ۽ پنھنجي طبقي جي حقن، تڪليفن ۽ سياسي مفادن کي زبان ڏين. اهي رڳو ڪتابي ڳالهيون ڪرڻ بدران عملي طور تي پنھنجي ماڻهن سان گڏ بيھي حقيقي جدوجھد به ڪن. لڳي ايئن ٿو ته اسان جي ملڪ ۾ به اهڙي ئي طريقي سان بالادستي ۽ فڪري تسلط قائم آهي، جتي پورهيت ۽ وچولي طبقي کي اهو باور ڪرايو ويو آهي ته سياست صرف وڏن خاندانن جو، اخلاقي اصولن ۽ جمهوري روايتن کان آجو ڪو مھانگو شغل آهي، تنھن ڪري عام ماڻهو اڻڄاڻائيءَ ۾ پنھنجي ئي سياسي محروميءَ تي رضامند آهي. هتي سوال اهو به آهي ته ڇا اسان وٽ پورهيت يا وچولي طبقي مان پيدا ٿيندڙ دانشور موجود آهن؟ جي آهن، ته ڇا انهن جو تعداد گهٽ يا دانش اڻپوري هجڻ ڪري هن هيڏي وڏي بالادستي (Hegemony) سامهون اڃا بي وقعت آهن؟ يا تبديليءَ لاءِ ماحول ۾ اڃا اها مانڌاڻ جي منزل پري آهي، يا ماڳهين ڪو ٻيو جهول آهي؟
جارج آر. آر. مارٽن (George R.R. Martin) جي جڳ مشھور ناول ۽ ايڇ بي او (HBO) جي سيريز گيم آف ٿرونز (Game of Thrones) جو هڪ تمام مشھور جملو آهي ته ”اقتدار هڪ اهڙي راند آهي، جتي يا ته توهان کٽيندا آهيو يا مري ويندا آهيو، وچ وارو ڪو رستو ناهي هوندو.“ اها ڊراما سيريز خيالي ڪھاڻي ويسٽروس (Westeros) جي ستن راڄن ۽ ان جي لوهي تخت (Iron Throne) جي چوڌاري ڦري ٿي. پر جيڪڏهن اسان ڪھاڻي جي ان خيالي پردي کي هٽائي پنھنجي ملڪ جي سياسي تاريخ تي نظر وجهون، ته معلوم ٿيندو ته گذريل اڌ صديءَ کان پاڪستاني سياست به ڪنھن بي رحم گيم آف ٿرونز کان گهٽ ناهي رهي؛ جتي هڪ طرف ته سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن لاءِ جيل، سزائون، سختيون ۽ موت نظر اچي ٿو، ته ٻئي طرف اقتدار رڳو چند موروثي سرمائيدار خاندانن وچ ۾ گردش ڪندي ڏسي سگهجي ٿو. ڊرامي گيم آف ٿرونز ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته ڪيئن طاقتور گهراڻا (جھڙوڪ لئنيسٽر يا تاريگرين) پنھنجن مفادن لاءِ مذهبي ڪارڊ جو چالاڪيءَ سان استعمال ڪن ٿا، پنھنجي بقا ۽ اقتدار جي توسيع لاءِ خاندان جي عورتن جو سياسي سودو ڪن ٿا، ۽ دولت گڏ ڪرڻ کي پنھنجو سڀ کان وڏو هٿيار بڻائين ٿا. پاڪستاني سياست جو منظرنامو به ان کان مختلف ناهي. هتي به اليڪشن وڙهڻ ۽ اقتدار جو هماءُ پنھنجي مٿان ويھارڻ لاءِ اربين روپين جي سيڙپڪاري گهربل آهي، نتيجي ۾ هر دفعي اقتدار جا دعويدار به اهي ئي سرمائيدار سياسي گهراڻا ٿين ٿا. هاڻي ته انهن وٽ سيڙپڪاريءَ لاءِ نه صرف گهڻو پئسو آهي، پر اثر انداز ٿيڻ لاءِ سياسي ورثو، عوام کي هڪلڻ ۽ تخت لاءِ سودي بازيءَ جو چاليھن سالن کان مٿي جو تجربو به موجود آهي. اها سودي بازيءَ جي مھارت کين گڏيل فائدن ۽ نفعي لاءِ اتحاد ٺاهڻ ۾ مدد پڻ ڏئي ٿي. پر جيئن ڊرامي ۾ ٿيندو آهي، پنھنجن مفادن کي اڳتي وڌائڻ دوران ڌوڪن ۽ بي وفاين ڪري اهي اتحاد هميشه عارضي ثابت ٿيندا آهن.
ان پوري راند ۾ جيڪي پردي جي پٺيان اصل ڪردار هوندا آهن، تن کي ڊرامي جي ٻوليءَ ۾ اسپائي ماسٽرز (Spymasters) يا ڪنگ ميڪرز (Kingmakers) چيو وڃي ٿو، جھڙوڪ ليٽل فنگر يا لاهري ويرس. اسان جي خطي ۾ به سياسي منظرنامو انتھائي غير يقيني ۽ اوچتو تبديلين جو شڪار رهندو آهي. پردي جي پٺيان ويٺل سياسي چالباز اخلاقيات ۽ جمهوري قدرن کي هميشه هڪ اهڙي مبھم خاني ۾ رکندا آهن، جتي صحيح ۽ غلط جي تميز ختم ٿي ويندي آهي. نتيجي طور، اسان وٽ جمهوريت جي تعريف صرف چونڊ عمل دوران اڪثريت جا انگ اکر پوري ڪرڻ تائين محدود ٿي وئي آهي. خاص طور تي پوين ويھن سالن ۾ ٿيندڙ سياسي واقعن ۽ ميڊيا جي بنياد تي ٺھيل مصنوعي بيانيي هن روايتي جمهوريت کي مڪمل طور وائکو ڪري ڇڏيو آهي. قدرن ۽ معيارن کان خالي هيءَ جمهوريت هاڻي هڪ جهور پراڻي پر دلڪش حويلي ٿي چڪي آهي، جنھن جي ڀتين تي يادگار تصويرون ۽ ماضي جي سياسي قربانين جا قصا لکيل آهن. سرمائيدار سياسي پارٽين لاءِ هاڻي هن حويلي جو نماءَ صرف پئسا ڪمائڻ جو ذريعو آهي. هن سياسي گيم آف ٿرونز سڀ کان وڏو نقصان ملڪ جي اخلاقي ۽ جمهوري قدرن کي رسايو آهي. اقتدار جي بک ۽ ذاتي مفادن جي حاصلات لاءِ سياسي چالبازن معاشري مان صحيح ۽ غلط جي تميز کي ئي ختم ڪري ڇڏيو آهي. اڄ اسان هڪ اهڙي دور مان گذري رهيا آهيون، جتي سٺي ۽ خراب، رشوت ۽ ايمانداريءَ جي وچ ۾ جيڪا هڪ واضح ۽ نمايان ليڪ هوندي هئي، سا مڪمل طور ميسارجي چڪي آهي. جيڪا شيءِ ڪنھن دور ۾ سماجي ۽ اخلاقي طور تي هڪ عيب يا گناهه سمجهي ويندي هئي، تنھن کي هاڻي سياسي چالاڪي، مصلحت يا وقت جي ضرورت جي خوبصورت اصطلاح طور قبول ڪيو وڃي ٿو.
جڏهن ملڪ جا اعليٰ سياسي ڪردار اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ سرعام وفاداريون تبديل ڪن ٿا، نظرياتي سياست جو سودو ڪري پنھنجن ئي اصولن تان هٿ کڻن ٿا، تڏهن سڄي معاشري ۾ هڪ هاڃيڪار نفسياتي تبديلي جنم وٺي ٿي. ان جي نتيجي ۾ ايمانداري ۽ ديانتداري، جيڪي ڪنھن به جمهوري معاشري جا بنيادي ٿنڀ هوندا آهن، تن کي بيوقوفي يا ڪمزوريءَ سان تشبيھه ڏني وڃي ٿي. رشوت، جيڪا سماج جو ناسور هئي، سا هاڻي نظام کي هلائڻ لاءِ هڪ لازمي ”سھولت“ بڻائي پيش ڪئي وڃي ٿي. اڳي ماڻهن جي سڃاڻپ سندن ڪردار، علم ۽ ايمانداريءَ مان ٿيندي هئي، پر هن ڪسٽمائيزڊ سياست معاشري کي اهو سبق ڏنو آهي ته پئسو ۽ طاقت ئي سڀ ڪجهه آهن. جيڪڏهن توهان وٽ دولت آهي، ته توهان جا سڀ عيب، ڏوهه ۽ بدعنوانيون سياسي طاقت جي گندگي هيٺ لڪي وڃن ٿيون. ۽ پوءِ جڏهن اخلاقي ليڪون ميسارجي وينديون آهن، تڏهن عوامي شعور ڌنڌلائجڻ سبب ماڻهو سٺي ۽ خراب جي سڃاڻپ وڃائي ويھندا آهن. ماڻهو بدعنوان ڪردارن کي ”توهان جو چور، اسان جو ليڊر“ چئي مٿن ڀاڙڻ لڳندا آهن. مطلب ته عالم آشڪار نااهل ۽ بدعنوان سياستدان لاءِ به معاشري ۾ هڪ هاڪاري طبقو موجود رهندو آهي. اخلاق جو ھيءُ ابھام (Moral Ambiguity) معاشري کي اڳتي وڌڻ کان روڪيندو آهي، ڇاڪاڻ ته جتي سچ ۽ ڪوڙ جو فرق ئي ختم ٿي وڃي، اتي ڪنھن به سڌاري يا احتساب جي اميد نٿي رکي سگهجي.

هن ڊرامي گيم آف ٿرونز ۾ جارج آر. آر. مارٽن جو هڪ تمام گھرو جملو آهي ته ”جڏهن وڏا لاهري (Lords) گيم آف ٿرونز وڙهندا آهن، تڏهن سڀ کان وڌيڪ نقصان رڳو عام عوام جو ٿيندو آهي.“ اڄ پاڪستان جو پورهيت ۽ وچولو طبقو به ان عظيم جنگ جو نتيجو ڀوڳي رهيو آهي، جتي اڻھوند، بک، مھانگائي، بي روزگاري ۽ ناانصافي عوام جو مقدر بڻيل آهن، اتي اشرافيه دولت جا مزا ماڻيندي، اٽڪلن ذريعي تخت کي بچائڻ ۾ مصروف آهي. جمهوريت صرف ووٽ ڏيڻ يا پارليامينٽ جي عمارت جو نالو ناهي، پر هڪ اهڙي طرزِ سياست آهي جيڪا ايمانداري، شفافيت ۽ برابريءَ جي اصولن تي بيھندي آهي. پر جڏهن اشرافيه پنھنجي تخت کي بچائڻ لاءِ انهن سڀني اصولن کي پيرن هيٺان لتاڙي ڇڏي ٿي، تڏهن سڄو معاشرو اهڙي اخلاقي بحران ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي، جتي قانون جي حڪمراني رڳو ڪمزورن لاءِ، جڏهن ته طاقتور هر ڏوهه کان آزاد هوندو آهي.
ان ڪري، سياسي عمل جي نئين سر وصف جوڙڻ جو مطلب صرف نظام بدلائڻ ناهي، پر ان ميسارجي ويل اخلاقي ليڪ کي ٻيھر واضح ڪرڻ آهي، جيڪا ايمانداريءَ کي رشوت تي ۽ سچ کي ڪوڙ تي برتري ڏياري ٿي. جيڪڏهن اسان کي هڪ منصفاڻي، ترقي پسند ۽ برابري واري سماج جي اڏاوت ڪرڻي آهي، ته پوءِ اسان کي هن سياسي عمل جي نئين سر وصف جوڙڻي پوندي. اسان کي موروثي راڄن جي هن شيشي جي ديوار کي ٽوڙي، وچولي ۽ پورهيت طبقي جي متوازن شموليت کي يقيني بڻائڻو پوندو. جيستائين سياست عام ماڻهو جي ڏاهپ، قابليت ۽ سياسي شعور جي تابع نه ٿيندي، تيستائين ملڪي مستقبل کي تبديل نٿو ڪري سگهجي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا