سنڌ جي ادبي روايت جي هڪ خاص خوبي اها آهي ته هتي شاعري صرف ڪتابن ۾ نه رهي آهي. شاهه جي رسالي جا ڪئين حافظ ۽ حافظياڻيون سنڌ جي مڙني حصن ۾ پوين ٽن صدين ۾ شاھ سائينءَ کي جهُونگارينديون رهيون آھن؛ سچل جون ڪافيون فقيرن جي آواز ۾ نسلن تائين پھتيون آهن؛ شيخ اياز جا گيت شاگردن، مزدورن ۽ سياسي ڪارڪنن جي زبان تي رهيا آهن؛ استاد بخاريءَ ۽ حسن درس جي شاعري ڳوٺن، شھرن ۽ ادبي گڏجاڻين ۾ ساڳئي پنھنجائپ سان پڙهي وئي آهي. سياستدان، استاد، محقق ۽ مقرر، ڏاھا ۽ ٻار ان پوري شاعريءَ سان جڙيل رهيا آھن؛ انهيءَ ڪري سنڌ ۾ شاعري صرف ادب نه رهي؛ اها ماڻهن جي گڏيل يادگيري، گڏيل احساس ۽ گڏيل سڃاڻپ جو حصو بڻجي وئي.
هر نئون دور پنھنجا سوال کڻي اچي ٿو، ۽ هر نئون شاعر انهن سوالن جا جواب پنھنجي زماني جي ٻوليءَ ۾ ڳولڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. پر بنيادي فڪر ساڳيو رهي ٿو: سنڌ صرف رهڻ جي جاءِ نه آهي؛ اها هڪ تاريخي، ثقافتي ۽ انساني امانت آهي، جنھن کي هر پيڙهي پنھنجي پنھنجي انداز ۾ سمجهي ٿي، بيان ڪري ٿي، ۽ ايندڙ ٽھيءَ تائين پھچائي ٿي. اهڙيءَ ريت سنڌيت جو سفر اڃا جاري آهي، ۽ شايد اھا ئي هن روايت جي سڀ کان وڏي طاقت آھي.
سنڌ جو ورھاڱو ڇو نٿو ٿي سگهي؟
جيڪڏهن شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کان وٺي اڄ تائين سنڌ جي ادبي، روحاني ۽ فڪري روايت کي هڪ مڪمل تسلسل جي صورت ۾ ڏسجي، ته هڪ ڳالهه چٽي ٿي سامهون اچي ٿي: سنڌ جي وحدت بابت سنڌين جو موقف ڪنھن هڪ سياسي جماعت، ڪنھن هڪ حڪومت يا ڪنھن هڪ دور جي پيداوار نه آهي. اهو صدين تي پکڙيل هڪ تھذيبي ٻَڌي ۽ ايڪو آهي، جنھن پنھنجي اظھار لاءِ هر دور ۾ مختلف وسيلا اختيار ڪيا آهن. ڪڏهن اهو شاهه لطيف جي سُر مارئي ۾ نظر اچي ٿو، ڪڏهن شاهه عنايت جي جدوجھد ۾، ڪڏهن شيخ اياز جي شاعريءَ ۾، ۽ ڪڏهن سنڌ اسيمبليءَ جي متفقه قراردادن ۾. صورتون بدلجنديون رهيون آهن، پر بنيادي موقف ساڳيو رهيو آهي.
انهيءَ موقف جو پھريون بنياد سنڌ جي تاريخ ۾ آهي. دنيا ۾ ڪيترا ئي صوبا ۽ انتظامي علائقا حڪمرانن جي فيصلن يا بيٺڪي ضرورتن تحت وجود ۾ آيا، پر سنڌ انهن مان نه آهي. هيءَ دنيا جي قديم ترين مسلسل تھذيبي وحدتن مان هڪ آهي، جنھن جي سڃاڻپ هزارين سالن کان قائم آهي. اوڀر ۾ ٿر، اولھه ۾ کيرٿر جبل، ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ ۽ وچ مان وهندڙ سنڌو درياهه رڳو قدرتي حدون نه آهن؛ اهي انهيءَ تاريخي جاگرافيءَ جا حصا آهن، جن سنڌ جي تھذيب، معيشت ۽ سماج کي شڪل ڏني.
1843ع ۾ جڏهن برطانوي فوجن سنڌ تي قبضو ڪيو، تڏهن سنڌ ڪا نئين ٺھيل انتظامي وحدت نه هئي. اها ٽالپر حڪمرانن جي ماتحت هڪ الڳ ملڪ هئو، جنھن جون پنھنجون سياسي حدون، پنھنجو حڪومتي نظام، پنھنجو مالي انتظام ۽ پاڙيسري رياستن سان پنھنجا لاڳاپا هئا. انگريزن جي قبضي کان پوءِ سنڌ کي برطانوي هندستان جي انتظامي ڍانچي ۾ شامل ڪيو ويو، ۽ ڪجهه سالن بعد بمبئي پريزيڊنسيءَ سان ملايو ويو. اها تبديلي سنڌ جي تاريخي يا تھذيبي سڃاڻپ جي بنياد تي نه، پر بيٺڪي انتظامي سھولت لاءِ ڪئي وئي هئي. سنڌ جي سڃاڻپ ان سان نه جُڙي هئي، نه ئي ان سان ختم ٿي.
اهو ئي سبب هو جو سنڌ ۾ جلد ئي اها گهُر زور وٺڻ لڳي ته سنڌ کي پنھنجي الڳ حيثيت واپس ملڻ گهرجي. ڊگهي سياسي ۽ آئيني جدوجھد کان پوءِ 1936ع ۾ سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسيءَ کان ڌار ڪري ٻيھر جدا صوبي جي حيثيت ڏني وئي. اها ڪا نئين صوبي جي تخليق نه هئي؛ اها سنڌ جي تاريخي ۽ سياسي حيثيت جي بحالي هئي. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ 1955ع ۾ ون يونٽ لاڳو ڪيو ويو، جنھن وري سنڌ سميت اولھه پاڪستان جي سڀني صوبن کي هڪ انتظامي وحدت ۾ ضم ڪري ڇڏيو. سنڌين ان فيصلي کي رڳو انتظامي تبديلي نه، پر پنھنجي تاريخي سڃاڻپ، پنھنجي ٻولي ۽ پنھنجي آئيني حقن لاءِ هڪ وڏو خطرو سمجهيو. آخرڪار 1970ع ۾ ون يونٽ ختم ٿيو ۽ سنڌ جي صوبي واري حيثيت ٻيھر بحال ٿي. انهيءَ تجربي جي روشنيءَ ۾ ئي 1973ع جي آئين ۾ آرٽيڪل 239 شامل ڪيو ويو، جنھن موجب ڪنھن به صوبي جون حدون ان صوبي جي اسيمبليءَ جي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت جي منظوريءَ کان سواءِ تبديل نٿيون ڪري سگهجن. ان کان اڳ گڏيل قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ پڻ ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت سان اھو منظور ڪرڻ ضروري آھي. اهو رڳو هڪ قانوني بندوبست نه هو؛ اهو وفاق جي ان بنيادي اصول جو اظھار هو ته صوبا پنھنجي تاريخي ۽ سياسي سڃاڻپ سان وفاق جا برابر شريڪ آهن.
سنڌ اسيمبليءَ جو رڪارڊ به انهيءَ تسلسل جي تصديق ڪري ٿو. مختلف سياسي حالتن، مختلف حڪومتن ۽ مختلف جماعتن جي باوجود، سنڌ اسيمبلي ورجائيندي پڌرو ڪيو آهي ته سنڌ جي ورهاست يا ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ قبول نه ڪيو ويندو. 2019ع، 2024ع ۽21 فيبروري 2026ع تي منظور ٿيل قراردادون انهيءَ موقف جون جديد آئيني صورتون آهن. انهن جي اهميت صرف ايتري ناهي ته اهي اسيمبليءَ مان منظور ٿيون؛ اصل اهميت اها آهي ته انهن سنڌ جي اٽڪل سموري سياسي قيادت جي گڏيل راءِ کي ظاهر ڪيو. اهو ڪنھن هڪ جماعت جو موقف نه، پر صدين تي پکڙيل هڪ تھذيبي ايڪي جو جمهوري اظھار هو.
پر سنڌ جي وحدت جو سوال رڳو تاريخ ۽ آئين تائين محدود ناهي. سنڌ جو سماجي، معاشي ۽ ثقافتي ڍانچو پاڻ هڪ ٻئي سان ايترو ڳنڍيل آهي، جو ان کي مصنوعي لڪيرن سان ورهائڻ حقيقتن سان مطابقت نٿو رکي. ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص، شھيد بينظير آباد ۽ انهن سان ڳنڍيل هزارين ڳوٺ گڏجي هڪ ئي معاشي ۽ سماجي نظام جو حصو آهن. شھرن جون صنعتون، واپار ۽ بندرگاهه ٻھراڙيءَ جي زراعت سان ڳنڍيل آهن، جڏهن ته ٻھراڙيءَ جي معيشت شھرن جي مارڪيٽن، تعليم، صحت ۽ خدمتن سان لاڳاپيل آهي. سنڌ جي صوفي روايت، سنڌي ٻولي، گڏيل تاريخ ۽ ثقافتي ورثو انهن سڀني علائقن کي اهڙيءَ ريت پاڻ ۾ جوڙي ٿو، جو انهن کي جدا جدا انتظامي وحدتن ۾ ڏسڻ، زميني حقيقتن سان مطابقت نٿو رکي.
سنڌ جي وحدت جي حق ۾ شايد سڀ کان مضبوط دليل پاڻي آهي. سنڌ کي رڳو سياسي نقشي تي ڏسي نٿو سمجهي سگهجي؛ ان کي هيٺاهين سنڌو طاس جي حيثيت سان به ڏسڻو پوندو. سنڌ جي زراعت، آبپاشي، ڊيلٽا، ساحلي پٽي ۽ عربي سمنڊ سان لاڳاپيل ماحولياتي نظام سڀئي سنڌو درياهه جي هيٺئين وهڪري سان ڳنڍيل آهن. درياهه انتظامي سرحدن مطابق نٿو وهي؛ اهو پنھنجي قدرتي طاس مطابق وهي ٿو. انهيءَ ڪري پاڻيءَ جي ورڇ، آبپاشيءَ جو انتظام، ڊيلٽا جي بحالي، سامونڊي چاڙهه کان تحفظ ۽ سامونڊي ضلعن جي بقا به گڏيل رٿابندي ۽ گڏيل انتظام جا گهُرجائو آھن. جيڪڏهن اهڙي قدرتي نظام کي انتظامي طور ورهائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، ته مسئلا گهٽ نه ٿيندا، پر وڌيڪ پيچيده ٿيندا. پاڻيءَ جي نڪتئه نظر کان سنڌ جي ورهاست جو ڪو مضبوط جواز موجود ناهي؛ حقيقت ان جي ابتڙ آهي. فطرت سنڌ کي هڪ گڏيل هيٺاهين دريائي سرزمين بڻايو آهي، ۽ اها حقيقت ڪنھن به انتظامي تجويز کان وڌيڪ مضبوط آهي.
انهن سڀني سببن کي گڏ ڪري ڏسجي ته پڌرو ٿئي ٿو ته سنڌ جي وحدت جو دفاع ڪنھن هڪ جذبي يا ڪنھن هڪ سياسي موقف تي بيٺل ناهي. ان جي پويان تاريخي تسلسل، آئيني ضمانت، سماجي حقيقت، معاشي لاڳاپا، ثقافتي ورثو ۽ ماحولياتي ضرورت؛ اهي سڀ هڪ ٻئي کي مضبوط ڪن ٿا. انهيءَ ڪري سنڌ جي ورهاست بابت سنڌين جو موقف ڪنھن عارضي سياسي ردعمل جي صورت ۾ نه، پر هڪ ڊگهي تھذيبي تجربي جي فطري نتيجي طور سامهون اچي ٿو.
اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي ورهاست بابت هر نئون بحث آخرڪار ساڳئي بنيادي سوال ڏانھن موٽي اچي ٿو: ڇا هڪ اهڙي تاريخي، تھذيبي ۽ ماحولياتي وحدت، جيڪا هزارين سالن ۾ جُڙي هجي، ان کي رڳو انتظامي سھولت جي بنياد تي ٽُڪرن ۾ ورهائي سگهجي ٿو؟ سنڌ جي تاريخ، سنڌ جي ادب، سنڌ جي آئين ۽ سنڌ جي جاگرافي، چارئي هن سوال جو هڪ ئي جواب ڏين ٿا.
هڪ نظم، جيڪو اڃا لکجي رهيو آهي
دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ صوبا انتظامي سھولت لاءِ ٺاهيا ويندا آهن. وقت سان گڏ انهن جون حدون تبديل ٿينديون آهن، نوان صوبا وجود ۾ ايندا آهن، پراڻا ضم ٿيندا آهن، ۽ گهڻو ڪري انهن تبديلين کي رڳو انتظامي نظر سان ڏٺو ويندو آهي؛ پر سنڌ جي ڪھاڻي مختلف آهي.
سنڌ جي سڃاڻپ ڪنھن حڪومتي نوٽيفڪيشن، ڪنھن انتظامي فيصلي يا ڪنھن سياسي معاهدي سان شروع نه ٿي هئي. اها هزارين سالن جي گڏيل زندگي، گڏيل تاريخ، سنڌو درياهه جي وهڪري، هن ڌرتيءَ جي مٽي، ۽ انهن ماڻهن جي يادگيرين مان جُڙي آهي، جن هن سرزمين کي پنھنجو وطن سمجهيو. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کان وٺي اڄ تائين سنڌ جي ادبي، سياسي ۽ فڪري روايت انهيءَ ئي حقيقت کي مختلف لفظن، مختلف دورن ۽ مختلف حالتن ۾ بيان ڪندي آئي آهي.
شاهه لطيف مارئيءَ جي وسيلي ٻڌايو ته پنھنجي ڌرتيءَ سان وفاداريءَ جو ڪو مَٽ يا ڪو سودي وارو وکر ناهي. شاهه عنايت شھيد انهيءَ وفاداريءَ کي زمين تي انصاف سان ڳنڍيو. سچل سرمست ان کي انسان دوستي ۽ مذهبي رواداريءَ سان وسيع ڪيو. سامي ان گڏيل تھذيبي ورثي کي اڳتي وڌايو. شيخ اياز جديد دور ۾ انهيءَ فڪر کي سياسي شعور ۽ ثقافتي خوداعتماديءَ جي ٻولي ڏني. استاد بخاري ان آواز کي هارين، مزدورن ۽ عام ماڻهن تائين پھچايو، جڏهن ته حسن درس نئين نسل کي ياد ڏياريو ته سنڌ سان محبت، سنڌ جي درياهه، ماحول ۽ جاگرافيءَ سان محبت کان جدا نٿي ڪري سگهجي. انهن کان پوءِ به ڪيترا ئي شاعر، اديب، راڳي، محقق، سياستدان ۽ دانشور پنھنجي پنھنجي انداز ۾ انهيءَ روايت کي اڳتي وڌائيندا رهيا آهن.
انهيءَ ڪري سنڌ جي ورهاست بابت سوال، سنڌين لاءِ صرف انتظامي بحث ناهي. اهو اسان جي تاريخ، ٻولي، درياهه، ثقافت ۽ گڏيل سڃاڻپ بابت سوال آهي. ڪنھن به تاريخي تھذيب کي صرف نقشي تي ڇِڪيل لڪيرن سان سمجهي نٿو سگهجي، ۽ نه ئي ان جي وحدت کي رڳو انتظامي سھولت جي معيار تي پرکي سگهجي ٿو. سنڌ جي معاملي ۾ اها حقيقت وڌيڪ نمايان آهي، ڇاڪاڻ ته هتي تاريخ، جاگرافي، پاڻي، ٻولي ۽ ثقافت هڪ ٻئي سان اهڙيءَ ريت ڳنڍيل ۽ ڳُتيل آهن، جو انهن مان ڪنھن هڪ کي جدا ڪري ڏسڻ سان سڄي تصوير اڻپوري ٿي وڃي ٿي.
مارئي جي چونڊ، ترجيح، حوصلو ۽ وطن جي حب پوين ڪئين سياسي سماجي دورن جيان اڄ به سنڌ جي اجتماعي يادگيريءَ ۾ ساڳئي تازگيءَ سان زندهه آهي. ان دوران حڪومتون مَٽيون، سلطنتون ختم ٿيون، نوان ملڪ وجود ۾ آيا، آئين لکيا ويا، ۽ سياسي حالتون وري وري تبديل ٿيون، پر مارئيءَ جو جواب نه بدليو.
شايد اهو ئي هن ليک جو اصل نچُوڙ آهي.
سنڌ جي وحدت بابت سنڌين جو موقف ڪنھن عارضي سياسي جذبي جو نتيجو نه، پر هڪ ڊگهي تاريخي، ثقافتي ۽ فڪري سفر جي پختگي آهي. انهيءَ ڪري سنڌ جي ورهاست بابت هر نئون سوال، آخرڪار وري مارئيءَ جي انهيءَ ئي جواب ڏانھن موٽي اچي ٿو، جيڪو شاهه لطيف صديون اڳ سنڌ جي ماڻهن جي دلين ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو هو.
هر نئون دور ان کي پنھنجن لفظن ۾ بيان ڪري ٿو، هر نسل ان کي پنھنجين حالتن ۾ سمجهي ٿو، ۽ هر ڀيري جڏهن سنڌ بابت ڪو بنيادي سوال اٿاريو وڃي ٿو، ته ان جو جواب وري انهيءَ ساڳئي تاريخي يادگيريءَ مان ملي ٿو، جيڪا صدين کان هن ڌرتيءَ سان گڏ جيئري آهي.
سنڌ صرف نقشي تي موجود هڪ صوبو ناهي. اها هڪ زندهه تھذيب آهي. ۽ اها تھذيب اڃا پنھنجي ڪھاڻي لکي رهي آهي۔ پنھنجو نظم سرجي رھي آھي! (پورو ٿيو)
