ڀتيون رڳو سِرن، پٿرن ۽ سيمينٽ مان ٺھيل حدون ناهن هونديون. ڪي ڀتيون قيد جون نشانيون هونديون آهن، ڪي ملڪن ۽ ماڻهن جي وچ ۾ سرحدون ٺاهينديون آهن، ته ڪي وري اقتدار، خوف، مزاحمت ۽ آزاديءَ جون ڪھاڻيون پاڻ ۾ محفوظ رکنديون آهن. ڪڏهن انهن ڀتين تي لکيل هڪ جملو يا ٺھيل هڪ تصوير اهڙو سوال اٿاري ڇڏيندي آهي، جيڪو پارليامينٽ جي ڊگهي تقرير کان به وڌيڪ عرصي تائين ماڻهن جي ذهنن ۾ زنده رهي ٿو. شايد ان ڪري ئي دنيا جو پُراسرار فنڪار بينڪسي ڀتين کي پنھنجي اظھار لاءِ چونڊيندو رهيو آهي.
برطانيا جي ريڊنگ شھر ۾ هڪ پراڻي جيل جي ڀت تي بينڪسيءَ جي ٺاهيل تصوير مون لاءِ به اهڙي ئي هڪ ڀت ثابت ٿي، جيڪا مون کي رڳو هڪ فنڪار جي دنيا تائين نه، پر آزادي، سڃاڻپ، طاقت، سرحدن ۽ پنھنجيءَ سنڌ جي اڄوڪن سوالن تائين وٺي وئي. اڄ جڏهن سنڌ ۾ به انتظامي ورهاست، نون صوبن ۽ تاريخي وحدت بابت بحث اڀريل آهي، تڏهن اهو سوال وڌيڪ اهم محسوس ٿئي ٿو ته ڀتيون ۽ لِيڪون آخر ماڻهن جا مسئلا حل ڪن ٿيون يا نوان فاصلا به پيدا ڪن ٿيون؟ هيءُ مضمون ان سياسي سوال جو سڌو جواب ڏيڻ بدران، بينڪسي جي فن مان اڀرندڙ علامتن وسيلي ان تي سوچڻ جي هڪ ڪوشش آهي.
مان پنھنجي برطانيا جي سفر دوران هڪ ڏينھن پنھنجي دوست ڊاڪٽر دائم درواڻ سان گڏ ريڊنگ شھر گهمي رهيو هئس ته هڪ جاءِ تان گذرندي، سامهون پراڻي جيل جي ديوار تي ٺھيل هڪ غيرمعمولي فن پارو نظر آيو. معلوم ٿيو ته ان جو تخليقڪار اهڙو گمنام فنڪار آهي، جيڪو شھرن جي ڀتين، عمارتن ۽ عوامي جڳھين تي تصويرون ٺاهي، پنھنجي چھري بدران پنھنجي فن کي ماڻهن آڏو ڇڏي وڃي ٿو. اڄ تائين سندس اصل سڃاڻپ بابت مڪمل يقين سان ڪجهه چوڻ آسان ناهي، پر سندس تصويرون دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ سڃاتيون وڃن ٿيون.
اها ڳالهه مون لاءِ ڏاڍي حيران ڪندڙ هئي: هيءُ ڪھڙو فنڪار آهي، جنھن جون تصويرون سڄي دنيا سڃاڻي ٿي، پر دنيا کيس نٿي سڃاڻي؟ هو پنھنجي چھري کي لڪائي، ڀتين کي آواز ڇو بڻائي ٿو؟ ۽ هڪ جيل جي ڀت تي ٺھيل تصوير انسان کي آزاديءَ کان وٺي پنھنجي ڌرتي، سڃاڻپ ۽ سياسي سرحدن تائين ايترا سوال سوچڻ تي ڇو مجبور ڪري ٿي؟ اهو تجسس مون کي بينڪسي جي زندگي، فن، علامتن ۽ فڪري پسمنظر جي کوجنا ڏانھن وٺي ويو. منھنجي سامهون آهستي آهستي رڳو هڪ گمنام برطانوي فنڪار نه، پر جديد دور جو هڪ وڏو ثقافتي، سياسي ۽ اخلاقي سوال ظاهر ٿيڻ لڳو. ان فنڪار جو نالو بينڪسي آهي.
ريڊنگ جيل جي ديوار تان فرار ٿيندڙ قيدي، جنھن جي فن پاري منھنجو ڌيان ڇڪايو.
مارچ 2021ع ۾ ظاهر ٿيل هن تصوير ۾ هڪ قيدي جيل جي ڀت تان ڪاغذن جي ڊگهي پٽيءَ جي مدد سان هيٺ لھندي ڏيکاريو ويو آهي. ان ڪاغذي رسيءَ جي هيٺئين حصي سان هڪ ٽائيپ رائيٽر ٻڌل آهي. بينڪسي بعد ۾ هڪ وڊيو ذريعي هن فن پاري جي تصديق ڪئي. اهو ڪم Create Escape يعني ”تخليق وسيلي فرار“ جي نالي سان مشھور ٿيو.
ظاهري طور اها هڪ قيديءَ جي جيل مان فرار ٿيڻ جي تصوير آهي، پر جيڪڏهن ان کي ٿورو غور سان ڏسجي ته اها رڳو جسماني فرار جي ڪھاڻي ناهي. جيل جي ڀت رياست، سزا، پابندي ۽ قيد جي علامت بڻجي ٿي؛ ڪاغذ ادب، لکڻ ۽ تخليق جي علامت آهي؛ جڏهن ته ٽائيپ رائيٽر اظھار جي آزاديءَ جي نمائندگي ڪري ٿو.
قيدي ڀت کي ڪنھن هٿيار، ڏاڪڻ يا طاقت وسيلي پار نٿو ڪري. هو لفظن ۽ تخليق جي مدد سان جيل مان ٻاهر نڪري رهيو آهي. ڄڻ بينڪسي اهو چوڻ چاهي ٿو ته انسان جو جسم قيد ٿي سگهي ٿو، پر سندس تخيل، فڪر ۽ اظھار کي هميشه لاءِ قيد نٿو ڪري سگهجي.
ريڊنگ جيل جي هن تصوير جي اهميت ان ڪري به وڌي وڃي ٿي، جو هي جيل مشھور آئرش شاعر، ناٽڪ نگار ۽ اديب آسڪر وائلڊ سان جڙيل آهي. وائلڊ کي 1895ع ۾ قيد جي سزا ڏني وئي هئي. جيل جي اذيتناڪ تجربي سندس زندگي ۽ ادب تي گھرو اثر وڌو. سندس مشھور نظم The Ballad of Reading Gaol ۽ خط De Profundis انهيءَ دور جي درد، اڪيلائيءَ ۽ انساني تذليل سان لاڳاپيل آهن.
بينڪسي جي تصوير ۾ ڏيکاريل قيديءَ کي سرڪاري طور آسڪر وائلڊ جو پورٽريٽ قرار نه ڏنو ويو آهي، پر تصوير جو هنڌ، ڪاغذن جي رسي ۽ ٽائيپ رائيٽر ان کي وائلڊ جي ادبي ورثي سان ڳنڍين ٿا. ڄڻ هڪ صديءَ کان پوءِ هڪ ٻيو گمنام فنڪار انهيءَ جيل جي ڀت تي اچي اهو چئي رهيو هجي ته ادب اڄ به جيل جي ديوار کان وڌيڪ طاقتور آهي.
اهو فنڪار، جنھن جو چھرو هڪ راز آهي.
بينڪسي اصل ۾ ڪير آهي؟ ان سوال جو صحيح جواب اڃا تائين ڪنھن وٽ به موجود ناهي.
“Banksy” سندس اصل نالو نه، پر هڪ تخلص آهي. مختلف وقتن تي سندس سڃاڻپ بابت ڪيترائي نظريا پيش ڪيا ويا. ڪڏهن کيس برسٽل سان تعلق رکندڙ رابن گننگهم نالي شخص سان ڳنڍيو ويو، ته ڪڏهن چيو ويو ته بينڪسي ڪنھن هڪ ماڻهوءَ بدران فنڪارن جي هڪ ٽيم آهي. وڏي پيماني جي نمائش، مختلف ملڪن ۾ منصوبن ۽ منظم ميڊيا رابطن سبب ٽيم وارو نظريو به بحث هيٺ رهيو آهي، پر انهن مان ڪا به دعويٰ قطعي حقيقت طور ثابت ناهي ٿي سگهي.
ممڪن آهي ته ڪيترن ئي ماڻهن پنھنجي زندگيءَ ۾ هن کي ڏٺو يا ساڻس ڪم ڪيو هجي، پر عوام آڏو سندس اصل سڃاڻپ ۽ تصديق وارو چھرو ظاهر ناهي ٿي سگهيو. اها گمنامي هاڻي سندس شخصيت جو اتفاقي نه، پر بنيادي حصو بڻجي چڪي آهي.
هن جي گمناميءَ جو هڪ قانوني سبب به ٿي سگهي ٿو. عوامي يا نجي ملڪيت تي اجازت کان سواءِ تصوير ٺاهڻ ڪيترن هنڌن تي قانوني ڏوهه سمجهيو وڃي ٿو. جيڪڏهن هو پنھنجي سڃاڻپ ظاهر ڪري ها، ته مٿس ملڪيت کي نقصان پھچائڻ يا غيرقانوني گرافيٽي (Graffiti) جا ڪيس هلي سگهن پيا. گرافيٽي (Graffiti) اهڙي لکڻي، نشان، نالي، شڪل يا تصوير کي چئبو آهي، جيڪا عام طور ڀت، پل، ٽرڪ، بس، ريل گاڏي، عمارت يا ڪنھن عوامي جاءِ تي رنگ، اسپري پينٽ، مارڪر وغيره سان ٺاهي وڃي. مثال طور پاڻ وٽ ڪفيل ڀائي گهوٽڪيءَ وارو هو. جيڪو 1980ع واري ڏهاڪي ۾ ٽرڪن، لارين ۽ بسن تي رنگين تصويرون ٺاهڻ ۽ پنھنجو نالو لکڻ سبب مشھور ٿيو. بينڪسي ڀتين تي پنھنجو نشان ڇڏي گمنام رهيو، جڏهن ته ڪفيل ڀائي سنڌ جي روڊن تي هلندڙ ٽرڪن ۽ بسن کي پنھنجو ڪئنواس بڻائي، هر تصوير تي پنھنجو نالو ڇڏي مشھور ٿيو. ٻنهي وٽ شھر ۽ روڊ ئي گيلري بڻيل رهيا.
پر بينڪسيءَ جي گمنامي رڳو قانون کان بچڻ جي تدبير ناهي. اها هڪ فڪري ۽ فني حڪمت عملي پڻ آهي. جديد دنيا ۾ فنڪار، اداڪار ۽ مشھور شخصيتون پنھنجو چھرو، لباس، گهر، روزاني زندگي ۽ ذاتي لاڳاپا به شھرت جو حصو بڻائين ٿا. بينڪسي ان سڄي ثقافت کي ابتو ڪري ڇڏيو آهي. هن پنھنجي چھري کي هٽائي، پنھنجي ڪم کي مرڪز ۾ آندو آهي.
هو ڄڻ اسان کان پڇي ٿو: ڇا فن کي سمجهڻ لاءِ فنڪار جو چھرو ڏسڻ ضروري آهي؟
بينڪسيءَ جي غيرموجودگي ئي سندس سڀ کان وڏي موجودگي بڻجي وئي آهي. ماڻهو جڏهن ڪنھن ڀت تي نئين تصوير ڏسن ٿا ته سڀ کان پھريان اهو سوال ڪن ٿا ته ڇا هي بينڪسي جو ڪم آهي؟ پر ڪجهه ئي لمحن کان پوءِ تصوير جو سوال فنڪار جي سڃاڻپ تي غالب اچي وڃي ٿو.
بينڪسي جو برسٽل کان شروع ٿيندڙ سفر
بينڪسي جي فني سفر جو تعلق انگلينڊ جي شھر برسٽل سان جوڙيو وڃي ٿو. 1980ع ۽ 1990ع وارن ڏهاڪن ۾ برسٽل موسيقي، گرافيٽي، هپ هاپ، ريگي، ڊب ۽ متبادل ثقافتي تحريڪن جو اهم مرڪز هو. شھر جي بندرگاهي تاريخ، غلامن جي واپار سان جڙيل ماضي، نسلي تنوع، پورهيت پاڙا ۽ سياسي احتجاج نوجوان فنڪارن لاءِ هڪ غيرمعمولي ماحول پيدا ڪندا هئا.
اهڙي ماحول ۾ بينڪسي ڀتين کي پنھنجو ڪئنواس بڻايو. شروعات ۾ هو روايتي گرافيٽي ٺاهيندو هو، پر بعد ۾ هن اسٽينسل واري طريقي کي اختيار ڪيو. اسٽينسل ۾ تصوير جو خاڪو اڳواٽ ڪاغذ يا ٻئي مواد تي ڪٽي تيار ڪيو ويندو آهي. پوءِ اهو خاڪو ڀت تي رکي اسپري رنگ هڻڻ سان تصوير ٿوري وقت ۾ مڪمل ٿي ويندي آهي.
غيرقانوني يا غيرمجاز هنڌن تي ڪم ڪندڙ فنڪار لاءِ رفتار ضروري هوندي آهي. پوليس يا عمارت جي مالڪ جي اچڻ کان اڳ ڪم مڪمل ڪري اتان تڪڙو ڀڄي وڃڻو هوندو آهي. بينڪسي اسٽينسل جي انهيءَ عملي ضرورت کي هڪ مڪمل فني ٻوليءَ ۾ بدلائي ڇڏيو. سندس تصويرن ۾ غيرضروري تفصيل گهٽ آهن، پر علامتي معنيٰ گھري نظر اچي ٿي. ڪارو، اڇو ۽ ڪڏهن هڪ مخصوص رنگ، خاص طور ڳاڙهو، استعمال ڪري هو اهڙو منظر ٺاهي ٿو ، جيڪو چند سيڪنڊن ۾ ڏسندڙ جي ذهن ۾ نقش ٿي وڃي ٿو.
بينڪسي هڪ گمنام برطانوي اسٽريٽ آرٽسٽ آهي، جنھن جون فني پاڙون برسٽل جي گرافيٽي تحريڪ ۾ آهن. هن پنھنجي شروعات گرافيٽي آرٽسٽ طور ڪئي، پر اسٽينسل گرافيٽي کي سياسي ۽ سماجي علامتن سان اهڙي سطح تي پھچايو آهي، جو سندس ڪم روايتي گرافيٽي جون حدون اورانگهي جديد اسٽريٽ آرٽ ۽ همعصر عوامي فن جو حصو بڻجي ويو آهي.
بينڪسي جي تصويرن ۾ ڳالهائيندڙ علامتون
بينڪسي جي فن ۾ ڪجهه ڪردار ۽ شيون بار بار ظاهر ٿين ٿيون: ٻار، ڪوئا، باندر، پوليس آفيسر، سپاهي، گل، ڦوڪڻا ۽ ڀتيون. سندس تصويرن ۾ ٻار معصوميت، مستقبل ۽ اميد جي علامت آهن. پر اهي ٻار اڪثر اهڙي دنيا ۾ بيٺل نظر اچن ٿا، جيڪا وڏن ماڻهن جنگ، غربت، سرحدن يا صارف پرستيءَ وسيلي خراب ڪئي وئي آهي. ڪوئا اهڙي مخلوق آهي، جيڪا شھر جي اونداهين ڪنڊن ۾ زنده رهي ٿي. ماڻهو ان کي پسند نٿا ڪن، پر اها ختم نٿي ٿئي. بينڪسي وٽ ڪوئو حاشيي تي ڌڪيل انسان، باغي نوجوان ۽ گمنام اسٽريٽ آرٽسٽ جي علامت بڻيل آهي. گل امن ۽ اخلاقي مزاحمت جي نشاني آهن. پوليس طاقت، قانون ۽ نگرانيءَ جي نمائندگي ڪري ٿي. باندر اقتدار جي غرور، سياسي نااهلي ۽ انساني خودپسنديءَ تي طنز بڻجي ويل آهن. ڀت پاڻ سرحد، قيد، ملڪيت ۽ رياستي طاقت جي علامت آهي.

بينڪسي جي سڀ کان مشھور تصويرن مان هڪ Girl with Balloon (ڦوڪڻي واري ڇوڪري) آهي. ان ۾ هڪ ننڍڙي ڇوڪري ڳاڙهي دل جي شڪل واري ڦوڪڻي ڏانهن هٿ وڌائي رهي آهي. اهو واضح ناهي ته ڦوڪڻو سندس هٿ مان نڪري ويو آهي يا هوءَ ان کي پڪڙڻ چاهي ٿي. ان ڪري تصوير هڪ ئي وقت وڃايل محبت، اميد، آزادي ۽ انساني آرزوءَ جي علامت بڻجي وئي آهي.
2018ع ۾ جڏهن انهيءَ تصوير جو هڪ نمونو لنڊن جي Sotheby’s نيلامي گهر ۾ وڪاميو، ته نيلامي مڪمل ٿيندي ئي فريم ۾ لڪايل مشين تصوير کي ڪترڻ شروع ڪيو. اڌ ڪٽيل تصوير کي پوءِ Love Is in the Bin (محبت ڪچري جي ٽوڪريءَ ۾ ) نالو ڏنو ويو. هتي بينڪسي شايد آرٽ جي واپار تي طنز ڪرڻ چاهي آهي، پر سرمائيداراڻي مارڪيٽ ان احتجاج کي به وڌيڪ قيمتي فن پاري ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.
سندس هڪ ٻئي مشھور فن پاري Flower Thrower ۾ نقاب پوش احتجاج ڪندڙ پٿر يا باهه واري بوتل بدران گلن جو گلدستو اڇلائي ٿو. جسم جي سموري ڪاوڙ ۽ احتجاج موجود آهي، پر هٿيار تبديل ٿي ويو آهي. تصوير ٻڌائي ٿي ته امن ڪمزوري نه، پر مزاحمت جو هڪ وڌيڪ اخلاقي طريقو به ٿي سگهي ٿو.
بينڪسيءَ جي هڪ ٻئي فنپاري Kissing Coppers ۾ ٻه وردي پوش پوليس آفيسر هڪ ٻئي کي چمي ڏين ٿا. وردي طاقت، ضابطي ۽ سختيءَ جي علامت آهي، جڏهن ته چمي محبت، قربت ۽ انساني نرميءَ جي. ٻنهي کي گڏ رکي بينڪسي طاقت جي روايتي مرداڻي تصور کي ٽوڙي ٿو.
Devolved Parliament واري تصوير ۾ وري پارليامينٽ جي بينچن تي انسانن بدران چمپينزي ويٺل ڏيکاريا اٿس. عمارت، تقريرون ۽ پارلياماني رسمون ساڳيون آهن، پر نمائندا باندر آهن. هي تصوير جمهوريت جي توهين نه، پر جمهوريت جي زوال، سياسي نااهلي ۽ اقتدار جي بيحسيءَ تي طنز آهي.
Mobile Lovers ۾ هڪ مرد ۽ عورت هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي بيٺا آهن، پر ٻنهي جون نظرون پنھنجي موبائل فونن تي آهن. جسماني طور گڏ هوندي به ذهني طور پري آهن. تصوير جديد انسان جي انهيءَ اڪيلائيءَ کي ظاهر ڪري ٿي، جيڪا مسلسل رابطي جي باوجود وڌندي وڃي ٿي.
COVID-19 جي وبا دوران ٺاهيل Game Changer ۾ هڪ ٻار Batman ۽ Spider-Man جا رانديڪا هڪ پاسي رکي، نرس جي گڏي سان کيڏي ٿو. نرس ماسڪ پاتل آهي ۽ سندس پٺيان سپر هيرو واري چادر ڦڙڪي رهي آهي. بينڪسي هيرو جي پراڻي تعريف بدلائي ڇڏي: اصل هيرو اهو نه، جيڪو آسمان ۾ اڏامي، پر اهو آهي، جيڪو وبا جي ڏينھن ۾ بيمارن جي خدمت ڪري. (هلندڙ)
mustafanangraj@gmail.com
