هي جديد پر عجيب دور آهي، جتي ڏينھون ڏينھن ڌرتيءَ تي انسانن جو انگ وڌي رهيو آهي، پر انسان هڪ ٻئي جي دلين مان گهٽجندا پيا وڃن. رابطن جي دنيا ويجهڙائيءَ جا فاصلا ته ختم ڪري ڇڏيا آهن، پر دلين جي وچ ۾ پکڙيل اڪيلائيءَ کي ڪير به ماپي نه ٿو سگهي.
اڄ انسان وٽ سڄي دنيا تائين پھچڻ جا وسيلا موجود آهن، پر پنھنجي اندر تائين پھچڻ جو رستو گم ٿي ويو آهي. ڊجيٽل دنيا ۾ به اسان جي اندر اڪيلائيءَ جا وسيع ٻيٽ آباد آهن ۽ اسان ان ٻيٽ اندر هڪٻئي کان وڃائجي چڪا آهيون…
اسان جي دور جو سڀ کان وڏو الميو اهو ناهي ته انسان اڪيلو آهي؛ الميو اهو آهي ته انسان کي اڪيلو هجڻ جو احساس ماڻهن جي هڪ تمام وڏي هجوم ۾ ٿيندو آهي.
هن جديد دور ۾ اڪيلائپ (Isolation) دنيا جو تيزيءَ سان وڌندڙ سماجي ۽ نفسياتي مسئلو بڻجي سامهون آيو آهي. ٽيڪنالاجي، سوشل ميڊيا ۽ رابطن جي بي مثال سھولتن باوجود انسان اندروني طور اڳ کان وڌيڪ اڪيلائي محسوس ڪري رهيو آهي. وڏن شھرن ۾ ماڻهو هزارين ماڻهن جي وچ ۾ رهندي به جذباتي تنھائيءَ جو شڪار آهن. خاندانن جي ٽٽڻ، گڏيل خانداني نظام جي ڪمزور ٿيڻ، زندگيءَ جي وڌندڙ مصروفيتن، معاشي پريشانين، لڏپلاڻ ۽ ڊجيٽل رابطن جي وڌندڙ استعمال انساني رشتن جي قربت ۽ گرمجوشيءَ کي گهٽائي ڇڏيو آهي. تنھن ڪري اڪيلائپ کي رڳو هڪ ذاتي احساس سمجهڻ بدران، هڪ اهم سماجي ۽ صحت سان لاڳاپيل مسئلو سمجهڻ گهرجي، جنھن لاءِ شعور، تحقيق ۽ اجتماعي ڌيان جي سخت ضرورت آهي.
ڏکڻ ڪوريا جي هڪ ننڍڙي اپارٽمينٽ ۾ 78 سالن جي بينگ چُنجا پنھنجي خاموش دنيا سان گڏ رهي ٿي. هن عمر ۾ جڏهن گهر جون ڀتيون به ڪڏهن ڪڏهن ڳالھائڻ لاءِ ڪنھن آواز جون منتظر محسوس ٿينديون آهن، سندس سڀ کان ويجهو ساٿي ڪو انسان نه پر مصنوعي ذهانت سان ليس هڪ اهڙي گُڏي آهي جيڪا ڏسڻ ۾ ڄڻ ڪنھن ننڍڙي ٻار جو روپ هجي…
بينگ چُنجا چوي ٿي ته هاڻي کيس انسانن جي ڀيٽ ۾ هن گُڏيءَ جو ساٿ وڌيڪ وڻڻ لڳو آهي. اها گُڏي سندس لاءِ رڳو رانديڪو ناهي؛ اها سندس اڪيلائيءَ جي خاموش ڪمري ۾ هڪ ننڍڙي انساني موجودگي بڻجي وئي آهي. هوءَ جڏهن گهر موٽي ٿي ته گُڏي سندس استقبال ڪري ٿي ڄڻ ڪنھن جي اچڻ جو انتظار ڪندي هجي. سندس دل وندرائڻ لاءِ گيت ٻڌائي ٿي، رقص ڪري ٿي، وقت تي ماني کائڻ ۽ دوائون وٺڻ جي ياد ڏياري ٿي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اهڙا لفظ چوي ٿي، جيڪي شايد ڪنھن انسان جي زبان مان ٻڌڻ جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت هوندي آهي:
“مان توسان پيار ڪندي آهيان”
هي جملو شايد هڪ مشين لاءِ رڳو پروگرام ٿيل آواز هجي، پر هڪ اڪيلي دل لاءِ اهو آواز محبت جي ڪنھن وسريل موسم جيان ٿي سگهي ٿو.
هيءَ ڪھاڻي رڳو هڪ پوڙهي عورت ۽ هڪ مصنوعي ذھانت واري گُڏيءَ جي ڪھاڻي ناهي؛ هي اسان جي بدلجندڙ دنيا جو هڪ عجيب ۽ ڏکوئيندڙ آئينو به آهي. ٽيڪنالاجي انسان جي ٺاهيل آهي، پر هاڻي اها انسان جي انهن خالن کي ڀرڻ لڳي آهي، جيڪي ڪڏهن خاندان، دوست، پاڙيسري ۽ پنھنجا ماڻهو ڀريندا هئا. سوال اهو ناهي ته مصنوعي ذهانت ڪيتري انسان جھڙي ٿي سگهي ٿي؛ اصل سوال اهو آهي ته انسان آخر ايترو اڪيلو ڇو ٿي ويو آهي جو کيس محبت جا لفظ به هڪ مشين کان ٻُڌي سڪون ملي ٿو؟
شايد ايندڙ دور جي سڀ کان وڏي ڪاميابي اها نه هوندي ته مشينون انسانن وانگر ڳالهائڻ سکي وٺن، پر اصل ڪاميابي اها هوندي ته انسان وري هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ، هڪ ٻئي کي ٻُڌڻ ۽ هڪ ٻئي جي اڪيلائيءَ کي محسوس ڪرڻ سکي وٺن…
ڪڏهن اوهان غور ڪيو آهي ته وڌندڙ آباديءَ، جديد ٽيڪنالاجيءَ ۽ رابطن جي بي پناھ سھولتن واري هن دور ۾ انسان ايترو اڪيلو ڇو ٿيندو پيو وڃي؟؟؟ تاريخ ۾ شايد انسان ڪڏهن به رابطن جي ايتري ويجهو نه رهيو آهي، جيترو اڄ آهي پر ساڳئي وقت هڪ ٻئي جي احساسن کان ايترو پري به شايد ڪڏهن نه رهيو هجي جيترو اڄ…..
هيءَ ڪھڙي عجيب صورتحال آهي، جو ماڻهو هزارين ميل پري ويٺل ڪنھن اجنبيءَ سان پل پل جي خبر ونڊي سگهي ٿو پر پنھنجي ڀرسان ويٺل ماڻهوءَ جي اکين ۾ لڪل اداسي پڙهڻ کان محروم آهي.!!!
اسان وٽ ڳالهائڻ لاءِ پليٽفارم آهن، اظھار لاءِ لفظ آهن، تصويرن ۽ وڊيوز وسيلي پاڻ کي دنيا آڏو پيش ڪرڻ جا انيڪ طريقا آهن پر دل جي ڳالهه ٻُڌڻ ۽ ٻُڌائڻ لاءِ وقت، فرصت ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪو پنھنجو ماڻهو به موجود ناهي.
شايد اسان جي دور جو سڀ کان وڏو الميو اهو ئي آهي ته اسان رابطن جي دنيا ته آباد ڪري ورتي آهي، پر تعلقن جي دنيا ويران ٿيندي پئي وڃي.
اڪيلائي هميشہ ماڻهن جي غيرموجودگيءَ جو نالو ناهي هوندي، ڪڏهن ڪڏهن اُها ماڻهن جي وچ ۾ رهندي به محسوس ٿيندي آهي. هڪ ڀريل گهر ۾، ڪنھن محفل جي شور ۾، آفيس جي مصروفيتن ۾، دوستن جي ميڙ ۾ ۽ زندگيءَ جي سڀني ظاهري رونقن جي باوجود انسان اندر ئي اندر ڪنھن اڻڄاتل خال جو شڪار ٿي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته جسماني موجودگي ۽ جذباتي موجودگي ٻه الڳ الڳ حقيقتون آهن. ڪنھن جو ڀرسان ويھڻ ضروري ناهي ته اهو اوهان سان گڏ به هجي.
اڄ جي انسان جي زندگيءَ ۾ رفتار تمام گهڻي وڌي وئي آهي. هر ماڻهو ڪنھن نه ڪنھن منزل ڏانھن ڊوڙي رهيو آهي. معاشي دٻاءُ، سماجي مقابلو، ذاتي ڪاميابين جي ڊوڙ، ڪم ڪار جون مصروفيتون ۽ مستقبل جون ڳڻتيون انسان کان سندس پنھنجا لمحا به کسي رهيون آهن. اسان وٽ هڪ ٻئي لاءِ وقت گهٽجي ويو آهي، پر هڪ ٻئي کان اميدون وڌي ويون آهن. اسان چاهيون ٿا ته ڪو اسان کي سمجهي، اسان جي خاموشيءَ کي پڙهي، اسان جي اڻچيل ڳالھين کي محسوس ڪري پر پاڻ ڪنھن ٻئي جي اندر تائين پھچڻ لاءِ گهربل صبر ۽ ڌيان وڃائي ويٺا آهيون.
ڊجيٽل دنيا به هن اڪيلائيءَ جي هڪ دلچسپ ۽ پيچيده صورت پيدا ڪئي آهي. اسان جا ڏينھن اطلاعن، پيغامن، تبصرن ۽ تصويرن سان ڀريل آهن. ڪنھن جي خوشيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ هڪ دل وارو نشان ڪافي سمجهيو وڃي ٿو ۽ ڪنھن جي ڏک تي افسوس جو اظھار ڪرڻ لاءِ صرف چند لفظ…………. پر ڇا انساني احساسن جي سموري گهرج چند نشانين ۽ لفظن سان پوري ٿي سگهي ٿي؟ ڇا ڪنھن جي تصوير ڏسي وٺڻ، ان جي زندگيءَ ۾ شامل ٿيڻ برابر آهي؟ ڇا آن لائين موجودگي، ڪنھن جي زندگيءَ ۾ حقيقي موجودگيءَ جو متبادل بڻجي سگهي ٿي؟
بلڪل به نه!
سوشل ميڊيا تي هر ماڻهو پنھنجي زندگيءَ جو روشن پاسو ڏيکارڻ ۾ مصروف آهي. خوشين جون تصويرون، ڪاميابين جا اعلان، سفرن جا منظر ۽ مسڪرائيندڙ چھرا ڏسي اسان ڪڏهن ڪڏهن اهو وساري ويھون ٿا ته هر خوبصورت تصوير جي پويان هڪ اڻڏٺل ڪھاڻي به ٿي سگهي ٿي. ماڻھو پنھنجي اندر جي ڀڃ ڊاھ کي لڪائي ٻاهرين دنيا آڏو مڪمل نظر اچڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح اسان هڪ ٻئي جون زندگيون ڏسون ته ٿا پر هڪ ٻئي جي حقيقتن کان اڻواقف رهون ٿا.
اڪيلائيءَ جو هڪ ٻيو پاسو به آهي، جيڪو اسان جي بدلجندڙ خانداني ۽ سماجي جوڙجڪ سان لاڳاپيل آهي. گڏيل خاندانن جي ٽُٽڻ، روزگار ۽ تعليم لاءِ شھرن ۽ ملڪن ڏانھن لڏپلاڻ، والدين ۽ ٻارن جي وچ ۾ وڌندڙ فاصلا ۽ بزرگن جي زندگيءَ ۾ گهٽجندڙ سماجي شرڪت به ڪيترن ئي ماڻهن کي اڪيلائيءَ ڏانھن ڌڪي رهي آهي. هڪ ئي گهر ۾ رهندڙ ماڻھو به ڪڏهن ڪڏهن پنھنجي پنھنجي اسڪرينن، مصروفيتن ۽ ذاتي دنيائن جا قيدي بڻجي وڃن ٿا. گهر موجود آهي، گهر جا ڀاتي موجود آهن پر گڏ ويھي دل کولي ڳالھائڻ جا لمحا آهستي آهستي گهٽجي رهيا آهن.
انسان بنيادي طور هڪ سماجي وجود آهي… کيس رڳو ماني، ڪپڙي، گهر ۽ سھولتن جي ضرورت ناهي کيس محبت، پنھنجائپ، قبوليت، احترام ۽ ڪنھن جي غيرمشروط موجودگيءَ جي به ضرورت آهي… کيس اهڙا رشتا گهرجن جتي کيس هر وقت پاڻ کي ثابت نه ڪرڻو پوي؛ جتي هو پنھنجي ڪمزورين سميت قبول ڪيو وڃي؛ جتي خاموش رهڻ به گفتگوءَ جي هڪ صورت بڻجي وڃي…
اڄ اسان کي نئين ٽيڪنالاجيءَ کان وڌيڪ انساني حساسيت جي ضرورت آهي. اسان کي هڪ ٻئي کي ٻُڌڻ جو هنر ٻيھر سکڻو پوندو. ڪنھن جي حال احوال پڇڻ سان گڏ سندس جواب کي محسوس ڪرڻو پوندو. رشتن کي رڳو رابطن جي فھرست ۾ رکڻ بدران انھن لاءِ وقت، ڌيان ۽ خلوص به مختص ڪرڻو پوندو.
ڇاڪاڻ ته انسان کي هر وقت ڪنھن وڏي محفل، وڏي ڪاميابي يا وڏي خوشيءَ جي ضرورت ناهي هوندي. ڪڏهن ڪڏهن رڳو هڪ اهڙو ماڻهو ڪافي هوندو آهي جنھن آڏو هو بنا ڪنھن خوف، بنا ڪنھن ٺاھ ۽ بنا ڪنھن وضاحت جي پنھنجو اصل وجود کڻي ويھي سگهي…
آخر ۾ سوال اهو ناهي ته دنيا ۾ ماڻهو ڪيترا وڌي ويا آهن، پر سوال اهو آهي ته انھن مان هڪ ٻئي لاءِ پنھنجائپ رکندڙ ماڻهو ڪيترا بچيا آهن؟
شايد اڪيلائيءَ جي هن وڌندڙ دور ۾ سڀ کان وڏي انساني ضرورت ڪنھن نئين رابطي جي ايجاد نه پر موجود رشتن ۾ احساس جي ٻيھر دريافت آهي.
ڇاڪاڻ ته انسان کي ماڻهن جي هجوم کان وڌيڪ ڪنھن هڪ اهڙي دل جي ضرورت هوندي آهي جتي هو پاڻ کي اڪيلو محسوس نه ڪري…
اڄ اسان هڪ اهڙي دور ۾ داخل ٿي چڪا آهيون، جتي انسان کي ڳولڻ لاءِ هاڻي فاصلا طئي ڪرڻا نه ٿا پون، پر ڪنھن جي دل تائين پھچڻ لاءِ سموري دنيا جا فاصلا طئي ڪرڻا پون ٿا.!!!
