Homeادببلاگسنڌي ادبي سنگت جي بري حال کان آفيس جي بُري حال تائين

سنڌي ادبي سنگت جي بري حال کان آفيس جي بُري حال تائين

سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي آفيس ۾ گوڏي جيڏي مٽي ۽ دروازي تي گند جا ڍير ڏسي، دل ڏکاري ٿي وئي. ھيءَ ”ايشيا جي وڏي ۾ وڏي“ ادبي تنظيم آھي، جنھن جي مرڪزي دفتر جي، سوشل ميڊيا تي آيل تصويرن کان پوءِ ڳالهين جا دفتر کلي پيا آھن. پٿر پرائو سور پنھنجا تہ ٻڌا ھئاسين، پر ھتي تہ پراڻا پٿر ئي گم لڳا پيا آھن. ھڪڙا پٿر تنھنجا ، ھڪڙا پٿر منھنجا ….

ھن آفيس لاءِ پلاٽ تڏھوڪي سيڪريٽري جنرل ايازگل ورتو. ڪيئن ۽ ڪھڙن جُھدن سان  ورتو، اھي الڳ ڳالهيون آھن، جن تي ايازگل ئي لکي ۽ ڳالھائي سگهي ٿو، جي مناسب سمجهي. ھا مٿس ”سنگت پلاٽ“ جا ڪاغذ ڦٻائڻ/ضبط ڪرڻ/ نہ ڏيڻ وارن بي بنياد الزامن جو راڳ بہ ڪئين سال آلاپيو ويو. پلاٽ تي، عمارت جو بنياد ان کان پوءِ واري سيڪريٽري ادل سومري رکيو، جنھن ھڪ سر، ھڪ سئو رپيا جي حساب سان چندو ڪيو. سڄي سنڌ جي اديبن ان مھم ۾ ”بڙھہ چڙھہ ڪر“ حصو ورتو، ڦڙي ڦڙي تلاءُ بڻجي پيو ۽ آفيس جو بنياد رکيو ويو. جنھن کي پاڻ ڊي پي سي بہ چوندا آھيون. 2003ع ۾ محمد ابراھيم جويي صاحب جي ھٿان اھو نيڪ ڪم ڪرايو ويو. اڳتي ھلي نئين سيڪريٽري جنرل مشتاق ڦل پنھنجي دؤر ۾ مرڪزي آفيس کڙي ڪرائي. ھن سڌو سرڪار سان رابطو ڪيو، ۽ سرڪار کيس سٺي موٽ ڏني. عمارت جي تعمير جي حوالي سان پئسي پائيءَ جي ھير ڦير ۽ ناقص ڪم جا الزام بہ سامهون آيا، جن جي اڪلاءَ لاءِ ڪاميٽيون بہ ٺھيون. ان عمارت جي پيڙھہ جو پٿر بہ محمد ابراھيم جويي صاحب جي ھٿان 2013ع ۾ رکيو ويو. تڏھوڪي ثقافت کاتي سنڌ جي وزير سسئي پليجو ۽ خيرپور سان تعلق رکندڙ پ پ پ اڳواڻ جاويد شاھہ جيلانيءَ جا نالا بہ، مشتاق ڦل جي نالي سان گڏ پٿر تي اڪريل ملن ٿا. ھي اھو ئي تازه ترين پٿر آھي، جنھن جي ھيٺان گند جو ڍير پيو آھي، ۽ جنھن جون تصويرون ھاڻوڪي سيڪريٽري جنرل احمد سولنگيءَ پنھنجي فيس بڪ وال تي رکيون آھن. ھا، وچ ۾، سنگت جي سيڪريٽري يوسف سنڌيءَ اھا عمارت وڪڻي، حيدرآباد ۾ سنگت لاءِ ڪوئي فليٽ بہ خريدڻ جو رٿيو ھو. يوسف جي ان رٿ تي ڪيترائي خريدار بہ سامهون آيا ھئا، پر اھو منصوبو رچي نہ سگهيو.

سنڌي ادبي سنگت جي بري حال کان آفيس جي بُري حال تائين

مرڪزي دفتر جي ھيڻن حالن جون تصويرون سوشل ميڊيا تي ڇا آيون، ھڪ نئون بحث ڇڙي پيو، پھرئين ”گم ٿيل پٿر“ جا سُورَ جاڳي پيا. ”نئين پٿر“ جي وارث سيڪريٽريءَ چيو: ”پراڻو پٿر تہ ڇا، پراڻي پيڙھہ اسان اکئين نہ ڏٺي. اتي تہ ڪاريءَ وارا ڪک ھيا. بَرُ ھيو، جنھن ۾ اسان بھاري ڪري ڇڏي.“

سڀئي ڳالهيون پنھنجي جاءِ تي. پر، ڇا اھو ممڪن ناھي تہ اسان پراڻين ڳالهين کي ڇڏي، ڪو نئون جھان جوڙيون. ان سلسلي ۾ ڪجهہ خيال ھي بہ آھن:

ڇونہ مرڪزي آفيس جي صفائي، ضروري مرمت ۽ رنگ روغن ڪرائي ان کي نئين سر آباد ڪيو وڃي. اھڙو آفيس سيڪريٽري مقرر ڪيو وڃي، جيڪو روز جي بنياد تي آفيس کولي ۽ مقرر وقت آفيس ۾ گذاري، کيس ھڪ ٻن ماڻهن تي مشتمل سھڪاري اسٽاف بہ ڏجي، تہ جيئن آفيس، آفيس وانگر تہ لڳي. انهيءَ لاءِ ان اسٽاف کي مناسب اجورو بہ ڏجي. ڪٿان ڏجي؟ اھو چونڊيل نمائندن کي سوچڻ گهرجي.

سنڌي ادبي سنگت جي بري حال کان آفيس جي بُري حال تائين

آفيس جي ھڪ ڪارنر ۾ سيڪريٽري جنرل جي ٽيبل ڪرسي ھڻجي، سنگت جو سمورو رڪارڊ (جي ھجي تہ) اتي ھڪ جاءِ ھٿيڪو ڪجي. گهٽ ۾ گهٽ چانھن جي ڪوپ جي حاصلات جيتري ڪينٽين ٺھڻ گهرجي. ڪئين ورھيه اڳ اعلانيل ”گوبند مالهي لئبريري“ کي شروع ڪجي، ڀلي ان جي شروعات ھڪڙي ئي ڪٻٽ کان ڪجي. سنگت جي ميمبرن، پبلشنگ ادارن کي ڪتابن جي عطيي جي اپيل ڪجي. ڦڙي ڦڙي تلاءُ تہ وري بہ ٿي ويندو. ھڪ ڪنڊ ۾ سنگت پبليڪيشن جي آفيس ٺاھجي، ھڪ ڪنڊ ۾ سنگت ڪتاب گهرڙو ھجي، جتي سنگت پاران ڇپايل ڪتاب وڪري لاءِ موجود ھجن (جي آھن، ۽ جي ڇپائڻ جو ارادو ھجي)، دفتر جي ديوارن تي گهٽ ۾ گهٽ سنگت جي اڳوڻن سيڪريٽري جنرلن جون تصويرون ھڪڙي ئي اسڪيم ۾ ٺھرائي ھڻائجن، سنگت جي آفيس ۾ ھفتيوار ۽ ماھوار موضوعاتي گڏجاڻيون (آن لائين بہ) ۽ ننڍڙيون تقريبون رکجن، سنگت جي مٿئين فلور ۾ ”سنگت رھائش“ جو انتظام به ممڪن ٿي سگهي ٿو. حيدرآباد ڪمين ڪارين يا سنگت جي اجلاسن ۾ پري پري کان آيل سنگت ميمبرن/ليکڪن کي مناسب ملهه تي رھائش ڏئي سگهجي ٿي. اسان مسڪين اديب، شاعر پٽ تي سمهي به گذارو ڪري سگهون ٿا…

ملڻ کي رليءَ جيان مٿان اوڍجي

وڇوڙو وڇاڻو ڪجي، دل ڏجي.

پرينءَ کان سوا جي سمھڻ سوچجي

پٿر جو وھاڻو ڪجي، دل ڏجي.

(حسن درس)

ادبي سنگت جي ويب سائيٽ تي نہ ٿا ڳالهايون، پھريان سنگت مرڪز جو فيس بڪ پئج ئي ٺھي پوي..

”ھيڪر جي گڏجن تہ چوانِ…..“

1 COMMENT

  1. پيارا امر اقبال زبردست، سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي آفيس جي ھاڻوڪي حالت جا ذميوار به مشتاق ڦل وارا آھن. اڳوڻو سيڪريٽري جنرل نور چاڪراڻي ۽ اڳوڻو آفيس سيڪريٽري آغا ظفر به سندن حامي ھئا. لڳي ٿو ته اھي ھڪ ڏينھن به آفيس نه ويا ھئا. سائين تاج جويي جي دور ۾ آفيس اندر گوبند مالھي لائبريري لاء الماڙيون ورتيون ويون ۽ ڪجھ ڪتاب به سائين تاج جويي جي دور ۾ گڏ ڪري رکيا ويا ھئا.
    آزاد انور ڪانڌڙو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

لاڳاپيل مضمون

نوان مضمون

مختلف ڀاڱا